082 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
اِذَا السَّمَاۗءُ انْفَطَرَتْ 1ۙ
(قيامت جي ٿيڻ ۽ ان جي منظر طرف اسان اوهان جو توجه وري وري ڇڪايون ٿا ته، جيئن اوهان کي ان آخرت واري مسئلي جي اهميت جو اندازو ٿئي، سو ٻڌو ته) جڏهن آسمان ڦاٽندو،
— علامہ علي خان ابڙووَاِذَا الْكَوَاكِبُ انْـتَثَرَتْ 2ۙ
جڏهن تارا ڇڻي پوندا،
— علامہ علي خان ابڙووَاِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ 3ۙ
۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) درياهه ڦاڙي ملائي وهايا ويندا.
— علامہ علي خان ابڙووَاِذَا الْقُبُوْرُ بُعْثِرَتْ 4ۙ
(جڏهن (مئلن کي جيئارڻ لاءِ) قبرون هيٺ مٿي ڪيون وينديون،
— علامہ علي خان ابڙوعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَاَخَّرَتْ 5ۭ
تڏهن سڀ ڪنهن شخص جيڪي اڳي موڪليو هوندو ۽ پٺتي (طريقو) ڇڏيو هوندو، تنهن کي (تنهنجي سامهون) پڌرو ڏسندو.
— علامہ علي خان ابڙويٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيْمِ 6ۙ
اي انسان! (تون جو خدا جي قانونن کان منهن موڙيو آهي، سو) توکي ڪهڙي شئ پنهنجي مهربان پالڻهار (جي اطاعت) کان دوکي ۾ وڌو آهي.
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْ خَلَقَكَ فَسَوّٰىكَ فَعَدَلَكَ 7ۙ
جنهن توکي (پنهنجي ٻاجھ سان ماءُ جي رحم ۾) پيدا ڪيو، پوءِ توکي صحيح سالم (عقل هوش ۽ حواس وارو) ڪيو، پوءِ توکي (زندگي گهارڻ لاءِ) متوازن ڪيائين.
— علامہ علي خان ابڙوفِيْٓ اَيِّ صُوْرَةٍ مَّا شَاۗءَ رَكَّبَكَ 8ۭ
جنهن به صورت ۾ گهريائين تنهن ۾ توکي (مناسب ڊول سان) جوڙيو اٿس.
— علامہ علي خان ابڙوكَلَّا بَلْ تُكَذِّبُوْنَ بِالدِّيْنِ 9ۙ
خبردار (پوءِ به اوهان پنهنجي پاليندڙ بابت ڌوڪو کائو ٿا) ان ڪري جو اوهين (سڀني عملن جو ذري پرزي حساب کان پوءِ ان جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙ سمجهو ٿا.
— علامہ علي خان ابڙووَاِنَّ عَلَيْكُمْ لَحٰفِظِيْنَ ۙ10
هوڏانهن (اوهان جي عملن جو هر پهلو محفوظ ڪرڻ لاءِ) اوهان تي اهڙا نگهبان (مقرر) آهن.
— علامہ علي خان ابڙوكِرَامًا كَاتِبِيْنَ ۙ11
جيڪي خوبين وارا آهن (اوهان جي عملن کي مستعد ٿي ايمانداريءَ سان) لکڻ وارا آهن.
— علامہ علي خان ابڙويَعْلَمُوْنَ مَا تَفْعَلُوْنَ 12
جيڪي اوهين ڪريو ٿا (لڪ ۾ يا ظاهر ۾) تنهن کي ڄاڻن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ الْاَبْرَارَ لَفِيْ نَعِيْمٍ ۚ13
بيشڪ (الله جي قانونن جا) تابعدار ته نعمت ۾ هوندا.
— علامہ علي خان ابڙووَاِنَّ الْفُجَّارَ لَفِيْ جَحِيْمٍ ښ 14
۽ (انهن قانونن جا) منڪر) بدڪار دوزخ جي باهه ۾ هوندا.
— علامہ علي خان ابڙويَّصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّيْنِ 15
اهي حساب جي ڏينهن (اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ کان پوءِ) ان۾ گهڙندا.
— علامہ علي خان ابڙووَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَاۗىِٕبِيْنَ ۭ16
۽ (ان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ) اهي ان کان نڪري جدا ٿيڻ وارا به نه آهن.
— علامہ علي خان ابڙووَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۙ17
۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (۽ ڪيئن نتيجا ماڻهن کي پلئه پوندا).
— علامہ علي خان ابڙوثُـمَّ مَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ18
وري (ڇا چئون ته) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟
— علامہ علي خان ابڙويَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَـيْــــًٔا ۭ وَالْاَمْرُ يَوْمَىِٕذٍ لِّلّٰهِ ۧ19
جنهن ڏينهن (هرهڪ رڳو پنهنجي عملن کي سامهون ڏسندو ۽) ڪوبه شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجھ به ڪري ڪين سگهندو ۽ حڪم ان ڏينهن رڳو الله جو هوندو.
— علامہ علي خان ابڙو