002 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 286 آيتون ۽ 40 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
الۗمّۗ 1ۚ
الف لام ميم (هي حروف مقطعات آهن، هنن جي اصل معنيٰ ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ بهتر ڄاڻن ٿا)
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ ڔ ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ 2ۙ
(هيءُ) اهو ڪتاب آهي جو ڪو شڪ نه آهي.. ان ۾ .. هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِـمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۙ
اهي (پرهيزگار) ماڻهو جيڪي ڳُجهه تي ايمان آڻن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ جيڪي اسان کين رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ۚ وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
۽ جيڪي ايمان آڻن ٿا ان (قرآن ) تي جيڪو تو تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان (ڪلامِ الاهي) تي جيڪو توکان اڳ نازل ڪيو ويو هيو ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اُولٰۗىِٕكَ عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ ۤ وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهي ئي پنهنجي پالڻهار جي طرفان هدايت تي آهن، ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَھُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 6
بيشڪ اُهي ماڻهو جي ڪفر (اختيار) ڪري چُڪا انهن لاءِ هڪ جهڙو آهي جو تون انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين، اُهي ايمان ڪونه آڻيندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)خَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَـمْعِهِمْ ۭ وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 7ۧ
الله مُهر هنئي آهي انهن جي دلين تي ۽ انهن جي ڪنن تي، ۽ انهن جي اکين تي پردا (پيل) آهن ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَبِالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَمَا ھُمْ بِـمُؤْمِنِيْنَ 8ۘ
۽ ماڻهن مان ڪي چون ٿا: ”اسان ايمان آندو الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي“، حالانڪه اُهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يُـخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ وَمَا يَـخْدَعُوْنَ اِلَّآ اَنْفُسَھُمْ وَمَا يَشْعُرُوْنَ 9ۭ
اهي دوکو ڏيڻ چاهن ٿا الله کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ پر (اصل ۾) اهي پنهنجو پاڻ کي ئي دوکو ڏين ٿا ۽ اهي (ان ڳالهه جي) سمجھه ئي نه ٿا رکن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فِىْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَھُمُ اللّٰهُ مَرَضًا ۚ وَلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ ڏ بِـمَا كَانُوْا يَكْذِبُوْنَ 10
انهن جي دلين ۾ بيماري آهي، پوءِ الله به انهن کي بيماريءَ ۾ وڌائي ڇڏيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي، هن ڪري جو اهي ڪوڙ چوندا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَ رْضِ ۙ قَالُوْٓا اِنَّـمَا نَـحْنُ مُصْلِحُوْنَ 11
۽ جڏهن به کين چيو ويو ته زمين ۾ فساد برپا نه ڪيو ته چيائون: ”اسان ته صرف اصلاح ڪرڻ وارا آهيون“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَلٰكِنْ لَّا يَشْعُرُوْنَ 12
خبردار! بلاشڪ اِهي ئي فسادي آهن ۽ پر اهي سمجھه نه ٿا رکن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ اٰمِنُوْا كَـمَآ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْٓا اَنُؤْمِنُ كَـمَآ اٰمَنَ السُّفَهَاۗءُ ۭ اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ السُّفَهَاۗءُ وَلٰكِنْ لَّا يَعْلَمُوْنَ 13
۽ جڏهن به کين چيو ويو ته ايمان آڻيو جيئن (ٻين) ماڻهن ايمان آندو آهي ته چيائون: ”ڇا اسان ائين ايمان آڻيون جيئن بي وقوفن ايمان آندو آهي“؟ خبردار بلاشڪ اهي ئي بي وقوف آهن ۽ پر اهي نه ٿا ڄاڻن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِذَا لَقُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْٓا اٰمَنَّا ښ وَاِذَا خَلَوْا اِلٰى شَيٰطِيْنِهِمْ ۙ قَالُوْٓا اِنَّا مَعَكُمْ ۙ اِنَّـمَا نَـحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ 14
۽ جڏهن اهي (منافق) ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا: ”اسان ايمان آندو آهي“ ۽ جڏهن اهي پنهنجي شيطانن سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا: ”بيشڪ اسان ته اوهان سان گڏ آهيون اسان رُڳو (مسلمانن سان) ٺٺول ڪرڻ وارا آهيون“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَللّٰهُ يَسْتَهْزِئُ بِـهِمْ وَيَـمُدُّھُمْ فِىْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَھُوْنَ 15
الله انهن کي ٺٺول جي سزا ڏئي ٿو ۽ انهن کي مُهلت ڏئي ٿو اهي پنهنجي سرڪشي ۾ (انڌن وانگر) ڀٽڪي رهيا آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى ۠ فَـمَا رَبِـحَتْ تِّـجَارَتُھُمْ وَمَا كَانُوْا مُهْتَدِيْنَ 16
هي اهي ماڻهو آهن جن هدايت جي عيوض گمراهي خريد ڪئي، پوءِ انهن جو سودو نفعي وارو نه ٿيو ۽ نه اُهي هدايت وارا ٿيا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)مَثَلُھُمْ كَـمَثَلِ الَّذِى اسْـتَوْقَدَ نَارًا ۚ فَلَمَّآ اَضَاۗءَتْ مَا حَوْلَهٗ ذَھَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَتَرَكَھُمْ فِىْ ظُلُمٰتٍ لَّا يُبْصِرُوْنَ 17
انهن جو مثال ان ماڻهو وانگر آهي جنهن باهِه ٻارِي، پوءِ جڏهن انهيءَ (باهه)انهن جي آس پاس کي چمڪائي ڇڏيو ته الله انهن جي روشني کسي ورتي ۽ انهن کي اونداهين ۾ (ائين) ڇڏي ڏنائين جو ڪجهه نه ٿا ڏسن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ۻ بُكْمٌ عُـمْىٌ فَھُمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ۙ18
اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن پوءِ اُهي (حق ڏانهن) نه ٿا موٽن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاۗءِ فِيْهِ ظُلُمٰتٌ وَّرَعْدٌ وَّبَرْقٌ ۚ يَـجْعَلُوْنَ اَصَابِعَھُمْ فِىْٓ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ ۭ وَاللّٰهُ مُـحِيْطٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ 19
يا (انهن جو مثال) آسمان کان وسندڙ مينهن (۾ ڦاٿل ماڻهن) وانگر آهي، جنهن ۾ اونداهيون ۽ گجگوڙ ۽ وِڄُ آهي، ته اهي ڪڙڪاٽ جي سبب موت جي ڊپ کان پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ ڏين ٿا. ۽ الله ڪافرن کي گهيرو ڪندڙ آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يَكَادُ الْبَرْقُ يَـخْطَفُ اَبْصَارَھُمْ ۭ كُلَّمَآ اَضَاۗءَ لَھُمْ مَّشَوْا فِيْهِ ڎ وَاِذَآ اَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُوْا ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَذَھَبَ بِسَمْعِهِمْ وَاَبْصَارِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَىْءٍ قَدِيْرٌ ۧ20
(ڄڻڪ) اجهو ٿي وِڄُ انهن جون اکيون کسي وٺي. جڏهن انهن لاءِ چمڪي ٿي ته ان (جي روشني) ۾ هلڻ لڳن ٿا، ۽ جڏهن انهن تي اونداهُه ڪري ٿي ته بيهي رهن ٿا. ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته انهن جا ڪَنَ ۽ اکيون کسي وٺي ها. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)