019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
ڪاف، ها، يا، عين، صاد. (هي حروف مطقعات آهن هنن جو اصلي مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
(هي) تنهنجي پروردگار جي رحمت جو ذڪر آهي (جيڪا) پنهنجي ٻانهي زڪريا تي ڪيائين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي ڳُجھي طرح سڏيو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجي جسم جون هڏيون ڪمزور ٿي ويون ۽ مٿو ڪراڙپ سبب شعلي وانگر چمڪي (سفيد ٿي) ويو ۽ اي منهنجا مالڪ آءٌ ڪڏهن به تو کان دعا گهري محروم نه ٿيو آهيان.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
۽ آءٌ پنهنجي (لاڏاڻي) بعد پنهنجي (بي دين) رشتيدارن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سَنڍ آهي. سو تون مون کي پاڻ وٽان وارث (پُٽ) عطا ڪر.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
جيڪو منهنجو وارث بنجي ۽ يعقوب جي گھراڻي جو وارث بنجي ۽ اي منهنجا پروردگار! تون ان کي پسنديده (شخصيت) بناءِ“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
(جواب مليو): ”اي زڪريا! بيشڪ اسان تو کي هڪ ڇوڪري جي خوشخبري ڏيون ٿا جنهن جو نالو يحى هوندو ، هن کان اڳ اسان ان نالي وارو پيدا نه ڪيو آهي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
(زڪريا) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي پُٽُ ڪيئن ٿيندو؟ حالانڪه منهنجي زال سَنڍِ آهي ۽ آءٌ ڪراڙپ جي انتهائي ضعيفي کي پهچي چڪو آهيان“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
الله فرمايو!: ”ائين ئي ٿيندو“. تنهنجي پالڻهار فرمايو ته: ”اهو ڪم مون تي آسان آهي ۽ بيشڪ آءٌ هن کان اڳ تو کي پيدا ڪري چڪو آهيان ان حال ۾ جو تون ڪا شيءِ به نه هئين“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
زڪريا چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر“. فرمايائين: ”تنهنجي لاءِ نشاني هي آهي جو تون تندرست هوندي به ٽي راتيون ساندهه ڪنهن سان ڳالهائي نه سگهندين“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ (زڪريا) محراب منجھان پنهنجي قوم ڏانهن نڪتو، پوءِ انهن ڏانهن اشارو ڪيائين ته: ”توهان صبح ۽ شام (الله جي) تسبيح بيان ڪيو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
(يحيٰ جي ولادت بعد چيوسين) ”اي يحى ! ڪتاب (تورات) کي مضبوطي سان وٺ“. ۽ اسان کيس ننڍپڻ ۾ حُڪم (۽ دانائي) ڏني.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
۽ پاڻ وٽان دل جي نرمي ۽ پاڪيزگي ڏني. ۽ اُهو وڏو پرهيزگار هيو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪندڙ هيو ۽ هرگز سرڪش نافرمان نه هيو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
۽ ان (يحى) تي سلام هجي ان جي ميلاد جي ڏينهن ۽ جنهن ڏينهن لاڏاڻو ڪندو ۽ جنهن ڏينهن زنده ڪري اُٿاريو ويندو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
۽ ڪتاب (قرآن) ۾ مريم جو ذڪر ڪر. جڏهن اُها پنهنجي گهر وارن کان الڳ ٿي اوڀر واري جاءِ ۾ آئي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
پوءِ ماڻهن جي پاسي کان هڪ پردو لڳايائين، پوءِ اسان ان ڏانهن پنهنجو روحُ (الامين جبريل) موڪليو، پوءِ ان جي سامهون مڪمل بشري صورت ۾ ظاهر ٿيو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
(مريم) چيو: ”آءٌ تو کان وڏي مهربان (الله) جي پناهه وٺان ٿي جي تون (الله کان) ڊڄڻ وارو آهين“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
(جبرئيل) چيو: ”آءٌ ته صرف تنهنجي پالڻهار جو موڪليل آهيان، (ان لاءِ آيس) جو آءُ تو کي هڪ پاڪيزه پُٽ عطا ڪيان“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
(مريم) چيو: ”مون کي پُٽ ڪيئن ٿيندو ۽ نه ته مون کي ڪنهن ماڻهو ڇُهيو آهي ۽ نه ئي آءُ ڪا بدڪار عورت آهيان“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)