007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
الۗمّۗصۗ 1ۚ
الٓمّٓصٓ
— علامہ علي خان ابڙوكِتٰبٌ اُنْزِلَ اِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِيْ صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنْذِرَ بِهٖ وَذِكْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2
(اي پيغمبر! هي) ڪتاب آهي جو توتي نازل ڪيو ويو آهي. پوءِ ان (ڪتاب) جي ڪري تنهنجي سيني ۾ ڪجهه به تنگي ۽ تڪليف نه هئڻ گهرجي (۽ نه ٿيندي) انهيءَ لاءِ ته تون هن (ڪتاب) جي وسيلي (انڪار ۽ بدعملي جي نتيجن کان) خبردار ڪرين. (۽ هي ڪتاب) ايمان وارن لاءِ بيداري ۽ نصيحت ٿئي.
— علامہ علي خان ابڙواِتَّبِعُوْا مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَ 3
(اي انسانو) توهان جي پروردگار وٽان جيڪي اوهان ڏي موڪليو ويو آهي (يعني جيڪو منهنجو وحي اوهان کي منهنجو رسول ٻڌائي ٿو) تنهن جي پيروي ڪيو (ان تي عمل ڪيو) ۽ خدا کي ڇڏي اوليائن (جن کي توهان خدا سان شريڪ ٿا ڪيو ۽ سمجهو ٿا ته خدا وٽ هنن جي رسائي آهي ۽ اسان جي مدد ڪندا اهڙن خيالن) جي تابعداري نه ڪريو. (افسوس جو) توهان (اهڙي سولي ڳالهه نٿا سمجهو ۽) تمام ٿورا آهيو جو نصيحت حاصل ڪيو ٿا.
— علامہ علي خان ابڙووَكَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا فَـجَاۗءَهَا بَاْسُنَا بَيَاتًا اَوْ هُمْ قَاۗىِٕلُوْنَ 4
۽ (اي انسانو! عبرت وٺو، ڏسو ته) ڪيترا نه شهر اسان تباه ڪري ڇڏيا (هن ڪري جو انهن جي ماڻهن تڪبر ۽ ظلم ڪيو ۽ خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي) اسان جو عذاب هنن تي رات جي وقت (اوچتو) اچي ڪڙڪيو يا ڏينهن جي وقت جڏهن (منجهند واري مٺي) ننڊ ۾ هئا.
— علامہ علي خان ابڙوفَـمَا كَانَ دَعْوٰىهُمْ اِذْ جَاۗءَهُمْ بَاْسُنَآ اِلَّآ اَنْ قَالُوْٓا اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 5
جنهن وقت هنن جي مٿان اسان جو عذاب اچي ڪڙڪيو تنهن وقت هنن جي وات ۾ فقط اهائي وائي هئي ته بيشڪ اسان سچ پچ ظالم هئاسين.
— علامہ علي خان ابڙوفَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الَّذِيْنَ اُرْسِلَ اِلَيْهِمْ وَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الْمُرْسَلِيْنَ 6ۙ
پوءِ (قيامت جي ڏينهن) اسان انهن ماڻهن کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين جن ڏي اسان رسول موڪليا هئا ۽ رسولن کان به پڇا ڪنداسين (ته توهان پنهنجي ماڻهن کي اسان جا ڪهڙا حڪم پهچايا ۽ انهن ڪيتري قدر اسان جي حڪمن جي تعميل ڪئي).
— علامہ علي خان ابڙوفَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ وَّمَا كُنَّا غَاۗىِٕبِيْنَ 7
(پر) پوءِ جيئن ته اسان کي (اڳيئي) سڀ ڪجهه معلوم آهي سو اسان سڀ حالتون کين ٻڌائينداسين، ڇو ته اسان ڪٿي به (۽ ڪنهن به وقت هنن کان پري) غائب يا غيرحاضر ڪونه هئاسين (۽ اسان نه رڳو سندن عمل پئي ڏٺا پر سندن دل جا خيال به معلوم پئي ڪيا.)
— علامہ علي خان ابڙووَالْوَزْنُ يَوْمَىِٕذِ ۨالْـحَقُّ ۚ فَـمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 8
انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن (عملن جي) تور بلڪل ٺيڪ ٺيڪ ڪئي ويندي پوءِ جن ماڻهن جي (نيڪ عملن جو) پڙ ڳورو ٿيندو سي ئي ڪامياب ٿيندا (۽ بهشت جون نعمتون ماڻيندا).
— علامہ علي خان ابڙووَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ بِـمَا كَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَظْلِمُوْنَ 9
۽ جن ماڻهن جي (نيڪ عملن جو) پڙ هلڪو ٿيندو تن جون جانيون هلاڪت ۾ پونديون، ڇو ته هنن اسان جي آيتن ۽ حڪمن بنسبت بي انصافي ئي هئي (۽ انهن تي عمل ڪرڻ بدران مخالفت ڪئي هئائون).
— علامہ علي خان ابڙووَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ ۧ10
۽ (اي انسانو) اسان توهان کي زمين تي (پنهنجي پنهنجي حد اندر) حڪمراني ڏني آهي (يا سلامتيءَ سان رهايو آهي) ۽ ان زمين ۾ توهان جي زندگيءَ ۽ گذران جو سامان ۽ وسيلا ٺاهيا آهن (پر افسوس) توهان ماڻهو گهڻي قدر بي شڪري ٿا ڪيو (جو خدا جي نعمتن خصوصاً وحي جي نعمت جو پورو فائدو نٿا وٺو.)
