008 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
يَسْــــَٔـلُوْنَكَ عَنِ الْاَنْفَالِ ۭ قُلِ الْاَنْفَالُ لِلّٰهِ وَالرَّسُوْلِ ۚ فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَاَصْلِحُوْا ذَاتَ بَيْنِكُمْ ۠ وَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ٓ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 1
(اي پيغمبر!) ماڻهو توکان غنيمت جي مال بابت پڇن ٿا (ته ڪيئن ورهائجي؟) تون کين چئو ته، غنيمت جو مال دراصل الله ۽ ان جي رسول جو آهي. (يعني الله ۽ رسول کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي) پوءِ جيڪڏهن توهان سچا مؤمن آهيو ته توهان کي گهرجي ته (ان مال بابت پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو) الله کان ڊڄو، پنهنجا هڪٻئي سان معاملا درست رکو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداريءَ ۾ محڪم رهو.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِرَ اللّٰهُ وَجِلَتْ قُلُوْبُهُمْ وَاِذَا تُلِيَتْ عَلَيْهِمْ اٰيٰتُهٗ زَادَتْهُمْ اِيْـمَانًا وَّعَلٰي رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُوْنَ ښ 2
مؤمنن جو شان ته هي آهي جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو (يا نالو ورتو وڃي ٿو) تڏهن سندن دليون دهلجي ٿيون وڃن ۽ جڏهن سندس آيتون کين پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن سندن ايمان کي وڌيڪ پڪو ڪري ٿيون ڇڏين، ۽ هو هر حال ۾ پنهنجي پروردگار تي (پنهنجي فرض ادائي ڪرڻ بعد) پورو ڀروسو رکن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۭ
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (ڪجهه حصو اسان جي راهه ۾ به) خرچ ڪن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙواُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا ۭ لَهُمْ دَرَجٰتٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَمَغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْـمٌ 4ۚ
بيشڪ اهڙائي ماڻهو حقيقي مؤمن آهن، انهن جي لاءِ سندن پروردگار وٽان مرتبا ۽ درجا آهن ۽ بخشائش ۽ عزت جي روزي آهي.
— علامہ علي خان ابڙوكَــمَآ اَخْرَجَكَ رَبُّكَ مِنْۢ بَيْتِكَ بِالْـحَقِّ ۠ وَاِنَّ فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ لَكٰرِهُوْنَ 5ۙ
(هن غنيمت جي معاملي کي به اهڙوئي سمجهو) جهڙئيءَ طرح (بدر جي جنگ ۾) هيءَ ڳالهه ٿي هئي جو تنهنجي پروردگار سچائي سان (حق جي راهه ۾) توکي گهر کان ٻاهر آندو هو ۽ هيءَ سچي ڳالهه آهي ته مؤمنن جي هڪڙي ٽولي هن ڳالهه ۾ (يعني ڪافرن جي لشڪر سان وڙهڻ ۾) بلڪل ناراض هئي.
— علامہ علي خان ابڙويُـجَادِلُوْنَكَ فِي الْـحَقِّ بَعْدَمَا تَبَيَّنَ كَاَنَّـمَا يُسَاقُوْنَ اِلَى الْمَوْتِ وَهُمْ يَنْظُرُوْنَ 6ۭ
اهي (ناراض ٽوليءَ وارا) توسان حق جي ڳالهه ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا، اگرچه معاملو صاف ظاهر ٿي چڪو هو (ته هڪ هزار ڪافر مديني تي ڪاهڻ اچي رهيا هئا، اهي مسلمان لڙائي ڪرڻ کان ايتري قدر ٿي ڇرڪيا جو) ڄڻ ته کين زور سان موت جي منهن ۾ ڌڪيو پي ويو ۽ هو (پنهنجو موت پنهنجي اکين سان) ڏسي رهيا هئا.
— علامہ علي خان ابڙووَاِذْ يَعِدُكُمُ اللّٰهُ اِحْدَى الطَّاۗىِٕفَتَيْنِ اَنَّهَا لَكُمْ وَتَوَدُّوْنَ اَنَّ غَيْرَ ذَاتِ الشَّوْكَةِ تَكُوْنُ لَكُمْ وَيُرِيْدُ اللّٰهُ اَنْ يُّـحِقَّ الْـحَقَّ بِكَلِمٰتِهٖ وَيَقْطَعَ دَابِرَ الْكٰفِرِيْنَ 7ۙ
۽ (اي مسلمانو اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن الله اوهان سان واعدو ڪيو هو ته (دشمنن جي) ٻن جماعتن مان هڪ ضرور اوهان جي هٿ ايندي ۽ اوهان جو حال هي هو جو چاهيو ٿي ته جنهن جماعت ۾ وڙهڻ جي طاقت ڪانهي (يعني قافلي واري) سا هٿ اچي وڃي، پر خدا ته چاهيو ٿي ته پنهنجي واعدي موجب حق کي ثابت (۽ پائدار) ڪري، ۽ حق جي دشمنن جون پاڙون پٽي وڍي ڇڏي.
