009 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 129 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
بَرَاۗءَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ 1ۭ
(مسلمانو) جن مشرڪن سان توهان (صلح ۽ امن جو) عهدنامون ڪيو هو، تن متعلق الله ۽ سندس رسول جي طرفان ذميواريءَ کان آزاد هئڻ لاءِ (اهي اعلان آهي ته)
— علامہ علي خان ابڙوفَسِيْحُوْا فِي الْاَرْضِ اَرْبَعَةَ اَشْهُرٍ وَّاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مُـخْزِي الْكٰفِرِيْنَ 2
چار مهينا ملڪ ۾ گهمو ڦرو (ڪا روڪ ٽوڪ ڪانهي، چئن مهينن بعد جنگ جي حالت قائم ٿيندي) ۽ ياد رکو ته توهان (مشرڪ) ڪڏهن به الله کي عاجز ڪري نه سگهندؤ (يعني مسلمانن ۽ اسلام جي فتح ۽ واڌاري کي روڪي نه سگهندؤ) ۽ (پڻ يقين ڄاڻو ته) الله تعاليٰ منڪرن کي (حق جي پيروي ڪندڙن هٿان) ذليل ۽ خوار خراب ڪندو.
— علامہ علي خان ابڙووَاَذَانٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى النَّاسِ يَوْمَ الْـحَجِّ الْاَكْبَرِ اَنَّ اللّٰهَ بَرِيْۗءٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ڏ وَرَسُوْلُهٗ ۭ فَاِنْ تُبْتُمْ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۭ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِعَذَابٍ اَلِــيْـمٍ 3ۙ
۽ الله ۽ سندس رسول جي طرفان حج جي وڏي ڏينهن تي عام پڙهو ڏنو وڃي ٿو ته الله هاڻي مشرڪن جي ذميواريءَ کان آزاد آهي ۽ سندس رسول به آزاد آهي (يعني عهد ناما ٽٽي پيا ۽ مسلمان هاڻي انهن جو ذمون کڻڻ کان آزاد آهن) پوءِ جيڪڏهن توهان (مشرڪ دشمن هاڻي به ظلم ۽ شرارتن کان) توبهه ڪيو ته ان ۾ توهان جي لاءِ بهتري آهي ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه نه مڃيندؤ ته يقين ڄاڻو ته توهان الله کي عاجز ڪري ڪين سگهندؤ. (اي پيغمبر!) جي ماڻهو ڪفر جي واٽ وٺي رهيا آهن تن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ.
— علامہ علي خان ابڙواِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ثُـمَّ لَمْ يَنْقُصُوْكُمْ شَيْــــًٔـا وَّلَمْ يُظَاهِرُوْا عَلَيْكُمْ اَحَدًا فَاَتِـمُّــوْٓا اِلَيْهِمْ عَهْدَهُمْ اِلٰى مُدَّتِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 4
سواءِ انهن مشرڪن جي جن سان توهان عهدنامون ڪيو هو ۽ هنن (قول قرار نڀائڻ ۾) ڪابه گهٽتائي ڪانه ڪئي، نڪي توهان جي خلاف ڪنهن (دشمن) جي مدد ڪيائون. اوهان کي به گهرجي ته هنن سان جيتري مدي لاءِ عهدنامون ٿيل آهي اوتري مدي تائين ان کي نڀايو. الله تعاليٰ انهن کي حب ڪري ٿو جيڪي (هرهڪ ڳالهه ۾) متقي رهن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙوفَاِذَا انْسَلَخَ الْاَشْهُرُ الْـحُرُمُ فَاقْتُلُوا الْمُشْرِكِيْنَ حَيْثُ وَجَدْتُّـمُــوْهُمْ وَخُذُوْهُمْ وَاحْصُرُوْهُمْ وَاقْعُدُوْا لَهُمْ كُلَّ مَرْصَدٍ ۚ فَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَـخَــلُّوْا سَـبِيْلَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
