020 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 135 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
طٰهٰ 1ۚ
طاها (هي حُروفِ مقطعات آهن هنن جو مطلب الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)مَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْاٰنَ لِتَشْقٰٓي 2ۙ
(اي نبيءِ محترم!) اسان تو تي قرآن هن لاءِ نه لاٿو آهي ته تون تڪليف ۾ پئجي وڃين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِلَّا تَذْكِرَةً لِّمَنْ يَّخْشٰى 3ۙ
مگر هڪ نصيحت آهي ان ماڻهو لاءِ جيڪو (الله کان) ڊڄي ٿو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)تَنْزِيْلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْاَرْضَ وَالسَّمٰوٰتِ الْعُلٰى 4ۭ
ان (الله) جي طرفان لاٿل آهي جنهن زمين کي ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَلرَّحْمَنُ عَلَي الْعَرْشِ اسْتَوٰى 5
(اُهو) وڏو مهربان آهي جو (ڪائنات جي ) تختِ سلطنت تي جلوه فرما آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَـحْتَ الثَّرٰى 6
(سڀ) سندس آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي آلي مِٽِي (يعني زمين جي هيٺئين آخري تهه) جي هيٺان آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِنْ تَجْــهَرْ بِالْقَوْلِ فَاِنَّهٗ يَعْلَمُ السِّرَّ وَاَخْفٰي 7
۽ جي تون ڳالهه ڏاڍيان ڪرين (يا آهستي) ته بيشڪ اهو (هر) ڳُجھه ۽ لِڪل شيءِ کي ڄاڻي ٿو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ لَهُ الْاَسْمَاۗءُ الْحُسْنٰى 8
الله اُهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي. ان جا نالا تمام سهڻا آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى 9ۘ
۽ ڇا تو وٽ موسى جي ڳالهه پهتي آهي؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِذْ رَاٰ نَارًا فَقَالَ لِاَهْلِهِ امْكُـثُوْٓا اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا لَّعَلِّيْٓ اٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِقَبَسٍ اَوْ اَجِدُ عَلَي النَّارِ هُدًى 10
جڏهن ان هڪ باهه کي ڏٺو پوءِ پنهنجي گهروارن کي چيائين ته: ”ترسو مون هڪ باهه ڏٺي آهي شايد ان مان ڪو ٽانڊو اوهان وٽ کڻي اچان يا باهه وٽ (پهچڻ سان) مون کي رستي جي رهنمائي ملي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَلَمَّآ اَتٰىهَا نُوْدِيَ يٰمُوْسٰى ۭ11
پوءِ جڏهن ان (باهه) وٽ آيو ته آواز آيو : ”اي موسى)
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنِّىْٓ اَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ ۚ اِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۭ12
بيشڪ آءٌ تنهنجو پالڻهار آهيان سو تون پنهنجي جُتي لاهه، بيشڪ تون طُوى جي پاڪ وادي ۾ آهين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوْحٰى 13
مون تو کي (رسالت لاءِ) چونڊيو آهي پوءِ تون ٻُڌ جا تو کي وحي ڪئي وڃي ٿي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّنِيْٓ اَنَا اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاعْبُدْنِيْ ۙ وَاَ قِمِ الصَّلٰوةَ لِذِكْرِيْ 14
بيشڪ آءٌ الله آهيان مون کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ تون منهنجي عبادت ڪر ۽ منهنجي يادگيري لاءِ نماز قائم ڪر.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ اَكَادُ اُخْفِيْهَا لِتُجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا تَسْعٰي 15
بيشڪ (قيامت جي) گهڙي اچڻ واري آهي آءٌ ان (جي وقت) کي لڪل رکڻ چاهيان ٿو هن لاءِ ته هر شخص کي ان جو بدلو ملي جنهن لاءِ اهو ڪوشش ڪري ٿو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَلَا يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لَّا يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوٰىهُ فَتَرْدٰى 16
پوءِ تو کي ان (قيامت جي فڪر) کان اُهو ماڻهو روڪي نه وجهي جيڪو ان تي ويساهه نه ٿو رکي ۽ پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳو آهي ورنه تون (به) هلاڪ ٿي ويندين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمَا تِلْكَ بِيَمِيْنِكَ يٰمُوْسٰى ١7
۽ تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ اي موسى!“
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ هِىَ عَصَايَ ۚ اَتَـوَكَّؤُا عَلَيْهَا وَاَهُشُّ بِهَا عَلٰي غَنَمِيْ وَلِيَ فِيْهَا مَاٰرِبُ اُخْرٰى 18
(موسيٰ ) چيو: ”هيءَ منهنجي لٺِ آهي، جنهن تي ٽيڪ لڳايان ٿو ۽ اُن سان پنهنجي ٻڪرين لاءِ پَنَ ڇاڻيان ٿو ۽ منهنجي لاءِ ان ۾ ٻيا به (گهڻا) فائدا آهن“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ اَلْقِهَا يٰمُوْسٰى 19
(الله) فرمايو: ”ان کي اڇلاءِ اي موسى“!
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَاَلْقٰىهَا فَاِذَا هِىَ حَيَّةٌ تَسْعٰي 20
پوءِ ان کي اڇلايائين ته اُتي جو اُتي نانگ ٿي پئي (جو) ڊوڙڻ لڳو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)