089 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
وَالْفَجْرِ 1ۙ
پرهه ڦُٽيءَ (جي وقت) جو قَسم آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَلَيَالٍ عَشْرٍ 2ۙ
۽ ڏهن راتين جو (جن ۾ حج جي موقعي تي پنهنجي باري ۾ سوچڻ ۽ ٻين انسانن جي حالتن پروڙڻ جو موقعو ملي ٿو.)
— علامہ علي خان ابڙووَّالشَّفْعِ وَالْوَتْرِ 3ۙ
۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو (جن ۾ پوري ڪائنات جڪڙيل آهي.)
— علامہ علي خان ابڙووَالَّيْلِ اِذَا يَسْرِ 4ۚ
۽ رات جو جڏهن گذري ٿي، (۽ ان صورتحال تي ڪوبه فڪرمندي نه ٿو ڪري).
— علامہ علي خان ابڙوهَلْ فِيْ ذٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِيْ حِجْرٍ 5ۭ
ڇا انهن شين ۾ ڪو عقل واري لاءِ پڌرو پيغام آهي.
— علامہ علي خان ابڙواَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ ۽ 6
(اي پيغمبر! اهي اڳين قومن لاءِ خدا جي پڌري پيغام کي ڇو نه ٿا هنڊائن) ڇا تو نه ڏٺو ته، تنهنجي پاليندڙ عاد (جي قوم)،
— علامہ علي خان ابڙواِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ ۽ 7
ٿنڀن وانگر قدآور ارم (جي قوم) سان ڪيئن ڪيو.
— علامہ علي خان ابڙوالَّتِيْ لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِي الْبِلَادِ ۽ 8
جنهن (جي فن ۽ ٺٺ ٺانگر) جهڙو (ان دور جي) شهرن ۾ ڪونه پيدا ڪيو ويو.
— علامہ علي خان ابڙووَثَـمُوْدَ الَّذِيْنَ جَابُوا الصَّخْرَ بِالْوَادِ 9
۽ ثمود (جي قوم) سان (به) جن وادي (القريٰ) ۾ (پٿر جي) ڇپن کي (پختا گهر بنائڻ لاءِ) گهڙيو هو.
— علامہ علي خان ابڙووَفِرْعَوْنَ ذِي الْاَوْتَادِ ۽ 10
۽ ميخن (ايذائڻ جي وڏي سگهه) واري فرعون سان (به تنهنجي رب ڪيئن ڪيو؟)
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْنَ طَغَوْا فِي الْبِلَادِ ۽ 11
جيڪي شهرن ۾ (ڪمزورن تي زيادتيون ڪرڻ ۾) پنهنجي حد کان لنگهي ويا.
— علامہ علي خان ابڙوفَاَكْثَرُوْا فِيْهَا الْفَسَادَ ۽ 12
پوءِ انهن ۾ گهڻو فساد پکيڙيائون.
— علامہ علي خان ابڙوفَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ ڌ 13
پوءِ تنهنجي پاليندڙ مٿن عذاب جو چهبڪ وهايو. (۽ هو تباهه و برباد ٿيا.)
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ رَبَّكَ لَبِالْمِرْصَادِ ۭ14
بيشڪ تنهنجو پاليندڙ (ڄڻ ته) گهاٽ واري هنڌ تي آهي، (عملن کي ڏسندڙ آهي ۽ ڪوبه عمل ان کان ڳجهو نٿو رهي).
— علامہ علي خان ابڙوفَاَمَّا الْاِنْسَانُ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ رَبُّهٗ فَاَكْرَمَهٗ وَنَعَّمَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَكْرَمَنِ ۭ15
(اصل ۾ انسان خدائي قانونن ۽ ان جي عمل ۾ اچڻ جي طريقي کان اڻ واقفيت رکي ٿو. ان ڪري) انسان کي جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو، پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته، (مغروري ۽ فخر ۾) هو چوي ٿو ته، منهنجي پاليندڙ مون کي عزت ڏني.
— علامہ علي خان ابڙووَاَمَّآ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَهَانَنِ ۚ16
۽ جڏهن ان کي هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته، چوي ٿو ته، منهنجي پاليندڙ مونکي خوار ڪيو. (حالانڪ اهو سڀ ڪجهه خدا جي مقرر قانونن جي نتيجي ۾ عمل پذير ٿئي ٿو.)
— علامہ علي خان ابڙوكَلَّا بَلْ لَّا تُكْرِمُوْنَ الْيَتِيْمَ ۙ17
ائين نه آهي (جو خدا ڪنهن کي هروڀرو خوار ڪري) پر اوهين (ڌرتيءَ تي پرگهور جي لائق) يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو.
— علامہ علي خان ابڙووَلَا تَحٰۗـضُّوْنَ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ ۙ18
۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي (ضرورتمند) مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا.
— علامہ علي خان ابڙووَتَاْكُلُوْنَ التُّرَاثَ اَكْلًا لَّمًّا ۙ19
۽ مئلن جو مال ميڙي سيڙي کائو ٿا. (۽ وارثن تائين پورو حق نٿا پهچايو.)
— علامہ علي خان ابڙووَّتُحِبُّوْنَ الْمَالَ حُبًّا جَمًّا ۭ20
۽ (اٽڪلون سٽڪلون ڪري ٻين جي مال به ڇڪي اچو ٿا، ۽ اوهان) مال سان (ميڙ ميڙان جي) بيحد محبت رکو ٿا.
— علامہ علي خان ابڙو