پوءِ جڏهن حرمت جا مهينا گذري وڃن تڏهن (جنگ جي حالت قائم ٿيندي پوءِ) مشرڪن کي جتي به ڏسو قتل ڪيو ۽ گرفتار ڪيو ۽ پڻ انهن کي گهيرو ڪيو ۽ هر جڳهه انهن جي تاڙ ۾ ويهو. پوءِ جيڪڏهن توبهه ڪن، نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته پوءِ (وٺ پڪڙ نه ڪيو ۽) کين آزاد ڇڏي ڏيو، بيشڪ الله تعاليٰ وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَاِنْ اَحَدٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ اسْتَجَارَكَ فَاَجِرْهُ حَتّٰي يَسْمَعَ كَلٰمَ اللّٰهِ ثُـمَّ اَبْلِغْهُ مَاْمَنَهٗ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْلَمُوْنَ 6ۧ
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو ماڻهو اچي ۽ اوهان کان پناهه گهري ته ڪيس ضرور پناهه ڏيو تيستائين جيستائين هو (چڱيءَ طرح) الله جو ڪلام ٻڌي وٺي، پوءِ کيس (سلامت) سندس امن واري جاءِ تي پهچايو. هيءُ حڪم هن ڪري ضروري ٿيو جو اهي ماڻهو (اسلام جي حقيقت کان) بي خبر آهن.
— علامہ علي خان ابڙوكَيْفَ يَكُوْنُ لِلْمُشْرِكِيْنَ عَهْدٌ عِنْدَ اللّٰهِ وَعِنْدَ رَسُوْلِهٖٓ اِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ عِنْدَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ ۚ فَـمَا اسْتَقَامُوْا لَكُمْ فَاسْتَقِيْمُوْا لَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 7
ائين ڪيئن ٿو ٿو سگهي ته (هنن) مشرڪن جو عهد الله ۽ سندس رسول جي نظر ۾ (سچو) عهد سمجهڻ ۾ اچي؟ پر جن ماڻهن سان اوهان ڪعبت الله جي ويجهو (حديبيه ۾) عهد ۽ پيمان ڪيو هو (۽ انهن ان کي نه ٽوڙيو تن جو عهد بيشڪ سچو عهد آهي ۽( جيستائين اهي توهان سان (پنهنجي عهد تي) قائم رهن تيستائين توهان به انهن سان (پنهنجي عهد تي) قائم رهو. الله تعاليٰ انهن کي حب ٿو ڪري جي (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) متقي رهن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙوكَيْفَ وَاِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ لَا يَرْقُبُوْا فِيْكُمْ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ يُرْضُوْنَكُمْ بِاَفْوَاهِهِمْ وَتَاْبٰي قُلُوْبُهُمْ ۚ وَاَكْثَرُهُمْ فٰسِقُوْنَ 8ۚ
انهن مشرڪن جو عهد ڪيئن (سچو) عهد ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته هنن جو حال هيءُ آهي جو جيڪڏهن اڄ اوهان تي غلبو حاصل ڪن ته نڪي توهان سان مائٽي هئڻ جو خيال ڪن، نڪي عهد ۽ پيمان جو (يعني توهان تي هر طرح جا ظلم ڪن ۽ قتل ڪرڻ چاهين ٿا، پر هنن جون دليون اوهان کان ڦريل آهن ۽ هنن ۾ اڪثر ماڻهو فاسق آهن (يعني سچائي ۽ خيرخواهيءَ جي بدران ٺڳي ۽ ظلم جي طريقن تي قائم آهن.)
— علامہ علي خان ابڙواِشْتَرَوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ثَـمَنًا قَلِيْلًا فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 9
انهن ماڻهن الله جي آيتن کي تمام خسيس قيمت تي وڪڻي ڇڏيو (يعني نفساني خواهشن جي تابع ٿو ويا ۽ الله جي آيتن تي يقين ڪونه ڪيائون). تنهن ڪري ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪڻ لڳا (افسوس هنن تي) ڪهڙا نه برا فعل آهن، اهي جي اهي ماڻهو ڪندا رهن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙولَا يَرْقُبُوْنَ فِيْ مُؤْمِنٍ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُعْتَدُوْنَ 10
(اهي مشرڪ) ڪنهن به مؤمن سان نڪي مائٽي هئڻ جو لحاظ ٿا ڪن، نڪي عهدنامن جو. اهي ئي ماڻهو آهن جي ظلمن ۾ حد کان ٻاهر لنگهي ويا آهن.
