076 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 31 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
هَلْ اَتٰى عَلَي الْاِنْسَانِ حِيْنٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُنْ شَيْـــًٔا مَّذْكُوْرًا 1
بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي، جنهن ۾ هو ڪابه اهڙي شئ نه هو جنهن جي ڳالهه ڳڻي وڃي.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّا خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ اَمْشَاجٍ ڰ نَّبْتَلِيْهِ فَجَعَلْنٰهُ سَمِيْعًۢا بَصِيْرًا 2
بيشڪ اسان انسان کي (مرد ۽ عورت جي) گڏيل نطفي مان پيدا ڪيو (۽ ماءُ جي پيٽ ۾ اهڙيءَ طرح صلاحيتن سان ان کي ٺاهيو) جو (اڳتي هلي) ان کي آزمائش ۾ آڻيون. پوءِ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّا هَدَيْنٰهُ السَّبِيْلَ اِمَّا شَاكِرًا وَّاِمَّا كَفُوْرًا 3
بيشڪ اسان (ان سوچ ۽ سمجهه جي قابل) انسان کي (وحي وارو) هدايت جو رستو ڏيکاريو، پوءِ هو شڪر ڪندڙ بڻجي يا انڪار ڪندڙ.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَلٰسِلَا۟ وَاَغْلٰلًا وَّسَعِيْرًا 4
بيشڪ اسان انڪار ڪندڙن لاءِ زنجير، ڳچيءَ جو ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ الْاَبْرَارَ يَشْرَبُوْنَ مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًا 5ۚ
بيشڪ نيڪ بخت اهڙي (مشروب جي)پيالي مان پيئندا جنهن ۾ ملاوٽ ڪافور جي ٿيندي.
— علامہ علي خان ابڙوعَيْنًا يَّشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللّٰهِ يُفَجِّرُوْنَهَا تَفْجِيْرًا 6
(اهو ڪافور) جيڪو هڪ چشمو آهي، جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا.
— علامہ علي خان ابڙويُوْفُوْنَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُوْنَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهٗ مُسْـتَطِيْرًا 7
اهي (ماڻهو دنيا ۾ الله جي جي اطاعت بابت کنيل ذميواريءَ جي) باس کي پورو ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي بڇڙائي پکڙيل هوندي.
— علامہ علي خان ابڙووَيُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰي حُبِّهٖ مِسْكِيْنًا وَّيَـتِـيْمًا وَّاَسِيْرًا 8
۽ سندس محبت وچان مسڪين، يتيم ۽ قيديءَ (جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا ۽ انهن) کي کاڌو کارائين ٿا.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّـمَا نُـطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِيْدُ مِنْكُمْ جَزَاۗءً وَّلَا شُكُوْرًا 9
(۽ چون ٿا ته) اسين اوهان (تي ڪوبه احسان نٿا ڪريون.) رڳو الله جي رضامندي لاءِ کاڌو کارايون ٿا.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّا نَخَافُ مِنْ رَّبِّنَا يَوْمًا عَبُوْسًا قَمْطَرِيْرًا 10
بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ جي طرفان (ذري ذري جو حساب ڪتاب ڏيڻ واري) هڪ ڏکئي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا.
— علامہ علي خان ابڙوفَوَقٰىهُمُ اللّٰهُ شَرَّ ذٰلِكَ الْيَوْمِ وَلَقّٰىهُمْ نَضْرَةً وَّسُرُوْرًا ۚ11
پوءِ (ان عمل جي نتيجي ۾) الله انهن کي ان (ڏينهن) جي بڇڙائيءَ (۽ هلاڪت) کان بچايو، ۽ انهن کي تازگيء ۽ خوشي پهچايائين.
— علامہ علي خان ابڙووَجَزٰىهُمْ بِـمَا صَبَرُوْا جَنَّةً وَّحَرِيْرًا ۙ12
۽ سندن ثابت قدميءَ جي ڪري انهن کي باغ ۽ ريشم بدلي ۾ ڏنائين.
— علامہ علي خان ابڙومُّتَّكِــــِٕيْنَ فِيْهَا عَلَي الْاَرَاۗىِٕكِ ۚ لَا يَرَوْنَ فِيْهَا شَمْسًا وَّلَا زَمْهَرِيْرًا ۚ13
ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويهندا. نه ان ۾ (سج جي گرمائيندڙ) اس ۽ نه سخت (ڏڪائيندڙ) سردي ڏسندا.
— علامہ علي خان ابڙووَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلٰلُهَا وَذُلِّـلَتْ قُـطُوْفُهَا تَذْلِيْلًا 14
۽ ان باغ جون ڇانئون (شاخون) مٿن ويجهيون (جهڪيل) هونديون ۽ ان جا ميوا چڱيءَ طرح لٽڪايا ويا هوندا. (مطلب ته راحت جي ڪابه شئ سندن گرفت کان ٻاهر نه هوندي).
— علامہ علي خان ابڙووَيُطَافُ عَلَيْهِمْ بِاٰنِيَةٍ مِّنْ فِضَّةٍ وَّاَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَا۩رِيْرَا۟ ۙ15
۽ وٽن چانديءَ جي ٿانون اهڙن پيالن سان (خادمن جي) اچ وڃ ٿيندي جيڪي شيشي جا هوندا.
— علامہ علي خان ابڙوقَوَا۩رِيْرَا۟ مِنْ فِضَّةٍ قَدَّرُوْهَا تَقْدِيْرًا 16
(پر اهو) شيشو چانديءَ جهڙو (چمڪندڙ) هوندو. جن کي (پورو) اندازو ڪري بنايو ويو هوندو.
— علامہ علي خان ابڙووَيُسْقَوْنَ فِيْهَا كَاْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِيْلًا ۚ17
۽ ان ۾ کين اهڙو پيالو پيارو ويندو جنهن ۾ ملاوت سنڍ (چشمي) جي هوندي.
— علامہ علي خان ابڙوعَيْنًا فِيْهَا تُسَمّٰى سَلْسَبِيْلًا 18
جو ان ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو وڃي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙووَيَطُوْفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَ ۚ اِذَا رَاَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًا مَّنْثُوْرًا 19
۽ هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا (خادم سندن خدمت لاءِ) وٽن پيا ايندا ويندا. (اي ڏسندڙ) جڏهن تون کين ڏسندين ته انهن کي پکڙيل موتي خيال ڪندين.
— علامہ علي خان ابڙووَاِذَا رَاَيْتَ ثَمَّ رَاَيْتَ نَعِيْمًا وَّمُلْكًا كَبِيْرًا 20
۽ جڏهن اتي ڏسندين (۽ جيڏانهن به نظر ڦيرائي ڏسندين) ته نعمت ۽ وڏي بادشاهي ڏسندين.
— علامہ علي خان ابڙو