091 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 15 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
وَالشَّمْسِ وَضُحٰىهَا ۽ 1
سج جو قسم آهي ۽ سندس (روشني پهچائڻ خاطر) مٿي چڙهڻ جو.
— علامہ علي خان ابڙووَالْقَمَرِ اِذَا تَلٰىهَا ۽ 2
۽ چنڊ جو، جڏهن سج (کان روشني اوڌاري وٺڻ لاءِ ان) جي پٺيان اچي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙووَالنَّهَارِ اِذَا جَلّٰىهَا ۽ 3
۽ ڏينهن جو جڏهن روشنيءَ کي ظاهر ڪري ٿو.
— علامہ علي خان ابڙووَاللَّيْلِ اِذَا يَغْشٰـىهَا ۽ 4
۽ رات جو جڏهن (روشنيءَ) کي ڍڪي ٿي.
— علامہ علي خان ابڙووَالسَّمَاۗءِ وَمَا بَنٰىهَا ۽ 5
۽ آسمان جو ۽ جنهن نموني ان کي (فضا جي بلندين سان) بنايو اٿس، تنهن جو،
— علامہ علي خان ابڙووَالْاَرْضِ وَمَا طَحٰىهَا ۽ 6
۽ زمين جو ۽ جنهن نموني ان کي (گول هئڻ باوجود) وڇايو اٿس. تنهن جو،
— علامہ علي خان ابڙووَنَفْسٍ وَّمَا سَوّٰىهَا ۽ 7
۽ نفس جو ۽ جنهن نموني ان کي (صلاحيت عطا ڪري) ٺيڪ ٺاڪ جوڙيو اٿس.
— علامہ علي خان ابڙوفَاَلْهَمَهَا فُجُوْرَهَا وَتَقْوٰىهَا ۽ 8
پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاري جي سمجهه ڏني اٿس. تنهن جو (قسم)،
— علامہ علي خان ابڙوقَدْ اَفْلَحَ مَنْ زَكّٰىهَا ۽ 9
(پوءِ ڪائنات ۽ انساني نفسن جون هي حقيقتون شاهد آهن ته) تحقيق اهو مراد (۽ ڪامرانيءَ) کي پهچي ويو، جنهن (پنهنجي جسم جي بجاءِ پنهنجي شخصيت جي اوسر ڪري) نفس کي پاڪ ڪيو.
— علامہ علي خان ابڙووَقَدْ خَابَ مَنْ دَسّٰـىهَا ۭ10
۽ بيشڪ اهو بي مراد ٿيو، جنهن (مفاد پرستين جي بار هيٺان پاڻ کي دٻائي رکيو) ۽ نفس کي مٽيءَ ۾ لوئاڙي ڇڏيو.
— علامہ علي خان ابڙوكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ بِطَغْوٰىهَآ ۽ 11
(انهيءَ حقيقت تي تاريخ جون شهادتون ڏسو) ثمود جي قوم (صالح عليه السلام کي) ان وقت پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري ڪوڙو ڪيو.
— علامہ علي خان ابڙواِذِ انْۢبَعَثَ اَشْقٰىهَا ۽ 12
جڏهن سندس وڏو بدبخت آڪڙ ۾ اٿي پيو.
— علامہ علي خان ابڙوفَقَالَ لَهُمْ رَسُوْلُ اللّٰهِ نَاقَةَ اللّٰهِ وَسُقْيٰهَا ۭ13
پوءِ الله جي رسول(عليه السلام) انهن کي چيو ته، الله جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي کي آڏو نه اچو.
— علامہ علي خان ابڙوفَكَذَّبُوْهُ فَعَقَرُوْهَا ۱ فَدَمْدَمَ عَلَيْهِمْ رَبُّهُمْ بِذَنْۢبِهِمْ فَسَوّٰىهَا ۽ 14
پوءِ انهن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ ان (ڏاچيءَ) کي ڪهي وڌائون، پوءِ انهن کي سندن پاليندڙ (الله جي پالڻهاريءَ جي مخالفت واري) گناهه جي ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (سزا) کي (قوم جي سڀني ماڻهن تي) برابر ڪري ڇڏيائين.
— علامہ علي خان ابڙووَلَا يَخَافُ عُقْبٰهَا ۧ15
۽ الله ڪو ان (سزا) جي نتيجي کان ڊڄي نه ٿو.
— علامہ علي خان ابڙو