— علامہ علي خان ابڙوفَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ ۭ وَنُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 11
بهرحال جيڪڏهن هو باز اچن، نماز قائم ڪن، زڪوات ڏين ته (پوءِ توهان مسلمان به هنن جي خلاف هٿ نه کڻو. اهي) اوهان جا دين جا ڀائر ٿي پيا، جيڪي ماڻهو علم رکن ٿا تن لاءِ اسان پنهنجون آيتون کولي کولي بيان ڪيون ٿا.
— علامہ علي خان ابڙووَاِنْ نَّكَثُوْٓا اَيْمَانَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ عَهْدِهِمْ وَطَعَنُوْا فِيْ دِيْنِكُمْ فَقَاتِلُوْٓا اَىِٕمَّةَ الْكُفْرِ ۙ اِنَّهُمْ لَآ اَيْـمَانَ لَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَنْتَهُوْنَ 12
۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو پنهنجو عهدو پيمان جو پاڻ ڪري چڪا آهن ٽوڙي ڇڏين ۽ اوهان جي دين کي طعني طور گهٽ وڌ ڳالهائين ته پوءِ (هن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي ته انهن) ڪفر جي سردارن سان جنگ ڪيو. اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جو قسم ناهي. (۽ توهان کي جنگ هن لاءِ ڪرڻ گهرجي) تان ته هو (ظلم ۽ بدعهدي کان) باز اچي وڃن.
— علامہ علي خان ابڙواَلَا تُقَاتِلُوْنَ قَوْمًا نَّكَثُوْٓا اَيْـمَانَهُمْ وَهَـمُّوْا بِاِخْرَاجِ الرَّسُوْلِ وَهُمْ بَدَءُوْكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ ۭ اَتَـخْشَوْنَهُمْ ۚ فَاللّٰهُ اَحَقُّ اَنْ تَـخْشَوْهُ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 13
(مسلمانؤ!) ڇا توهان اهڙن ماڻهن سان جنگ نه ڪندؤ جن عهد نامن تي کنيل قسم ٽوڙي ڇڏيا، جن الله جي رسول کي (سندس وطن مان) نيڪالي ڏيڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ وري اوهان جي خلاف لڙائي جي اڳرائي به سندن طرف کان ٿي؟ ڇا توهان کانئن ڊڄو ٿا؟ (جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته توهان مؤمن ناهيو ڇو ته) جيڪڏهن مؤمن آهيو ته الله هن ڳالهه جو وڌيڪ حقدار آهي ته توهان فقط کانئس ڊڄو.
— علامہ علي خان ابڙوقَاتِلُوْهُمْ يُعَذِّبْهُمُ اللّٰهُ بِاَيْدِيْكُمْ وَيُـخْزِهِمْ وَيَنْصُرْكُمْ عَلَيْهِمْ وَيَشْفِ صُدُوْرَ قَوْمٍ مُّؤْمِنِيْنَ ۙ14
(مسلمانؤ!) هنن سان (بي ڌڙڪ) جنگ ڪيو. الله تعاليٰ اوهان جي هٿان کين عذاب ڏيندو، کين خوار ڪندو، توهان کي هنن تي فتح وارو ڪندو ۽ مؤمنن جي جماعت جي دلين جا سڀ ڌُک دور ڪري ڇڏيندو.
