018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي (مقدس) ٻانهي تي ڪتاب (قرآن) لاٿو ۽ ان ۾ ڪابه ڏنگاڻ نه رکيائين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
ان کي سنئون سڌو ڪيائين هن لاءِ ته اهو (مقدس ٻانهو) ان سخت عذاب کان ڊيڄاري جو ان (الله) طرفان آهي ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ڏئي جيڪي ڀلا عمل ڪن ٿا ته بلاشڪ انهن لاءِ سهڻو اجر آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)مَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
ان ۾ اهي هميشه رهندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
۽ انهن ماڻهن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته: ”الله (پاڻ لاءِ) اولاد بنايو آهي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)مَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
نه ان جو علم کين آهي ۽ نه انهن جي ابن ڏاڏن کي. وڏي ڳالهه آهي جيڪا انهن جي واتن مان نڪري ٿي. اُهي رڳو ڪوڙ ئي چون ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
پوءِ شايد تون پنهنجي جان انهن جي پويان ان ارمان ۾ ڳاري ڇڏيندين جيڪڏهن اهي هن (قرآن واري) ڳالهه تي ايمان نه آڻيندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
بيشڪ اسان ان سڀ شين کي جيڪي زمين تي آهن ان (ڌرتيءَ) لاءِ سينگار بنايو آهي هن لاءِ ته اسان انهن (ڌرتيءَ تي وسڻ وارن) کي آزمايون ته انهن مان عمل جي اعتبار کان ڪير ڀلو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
۽ بيشڪ اسان جو ڪجهه ان (ڌرتيءَ) تي آهي تنهن کي (ختم ڪري) صاف ميدان بنائڻ وارا آهيون.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
ڇا تون سمجھين ٿو ته غار ۽ (غار تي) لکيل ڪتبي وارا اسان جي نشانين مان ڪا وڏي عجيب نشاني هئا؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
جڏهن چند نوجوانن غار ۾ پناهه ورتي پوءِ چيائون: ”اي اسان جا پروردگار! اسان کي پاڻ وٽان رحمت عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ سڌي رستي تي هلڻ جي آساني ڪر“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
پوءِ اسان غار ۾ انهن جي ڪنن تي (گھري ننڊ جي) ٿڦڪي ڏني ڪيترائي سال. (آرامي رهيا)
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
پوءِ اسان انهن کي اٿاريو ته ڏسون ته ٻنهين جماعتن مان ڪير ان (وقت) کي صحيح ڳڻڻ وارو آهي جيڪو (غار ۾) رهيا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)نَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
اسان تو کي انهن جي سچي خبر ٻڌايون ٿا. بيشڪ اُهي چند نوجوان هئا جن پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هيو ۽ اسان کين هدايت ۾ ترقي ڏني.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
۽ اسان انهن جون دليون ان وقت مضبوط ڪيون جڏهن اُهي اٿيا پوءِ چيائون: ”اسان جو پالڻهار ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار آهي ان کان سواءِ اسان ڪنهن ٻئي معبود جي پوڄا نه ڪنداسين. (اگر ائين ڪيون ته) اسان نهايت غلط ڳالهه چئي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)هٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
(پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته)” هي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جن الله کي ڇڏي ٻيا معبود بنايا آهن. اُهي سندن باري ۾ چٽو دليل ڇو نه ٿا آڻن؟ پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟ جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان مڙهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
۽ جڏهن اوهان ڪنارو ڪيو آهي انهن (مُشرڪن) کان ۽ انهن معبودن کان جن جي اُهي الله کي ڇڏي پُوڄا ڪن ٿا ته پوءِ هلي غار ۾ پناهه وٺو توهان جو پالڻهار توهان تي پنهنجي رحمت ڪشادي ڪندو ۽ اوهان لاءِ اوهان جي ڪم ۾ آساني مهيا فرمائيندو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
۽ تون ڏسندين جڏهن سج اڀري ٿو ته انهن جي غار جي ساڄي پاسي هٽي وڃي ٿو ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کاٻي طرف ڪترائي وڃي ٿو ۽ اُهي غار جي ڪشادگي ۾ آهن. اها الله جي نشانين مان آهي. جنهن کي الله هدايت ڪري اُهو ئي هدايت يافته آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري ته تون ان لاءِ ڪو وليءُ مرشد نه لهندين (يعني مددگار ۽ رهبر نه لهندين).
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
۽ تون انهن کي جاڳيل سمجهندين حالانڪه اُهي ستل آهن. ۽ اسان ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي انهن جا پاسا بدلايون ٿا ۽ انهن جو ڪتو چانئٺ تي پنهنجون (اڳيون) ٽنگون پکيڙيون پيو آهي. جيڪڏهن تون انهن کي جھاتي پائي ڏسين ها ته انهن کان پُٺِ ڦيري ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
۽ اهڙي طرح اسان انهن کي (جاڳائي) اٿاريو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوڻ واري چيو: (هتي) ”ڪيترو رهيا آهيو“؟ چيائون: ”اسان هڪ ڏينهن يا ان جو ڪجهه حصو رهيا آهيون“. چيائون: ”جيترو رهيا آهيو توهان جو پالڻهار بهتر ڄاڻندڙ آهي. پوءِ پاڻ مان هڪڙي کي پنهنجو هي سڪو ڏئي شهر ڏانهن موڪليو پوءِ اُهي ڏسي ته ڪهڙو کاڌو زور پاڪيزه آهي؟ ان مان اوهان لاءِ ڪجهه کاڌو وٺي اچي ۽ ان کي گهرجي ته (ايندي ويندي) آهستگي ۽ نرمي کان ڪم وٺي ۽ ڪنهن هڪڙي کي به توهان جي خبر نه ڏئي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
بيشڪ جيڪڏهن اهي اوهان تي غالب ٿي ويا ته توهان کي سنگسار ڪندا يا توهان کي پنهنجي مذهب ۾ موٽائيندا (جي ائين ڪيُوَ) ته پوءِ توهان ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)