070 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 44 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
سَاَلَ سَاۗىِٕلٌۢ بِعَذَابٍ وَّاقِعٍ 1ۙ
(نه مڃيندڙن مان ٽوڪ ڪندي) هڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب بابت سوال ڪيو. (ته ڪڏهن اهو عذاب ڪڙڪندو؟)
— علامہ علي خان ابڙولِّلْكٰفِرِيْنَ لَيْسَ لَهٗ دَافِعٌ 2ۙ
(کين چئو ته) ان کي ڪوبه هٽائڻ وارو نه آهي.
— علامہ علي خان ابڙومِّنَ اللّٰهِ ذِي الْمَعَارِجِ 3ۭ
جو (ڌيرج جي) وڏن مرتبن واري الله جي طرفان (انهن تي مڪافات واري قانون هيٺ نيٺ ته ايندو.)
— علامہ علي خان ابڙوتَعْرُجُ الْمَلٰۗىِٕكَةُ وَالرُّوْحُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ خَمْسِيْنَ اَلْفَ سَـنَةٍ 4ۚ
ملائڪ ۽ (ايمان وارن جا) روح ان ڏي اهڙي ڏينهن ۾ چڙهندا جنهن جي ڊگهائي (دنيا جي) پنجاهه هزار ورهين (جي برابر) ٿيندي.
— علامہ علي خان ابڙوفَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِيْلًا 5
پوءِ (اي پيغمبر! تون انهن جي مخالفت جي پرواهه نه ڪر ۽) تون سهڻي نموني سان (ثابت قدم رهي) صبر ڪر.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّهُمْ يَرَوْنَهٗ بَعِيْدًا 6ۙ
بيشڪ اهي ان (ڏينهن) کي پري ڏسن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙووَّنَرٰىهُ قَرِيْبًا 7ۭ
۽ اسين ان کي ويجهو ڏسون ٿا.
— علامہ علي خان ابڙويَوْمَ تَكُوْنُ السَّمَاۗءُ كَالْمُهْلِ 8ۙ
(۽ جنهن وقت اهو اچي ڪڙڪيو ته) ان ڏينهن آسمان رجايل ٽامي جهڙو ٿيندو.
— علامہ علي خان ابڙووَتَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ 9ۙ
۽ (مضبوط بيٺل) جبل رنگارنگي پڃيل ان جهڙا (ڦلڙا) ٿي ويندا.
— علامہ علي خان ابڙووَلَا يَسْـَٔــلُ حَـمِيْمٌ حَمِـيْمًا ښ 10
(نفسا نفسيءَ جي حالت هوندي) ۽ ڪوبه ويجهي ۾ ويجهو مائٽ ڪنهن به ويجهي ۾ ويجهي مائٽ کان پڇندو به نه.
— علامہ علي خان ابڙويُّبَصَّرُوْنَهُمْ ۭ يَوَدُّ الْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِيْ مِنْ عَذَابِ يَوْمِىِٕذٍۢ بِبَنِيْهِ ۙ11
(توڙي جو) اهي هڪ ٻئي کي ڏسڻ ۾ به ايندا. ڏوهاري خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن جي عذاب (کان بچڻ خاطر) بدلي ۾ پنهنجا پٽ.
— علامہ علي خان ابڙووَصَاحِبَتِهٖ وَاَخِيْهِ ۙ12
۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجو ڀاءُ.
— علامہ علي خان ابڙووَفَصِيْلَتِهِ الَّتِيْ تُـــــْٔوِيْهِ ۙ13
۽ پنهنجو گهراڻو، جن سان هو رهندو هو. (فديي طور ڏئي پنهنجي جان ڇڏائي).
— علامہ علي خان ابڙووَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ ثُـمَّ يُنْجِيْهِ ۙ14
۽ جيڪي زمين ۾ سڀ آهي سو به بدلي ۾ ڏئي وري اهو (بدلو ڏيڻ) ان کي (ان عذاب مان) ڇڏائي.
— علامہ علي خان ابڙوكَلَّا ۭ اِنَّهَا لَظٰى ۙ15
(پر) ائين ڪڏهن به نه ٿيندو، بيشڪ اها ڀڙڪندڙ باهه آهي.
— علامہ علي خان ابڙونَزَّاعَةً لِّلشَّوٰى ښ 16
جيڪا کل کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙوتَدْعُوْا مَنْ اَدْبَرَ وَتَوَلّٰى ۙ17
(اها باهه آواز ڏئي) ان کي (پاڻ ڏي) سڏيندي جنهن (دنيا ۾ خدا جي ربوبيت ۽ ورهاست واري نظام کان) پٺ ڦيري ۽ (ان جي فرمانبرداريءَ کان) منهن موڙيو.
— علامہ علي خان ابڙووَجَمَعَ فَاَوْعٰى 18
۽ (مال) گڏ ڪيو، پوءِ (ٽجوڙيون ڀري يا ڪا ڪٿي جمع ڪري) سنڀالي رکيو.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ الْاِنْسَانَ خُلِقَ هَلُوْعًا ۙ19
بيشڪ انسان (وحي جي تعليمات کان سواءِ پنهنجي جوهر ۾) ڪمزور دل پيدا ڪيو ويو آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِذَا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزُوْعًا ۙ20
(نتيجي ۾) جڏهن انکي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ۽ بزدل ٿيو پوي.
— علامہ علي خان ابڙو