— علامہ علي خان ابڙولِيُحِقَّ الْـحَقَّ وَيُبْطِلَ الْبَاطِلَ وَلَوْ كَرِهَ الْمُجْرِمُوْنَ 8ۚ
اهو انهيءَ لاءِ ته (الله تعاليٰ) حق کي حق (يعني ثابت ۽ پائدار) ڪري ڏيکاري ۽ باطل کي باطل ڪري ڏيکاري (يعني ڪوڙ کي ناڪامياب ۽ فنا ڪري ڇڏي) اگرچه (ظلم ۽ فساد ڪندڙ) گنهگار ائين ٿيڻ پسند نه ڪن.
— علامہ علي خان ابڙواِذْ تَسْتَغِيْثُوْنَ رَبَّكُمْ فَاسْتَجَابَ لَكُمْ اَنِّىْ مُـمِدُّكُمْ بِاَلْفٍ مِّنَ الْمَلٰۗىِٕكَةِ مُرْدِفِيْنَ 9
(۽ اهو وقت به ياد رکو) جڏهن توهان (بدر جي جنگ جي موقعي تي) پنهنجي پروردگار وٽ پڪار ڪئي هئي ته، اسان جي مدد ڪر ۽ هن اوهان جي پڪار ٻڌي هئي، هن چيو هو ته، مان هڪ هزار فرشتن سان جي هڪ ٻئي پٺيان ايندا توهان جي مدد ڪندس.
— علامہ علي خان ابڙووَمَا جَعَلَهُ اللّٰهُ اِلَّا بُشْرٰي وَلِتَطْمَىِٕنَّ بِهٖ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَمَا النَّصْرُ اِلَّامِنْ عِنْدِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَزِيْزٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ الله جو اها ڳالهه ڪئي سو سندس مقصد سواءِ هن جي ڪجهه نه هو ته (توهان جي لاءِ) خوشخبري ٿئي ۽ اوهان جون (هراسيل) دليون تسلي ۽ قرار حاصل ڪن، نه ته مدد ته (اهر حال ۾) الله ئي جي طرف کان آهي. بيشڪ هو (سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکڻ وارو آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِذْ يُغَشِّيْكُمُ النُّعَاسَ اَمَنَةً مِّنْهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيْكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً لِّيُطَهِّرَكُمْ بِهٖ وَيُذْهِبَ عَنْكُمْ رِجْزَ الشَّيْطٰنِ وَلِيَرْبِطَ عَلٰي قُلُوْبِكُمْ وَيُثَبِّتَ بِهِ الْاَقْدَامَ ۭ11
(اهو وقت ياد ڪيو) جڏهن الله تعاليٰ اوهان تي ڇانئجي ويندڙ ننڊ آندي، جا ننڊ خدا جي طرفان اوهان لاءِ تسلي ۽ بي ڊپائيءَ جو سبب بڻجي پئي ۽ الله تعاليٰ آسمان مان اوهان تي مينهن وسايو انهيءَ لاءِ ته اوهان کي پاڪ ۽ صاف ٿيڻ جو موقعو ڏئي ۽ اوهان مان شيطان (جي وسوسن) جي ناپاڪائي ڪڍي ڇڏي. پڻ توهان جون دليون ڳنڍي مضبوط ڪري ڇڏي ۽ (واريءَ تي) اوهان جا قدم ان مينهن جي وسيلي ڄمائي.
— علامہ علي خان ابڙواِذْ يُوْحِيْ رَبُّكَ اِلَى الْمَلٰۗىِٕكَةِ اَنِّىْ مَعَكُمْ فَثَبِّتُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۭسَاُلْقِيْ فِيْ قُلُوْبِ الَّذِيْنَ كَفَرُوا الرُّعْبَ فَاضْرِبُوْا فَوْقَ الْاَعْنَاقِ وَاضْرِبُوْا مِنْهُمْ كُلَّ بَنَانٍ ۭ12
(اي پيغمبر! هي اهو وقت هو) جڏهن تنهنجي پروردگار فرشتن تي وحي نازل ڪيو ته مان اوهان سان آهيان (يعني منهنجي مدد توهان سان آهي) پوءِ مؤمنن کي محڪم ۽ ثابت قدم رکو. جلدئي مان ڪافرن جي دلين ۾ (مؤمنن جي) دهشت وجهندس تنهن ڪري (اي مسلمانو) هنن جي گردنن تي (تلوار جا) ڌڪ هڻو ۽ هنن جي هٿن ۽ پيرن جي هرهڪ آڱر تي ڌڪ لڳايو.
— علامہ علي خان ابڙوذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاقِقِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 13
۽ هي (هلت) هن ڪري (ڪيو) جو هنن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو ته پوءِ ياد رکو ته الله تعاليٰ (کين سندن عملن جي بدلي ۾) سخت سزا ڏيڻ وارو آهي.
— علامہ علي خان ابڙوذٰلِكُمْ فَذُوْقُوْهُ وَاَنَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابَ النَّارِ 14
(اي حق جا دشمنؤ!) هيءَ آهي سزا اوهان جي لاءِ، پوءِ ڀوڳيو اها سزا ۽ يقين ڄاڻو ته حق جي منڪرن لاءِ دوزخ جي باهه جو عذاب به اچڻو آهي.