— علامہ علي خان ابڙووَيُذْهِبْ غَيْظَ قُلُوْبِهِمْ ۭ وَيَتُوْبُ اللّٰهُ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 15
سندن دلين جو ساڙ هٽايو ويندو ۽ وري جنهن متعلق چاهيندو تنهن ڏي پنهنجي رحمت جي موٽ ڪندو. الله تعالي! سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت رکندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙواَمْ حَسِبْتُمْ اَنْ تُتْرَكُوْا وَلَمَّا يَعْلَمِ اللّٰهُ الَّذِيْنَ جٰهَدُوْا مِنْكُمْ وَلَمْ يَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلَا رَسُوْلِهٖ وَلَا الْمُؤْمِنِيْنَ وَلِيْجَةً ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ16
(مسلمانؤ!) ڇا توهان هيئن سمجهيو آهي ته توهان ايتري ۾ ئي ڇڏي ڏنا ويندؤ؟ حالانڪه اڃا ته الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي پوريءَ طرح آزمائش ۾ وڌو ئي ناهي جن اوهان مان جهاد ڪيو آهي ۽ الله ۽ سندس رسول ۽ مؤمنن کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي پنهنجي ڳجهو دوست نه بنايو آهي (ياد رکو ته) جيڪي به عمل توهان ڪيو ٿا تن جي خبر الله کي آهي.
— علامہ علي خان ابڙومَا كَانَ لِلْمُشْرِكِيْنَ اَنْ يَّعْمُرُوْا مَسٰجِدَ اللّٰهِ شٰهِدِيْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ بِالْكُفْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ حَبِطَتْ اَعْـمَالُهُمْ ښ وَفِي النَّارِ هُمْ خٰلِدُوْنَ 17
مشرڪن کي هي حق ڪونهي ته الله جي مسجدن کي آباد ڪن جڏهن ته هو پاڻ (پنهنجو ڪفر قبول ڪري رهيا آهن ۽) شاهدي ڏيئي رهيا آهن ته اسان ڪافر آهيون. اهي ماڻهو اهي آهن جن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويا، ۽ هو هميشه باهه جي عذاب ۾ رهڻ وارا آهن.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّـمَا يَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَاَقَامَ الصَّلٰوةَ وَاٰتَى الزَّكٰوةَ وَلَمْ يَـخْشَ اِلَّا اللّٰهَ فَعَسٰٓى اُولٰۗىِٕكَ اَنْ يَّكُوْنُوْا مِنَ الْمُهْتَدِيْنَ 18
في الحقيقت مسجد کي آباد ڪرڻ وارو ته اهو آهي جنهن الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو، نماز قائم ڪئي، زڪوات ڏني ۽ الله کان سواءِ ڪنهن کان به نه ڊنو. جيڪي ماڻهو اهڙا آهن انهن ئي بنسبت اميد رکي سگهجي ٿي ته هو (سعادت ۽ ڪاميابيءَ جي) راهه تي هلندڙ آهن.
— علامہ علي خان ابڙواَجَعَلْتُمْ سِقَايَةَ الْـحَاۗجِّ وَعِـمَارَةَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ كَـمَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَجٰهَدَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰه ِ ۭ لَا يَسْتَوٗنَ عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۘ19
ڇا اوهان ماڻهن هيءَ ڳالهه ٺهرائي رکي آهي ته حاجين کي پاڻي پيارڻ جو بندوبست رکڻ ۽ ڪعبت الله کي آباد رکڻ اهڙو ئي وڏي درجي وارو ڪم آهي جهڙو انهيءَ شخص جو ڪم جنهن الله ۽ آخرت تي ايمان آندو آهي ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو. الله وٽ اهي ٻئي برابر ناهن ۽ الله (جو قانون آهي ته هو) ظلم ڪندڙن لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راهه نٿو کولي.
— علامہ علي خان ابڙواَلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَهَاجَرُوْا وَجٰهَدُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ ۙ اَعْظَمُ دَرَجَةً عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ پنهنجي جانين ۽ مالن سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو تن جو يقيناً الله وٽ تمام وڏو مان مرتبو آهي ۽ اهي ئي آهن جي ڪامياب ٿيڻ وارا آهن.
— علامہ علي خان ابڙو