094 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
اَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ 1ۙ
(اي پيغمبر!) ڇا اسان تو لاءِ (پنهنجي وحي ذريعي زندگيءَ جون سڀ راهون روشن ڪري) تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو.
— علامہ علي خان ابڙووَوَضَعْنَا عَنْكَ وِزْرَكَ 2ۙ
۽ اسان توتان (ابتدائي مرحلن ۾ آيل سختيءَ جو) اهو بار لاٿو، (۽ تنهنجي ساٿين جي هڪ جماعت تيار ٿي.)
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْٓ اَنْقَضَ ظَهْرَكَ 3ۙ
جنهن (بار) تنهنجي پٺ کي ڳرو ڪيو هو.
— علامہ علي خان ابڙووَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ 4ۭ
۽ اسان تو لاءِ (پنهنجي موڪليل پروگرام جي عظمت سان) تنهنجي تعريف بلند ڪئي.
— علامہ علي خان ابڙوفَاِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا 5ۙ
پوءِ (انهن عارضي تڪيلفن کان بد دل نه ٿيءُ) بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا 6ۭ
بيشڪ ڏک سان گڏ سک ئي آهي.
— علامہ علي خان ابڙوفَاِذَا فَرَغْتَ فَانْصَ 7ۙ
پوءِ جڏهن (به) تون (هدايت جي پروگرام مان) واندو تئين ته (پالڻهار جي عبادت لاءِ) محنت ڪر.
— علامہ علي خان ابڙووَاِلٰى رَبِّكَ فَارْغَبْ 8ۧ
۽ پنهنجي پالڻهار (جي ذڪر ۽ فڪر سان) دل لڳاءِ.
— علامہ علي خان ابڙو