— علامہ علي خان ابڙويٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا زَحْفًا فَلَا تُوَلُّوْهُمُ الْاَدْبَارَ ۚ15
مومنؤ! جڏهن ڪافرن جي لشڪر سان اوهان جو مقابلو ٿئي (يعني هو اوهان تي چڙهي اچن ۽ اوهان کي ساڻن وڙهڻو پوي) تڏهن هنن کي هرگز پٺي نه ڏيکار جو (يعني متان ڊڄي پوئتي ڀڄو).
— علامہ علي خان ابڙووَمَنْ يُّوَلِّهِمْ يَوْمَىِٕذٍ دُبُرَهٗ ٓ اِلَّا مُتَحَرِّفًا لِّقِتَالٍ اَوْ مُتَحَيِّزًا اِلٰي فِئَةٍ فَقَدْ بَاۗءَ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِ وَمَاْوٰىهُ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 16
۽ جيڪو به اهڙي موقعي تي پٺي ڏئي ڀڄندو تنهن بابت سمنجهو ته هو خدا جي غضب هيٺ اچي ويو ۽ هن جو ٽڪاڻو دوزخ ٿيو. (۽ هن جو ٽڪاڻو دوزخ ٿيو ته پوءِ) ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي، پر جيڪو لڙائي جي مصلحت لاءِ هٽي وڃي يا (پنهنجي ٽولين مان) ڪنهن ٽوليءَ سان جاءِ وٺڻ چاهي (۽ انهن مقصدن لاءِ هڪ جاءِ کان هٽي ٻي جاءِ ڏي وڃي ته پوءِ جائز آهي.)
— علامہ علي خان ابڙوفَلَمْ تَقْتُلُوْهُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ قَتَلَهُمْ ۠ وَمَا رَمَيْتَ اِذْ رَمَيْتَ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ رَمٰى ۚ وَلِيُبْلِيَ الْمُؤْمِنِيْنَ مِنْهُ بَلَاۗءً حَسَـنًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 17
(ٻٽاڪ نه هڻجو ياد رکو ته) توهان هنن کي (جنگ ۾) قتل نه ڪيو پر خود خدا هنن کي قتل ڪيو ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تو (جنگ جي ميدان ۾ مٽيءَ سان مٺ ڀري ڪافرن ڏانهن) اڇلائي هئي تڏهن حقيقتاً تو ڪين اڇلائي هئي پر خدا اڇلائي هئي ۽ اهو هن ڪري ٿيو هو ته ان جي وسيلي ايمان وارن کي هڪڙي چڱي آزمائش ۾ وجهي آزمائي. بيشڪ الله تعالي! ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙوذٰلِكُمْ وَاَنَّ اللّٰهَ مُوْهِنُ كَيْدِ الْكٰفِرِيْنَ 18
هي سڀ ته ٿي چڪو (جو بدر ۾ ڪافرن کي شڪست آئي) هاڻي (هي به ٻڌي ڇڏيو ته) الله تعاليٰ يقيناً ڪافرن جي مخفي تدبيرن کي به (جيڪي هو اسلام کي روڪڻ لاءِ ڪري رهيا آهن) ڪمزور ڪري ڇڏڻ وارو آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِنْ تَسـْتَفْتِحُوْا فَقَدْ جَاۗءَكُمُ الْفَتْحُ ۚ وَاِنْ تَنْتَهُوْا فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَعُوْدُوْا نَعُدْ ۚ وَلَنْ تُغْنِيَ عَنْكُمْ فِئَتُكُمْ شَـيْــــًٔـا وَّلَوْ كَثُرَتْ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مَعَ الْمُؤْمِنِيْنَ ۧ19
(اي مڪي جاسردارؤ!) جيڪڏهن توهان سوڀ جا طلبگار هئو ته ڏسي ورتوَ ته سوڀ توهان جي سامهون اچي ويئي. (يعني فتح مومنن کي ملي) ۽ جيڪڏهن (آئنده لڙائيءَ کان) باز اچو ته ان ۾ توهان جي لاءِ بهتري آهي ۽ جيڪڏهن وري اها هلت (وڙهڻ واري) وٺندؤ ته اسان به اهائي هلت وٺنداسين ۽ ياد رکو ته اوهان جو لشڪر توهان جي ڪجهه به ڪم نه ايندو، اگرچه گهڻا ماڻهو گڏ ڪيو. يقيناً الله تعاليٰ مؤمنن سان آهي. (کين مدد ڪندو ۽ اوهان ڪافر نيٺ مغلوب ٿيندؤ).
— علامہ علي خان ابڙويٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَلَا تَوَلَّوْا عَنْهُ وَاَنْتُمْ تَسْمَعُوْنَ ښ 20
مومنؤ! الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو. ان کان منهن نه موڙيو، جڏهن ته توهان (حق جو سڏ) ٻڌي رهيا آهيو.
— علامہ علي خان ابڙو