109 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 6 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
قُلْ يٰٓاَيُّهَا الْكٰفِرُوْنَ 1ۙ
(اي نبي!) چؤ ته اي ڪفر ڪرڻ وارئو!
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لَآ اَعْبُدُ مَا تَعْبُدُوْنَ 2ۙ
آءٌ انهن (ڪوڙن معبودن)کي نه ٿو پوڄيان جن کي توهان پوڄيو ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَآ اَنْتُمْ عٰبِدُوْنَ مَآ اَعْبُدُ 3ۚ
۽ نه ئي توهان پوڄيندڙ آهيو ان (اڪيلي الله) کي جنهن جي آءٌ پوڄا ڪيان ٿو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَآ اَنَا عَابِدٌ مَّا عَبَدْتُّمْ 4ۙ
۽ نه آهيان آءٌ پوڄا ڪندڙ (انهن ڪوڙن معبودن جي) جن جي توهان پوڄا ڪئي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَآ اَنْتُمْ عٰبِدُوْنَ مَآ اَعْبُدُ 5ۭ
۽ نه ئي اوهان پوڄا ڪندڙ آهيو ان (اڪيلي الله) جي جنهن جي آءٌ پوڄا ڪيان ٿو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لَكُمْ دِيْنُكُمْ وَلِيَ دِيْنِ 6ۧ
توهان جي واسطي توهان جو دين آهي ۽ منهنجي لاءِ منهنجو دين (ڪافي) آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)