— علامہ علي خان ابڙووَلَقَدْ خَلَقْنٰكُمْ ثُـمَّ صَوَّرْنٰكُمْ ثُـمَّ قُلْنَا لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ اسْـجُدُوْا لِاٰدَمَ ڰ فَسَجَدُوْٓا اِلَّآ اِبْلِيْسَ ۭ لَمْ يَكُنْ مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
۽ (اي انسانو! ڏسو ته) اسان ئي توهان کي پيدا ڪيو ۽ (نه رڳو پيدا ڪيو پر پيدا ڪرڻ بعد ظاهري توڙي معنوي طور سهڻي) صورت ڏني (۽ علم سيکاريو ۽ فرشتن کان به مٿاهون درجو ڏنو) پوءِ اسان فرشتن کي حڪم ڪيو ته آدم جي اڳيان جهڪو. پوءِ سڀئي فرشتا (آدم جي اڳيان تعظيم لاءِ) جهڪيا ۽ نوڙيا، پر ابليس نه جهڪيو ۽ جهڪڻ وارن سان شامل نه ٿيو.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ مَا مَنَعَكَ اَلَّا تَسْجُدَ اِذْ اَمَرْتُكَ ۭ قَالَ اَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ ۚ خَلَقْتَنِيْ مِنْ نَّارٍ وَّخَلَقْتَهٗ مِنْ طِيْنٍ 12
(تنهن تي الله تعاليٰ ابليس کان) پڇيو ته، جڏهن مان توکي سجدي ڪرڻ جو حڪم به ڏنو تڏهن ڪهڙي ڳالهه توکي روڪيو جو سجدو نه ڪيئي؟ ابليس ورندي ڏني ته مان هن (يعني آدم) کان بهتر آهيان ڇو ته مون کي باهه مان پيدا ڪئي ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪئي.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَـمَا يَكُوْنُ لَكَ اَنْ تَتَكَبَّرَ فِيْهَا فَاخْرُجْ اِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
الله تعاليٰ (تنهن تي) حڪم ڪيو ته (اي ابليس!) جنت مان نڪري وڃ مناسب ناهي ته تون هن حالت ۾ رهي تڪبر ڪرين. نڪري وڃ ٻاهر. يقيناً تون ذليلن خسيسن مان آهين. (جيڪي هميشه خوار خراب رهن ٿا).
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ اَنْظِرْنِيْٓ اِلٰي يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ 14
ابليس چوڻ لڳو ته (اي خدا) مون کي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي، جنهن ڏينهن (جزا ۽ سزا لاءِ) ماڻهن کي وري اٿاريو ويندو.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ اِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
الله تعاليٰ فرمايو ته توکي مهلت آهي.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ فَبِـمَآ اَغْوَيْتَنِيْ لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ ۙ16
(حاسد ابليس مهلت وٺي) چيو ته (اي خدا) جيئن ته تو مون کي بي راهه ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري مان به ماڻهن کي تنهنجي سڌي (راه کان ڀلائي گمراهه ڪري کڏ ۾ ڪيرائڻ لاءِ) واٽ تي (لڪي ڇپي) ويهي رهندس.
— علامہ علي خان ابڙوثُـمَّ لَاٰتِيَنَّهُمْ مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ اَيْـمَانِهِمْ وَعَنْ شَـمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ وَلَا تَـجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِيْنَ 17
۽ پوءِ يقيناً انهن ماڻهن جي اڳئين پاسي کان پٺئين پاسي کان انهن جي ساڄي پاسي کان ۽ پڻ کاٻي پاسي کان (يعني هر طرف کان ۽ هر حيلي ۽ ٺڳيءَ سان) وٽن ايندس (۽ گمراهه ڪندس، تان جو) تون ڏسندين ته هنن مان گهڻا تنهنجي (نعمتن جي) شڪرگذاري نه ڪندا (۽ تنهنجي نافرماني ڪري ظلم ڪندا.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُوْمًا مَّدْحُوْرًا ۭ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
الله تعاليٰ (تنهن تي) فرمايو ته، (اي ابليس) هتان خوار خراب ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ. بيشڪ (ائين ٿيندو جو) جيڪو به ماڻهن منجهان تنهنجي پيروي ڪندو تنهن سان ۽ اوهان سڀني سان (يعني تون، تنهنجا سنگتي شيطان ۽ تنهنجي پيروي ڪندڙ انسانن سان) دوزخ کي ڀري ڇڏيندس.
— علامہ علي خان ابڙووَيٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْـجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِـئْتُـمَا وَلَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
۽ (الله تعاليٰ فرمايو ته) اي آدم! تون ۽ تنهنجي اهليه (بي بي حوا) جنت ۾ رهو ۽ جيڪي به وڻيؤ سو مزي سان کائو. پر هن وڻ کي ويجهو به نه وڃجو. جيڪڏهن ويجهو ويندؤ ته (خدا جي نافرماني سببان) ظالمن ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيا ويندؤ.
— علامہ علي خان ابڙوفَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطٰنُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وٗرِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْاٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهٰىكُـمَا رَبُّكُـمَا عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَا مَلَكَيْنِ اَوْ تَكُوْنَا مِنَ الْـخٰلِدِيْنَ 20
پوءِ شيطان هنن (آدم ۾ حوا) جي دلين ۾ وسوسو وڌو انهيءَ لاءِ ته انهن (جي فطرت) ۾ جيڪو ستر يا شرمگاه کانئن لڪل هو سو کين کولي ڏيکاري. سو کين شيطان چيو ته، اوهان جي رب اوهان کي هن وڻ کان ٻئي ڪنهن به سبب نه روڪيو آهي، سواءِ هن (سبب جي ته) توهان ٻئي (ان وڻ جي ويجهو وڃڻ سان) فرشتا نه بنجي پئو يا جنت ۾ هميشه رهڻ وارن منجهان نه ٿي پئو.
— علامہ علي خان ابڙو