069 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
اَلْحَاۗقَّةُ 1ۙ
ثابت ٿيڻ واري (سزا ۽ تباهي اجهو ثابت ٿي).
— علامہ علي خان ابڙومَا الْحَاۗقَّةُ 2ۚ
اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟
— علامہ علي خان ابڙووَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحَاۗقَّةُ 3ۭ
۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ (اسان کان وڌيڪ توکي بهتر سمجهائڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو).
— علامہ علي خان ابڙوكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ وَعَادٌۢ بِالْقَارِعَةِ 4
(ساڳي تباهي توکان اڳين قومن تي به آئي ۽) ثمود ۽ عاد (جي قومن بدعملين جي نتيجي ۾) وڏي مصيبت (جي اچڻ) کي ڪوڙو ڪيو.
— علامہ علي خان ابڙوفَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَاُهْلِكُوْا بِالطَّاغِيَةِ 5
پوءِ ثمود (جي قوم) کي حد کان لگهندڙ (سخت آواز) سان هلاڪ ڪيو ويو.
— علامہ علي خان ابڙووَاَمَّا عَادٌ فَاُهْلِكُوْا بِرِيْحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ 6ۙ
۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لگهندڙ تيز (ٿڌي) هوا سان هلاڪ ڪيو ويو.
— علامہ علي خان ابڙوسَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَّثَمٰنِيَةَ اَيَّامٍ ۙ حُسُوْمًا ۙ فَتَرَى الْقَوْمَ فِيْهَا صَرْعٰى ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ 7ۚ
جنهن کي (الله)مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار هلايو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ! جيڪڏهن تون اتي ڏسين ها ته) تون ان قوم کي ان زمين تي ائين منهن ڀر اونڌو) ڪريل ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ (پيل) آهن.
— علامہ علي خان ابڙوفَهَلْ تَرٰى لَهُمْ مِّنْۢ بَاقِيَةٍ 8
پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟ (اهي ڌرتيءَ تان نيست ۽ نابود ٿي ويا.
— علامہ علي خان ابڙووَجَاۗءَ فِرْعَوْنُ وَمَنْ قَبْلَهٗ وَالْمُؤْتَفِكٰتُ بِالْخَاطِئَةِ 9ۚ
۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا (تن جو به بڇڙو حشر ٿيو) ۽ (حضرت لوط جي قوم جو به) جن جون وستيون اونڌيون ڪري سٽيون ويون جو ڏوهه ڪيائون.
— علامہ علي خان ابڙوفَعَصَوْا رَسُوْلَ رَبِّهِمْ فَاَخَذَهُمْ اَخْذَةً رَّابِيَةً 10
پوءِ انهن پنهنجي پالڻهار جي موڪليل (رسول) جي نافرماني ڪئي، پوءِ الله (جي مڪافات واري قانون) کين تمام سخت پڪڙ ڪئي.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّا لَمَّا طَغَا الْمَاۗءُ حَمَلْنٰكُمْ فِي الْجَارِيَةِ ۙ11
(اي ماڻهؤ! نبين جي ساٿ ڏيڻ تي اسان توهان جو ساٿ ڏنو ۽ نوح نبيءَ جي وقت ۾) جڏهن پاڻي حد کان لنگهي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون.
— علامہ علي خان ابڙولِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَّتَعِيَهَآ اُذُنٌ وَّاعِيَةٌ 12
هن لاءِ ان (واقعي) کي اوهان لاءِ يادگار (۽ عبرت) بڻايون ۽ ان (قسم جي مڪافات وارن واقعن) کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَن (نصيحت وٺڻ جي لاءِ) ياد رکي.
— علامہ علي خان ابڙوفَاِذَا نُفِخَ فِي الصُّوْرِ نَفْخَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ جڏهن (وري آخرت جي مڪافات وارو مرحلو ايندو ته ان وقت) صورت ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي.
— علامہ علي خان ابڙووَّحُمِلَتِ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَّاحِدَةً ۙ14
۽ (ان وقت) زمين ۽ جبل (پنهنجي جاءِ تان) مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ئي ڀيري کڻي ذريون ذريون ڪيو ويندو.
— علامہ علي خان ابڙوفَيَوْمَىِٕذٍ وَّقَعَتِ الْوَاقِعَةُ ۙ15
تڏهن ان ڏينهن ٿيڻ واري (قيامت) ٿي پوندي.
— علامہ علي خان ابڙووَانْشَقَّتِ السَّمَاۗءُ فَھِيَ يَوْمَىِٕذٍ وَّاهِيَةٌ ۙ16
۽ آسمان ڦاٽندو، پوءِ اهو ان ڏينهن لاچار ٿيل هوندو.
— علامہ علي خان ابڙووَّالْمَلَكُ عَلٰٓي اَرْجَاۗىِٕهَا ۭ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَىِٕذٍ ثَمٰنِيَةٌ ۭ17
۽ ملائڪ (جيڪي ان تي ڦهليل آهن سي) ان جي ڪنارن تي هوندا، ۽ تنهنجي پاليندڙ (جي انوار ۽ تجلين) جو (مرڪز ۽) تخت ان ڏينهن (ميدان ۾ محشرت ۾ آڻي) اٺ ملائڪ پاڻ تي کڻندا.
— علامہ علي خان ابڙويَوْمَىِٕذٍ تُعْرَضُوْنَ لَا تَخْفٰى مِنْكُمْ خَافِيَةٌ 18
ان ڏينهن اوهان کي (الله جي) سامهون ڪيو ويندو، اوهان جي ڪابه ڳالهه (الله کان) لڪل نه هوندي.
— علامہ علي خان ابڙوفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ ۙ فَيَقُوْلُ هَاۗؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِيَهْ ۚ19
پوءِ جنهن کي سندس اعمال نامون سندس سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان) چوندو ته، وٺو منهنجو عمل نامون پڙهو.
— علامہ علي خان ابڙواِنِّىْ ظَنَنْتُ اَنِّىْ مُلٰقٍ حِسَابِيَهْ ۚ20
مون کي يقين هو ته، ضرور (دنيا ۾ ڪيل نيڪ عملين وارو) حساب مونکي ملندو. (سو مليو).
— علامہ علي خان ابڙو