110 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 3 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
110:1
اِذَا جَاۗءَ نَصْرُ اللّٰهِ وَالْفَتْحُ 1ۙ
جڏهن الله جي مدد اچي ۽ فتحيابي (ملي).
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
110:2
وَرَاَيْتَ النَّاسَ يَدْخُلُوْنَ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اَفْوَاجًا 2ۙ
۽ تون ماڻهن کي ڏسين ته الله جي دين ۾ فوج در فوج داخل ٿي رهيا آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
110:3
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَاسْتَغْفِرْهُ ڼ اِنَّهٗ كَانَ تَوَّابًا 3ۧ
پوءِ تون پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان (گڏ) تسبيح پڙهه ۽ ان کان بخشش گهُر. بيشڪ اهو وڏو توبه قبول ڪندڙ آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)