067 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
تَبٰرَكَ الَّذِيْ بِيَدِهِ الْمُلْكُ ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرُ 1ۙ
اهو (الله) وڏي عظمت وارو آهي، جنهن جي هٿ ۾ (ساري ڪائنات جي) بادشاهي آهي (جو ڪائنات جون سڀ شيون سندس قدرتي قانونن ۽ حڪمن مطابق هلن پيون) ۽ اهو سڀ ڪنهن شيء تي وس وارو آهي.
— علامہ علي خان ابڙوۨالَّذِيْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَالْحَيٰوةَ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفُوْرُ 2ۙ
جنهن موت ۽ حياتيءَ کي پيدا ڪيو، هن لاءِ ته (پنهنجي قانونن مٿان عمل ذريعي) اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جا عمل چڱا آهن. ۽ اهو (فرد توڻي قومن کي چڱن عملن جو صلو ڏيڻ ۾) زبردست (۽ انهن جي ننڍين لغزشن کي) بخشڻ وارو آهي.
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا ۭ مَا تَرٰى فِيْ خَلْقِ الرَّحْمٰنِ مِنْ تَفٰوُتٍ ۭ فَارْجِعِ الْبَصَرَ ۙ هَلْ تَرٰى مِنْ فُطُوْرٍ 3
جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. (اي ڏسندڙ! تون ان جي قدرت ۽ رحمت جي اهڙين خوبين تي غور ڪر) تون وڏي مهربان (الله) جي بنائڻ ۾ ڪجهه به فرق نه ڏسندين. (ڏس ته سڀ سيارا پنهنجي پنهنجي مدار تي هلن ٿا ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائجن نٿا) پوءِ تون ورائي (آسمان ڏي) نظر ڪر ته، ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير يا ڏار ڏسين ٿو؟
— علامہ علي خان ابڙوثُـمَّ ارْجِعِ الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنْقَلِبْ اِلَيْكَ الْبَصَرُ خَاسِئًا وَّهُوَ حَسِيْرٌ 4
وري تون (خدا جي تخليق ڪيل انهيءَ ڪائنات ۾) نظر کي بار بار موٽاءِ ته (مٿي به توکي بي ترتيبي نظر نه ايندي ۽) توڏي (تنهنجي) نظر ساڻي ٿي موٽندي ۽ اها ٿڪل هوندي.
— علامہ علي خان ابڙووَلَقَدْ زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِمَصَابِيْحَ وَجَعَلْنٰهَا رُجُوْمًا لِّلشَّـيٰطِيْنِ وَاَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ السَّعِيْرِ 5
۽ بيشڪ اسان دنيا جي (ويجهي) آسمان کي ڏيئن (تارن) سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي. (جيڪي انهن ستارن مان غيب جا حالات معلوم ڪرڻ جي ڪوشش يا دعويٰ ڪن ٿا).
— علامہ علي خان ابڙووَلِلَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 6
۽ جن (خدائي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي) پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو، تن لاءِ (دنيا ۾ به تباهي ۽ بربادي آهي ۽ آخرت ۾) دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِذَآ اُلْقُوْا فِيْهَا سَمِعُوْا لَهَا شَهِيْقًا وَّهِىَ تَفُوْرُ 7ۙ
جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته انهن جون (ڪربناڪ رڙيون ۽) ۽ هينگون ٻڌڻ ۾ اينديون ۽ اهو (جهنم) پيو ٽهڪندو.
— علامہ علي خان ابڙوتَكَادُ تَمَــيَّزُ مِنَ الْغَيْظِ ۭ كُلَّمَآ اُلْقِيَ فِيْهَا فَوْجٌ سَاَلَهُمْ خَزَنَــتُهَآ اَلَمْ يَاْتِكُمْ نَذِيْرٌ 8
(ائين پيو لڳندو) ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي. جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽوليءَ کي اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا کانئن پڇندا ته، اوهان وٽ (بدعملين جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڪو ڊيڄارڻ وارو نه آيو هو ڇا؟
— علامہ علي خان ابڙوقَالُوْا بَلٰي قَدْ جَاۗءَنَا نَذِيْرٌ ڏ فَكَذَّبْنَا وَقُلْنَا مَا نَزَّلَ اللّٰهُ مِنْ شَيْءٍ ښ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ كَبِيْرٍ 9
اهي چوندا ته، ڇو نه! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو (الله جو پيغام ڏيندڙ) آيو هو، پوءِ اسان (ان کي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيو سون ته، الله ڪابه شئ نازل نه ڪئي آهي. (۽ جيڪي ماڻهو ان کي مڃن پيا تن کي الٽو ٽوڪيون پيا ته) اوهين ته وڏيءَ گمراهيءَ ۾ پيا آهيو.
— علامہ علي خان ابڙووَقَالُوْا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ اَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِيْٓ اَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 10
۽ چوندا، (ته اسان عقل ۽ فڪر کان ڪم ئي نه ورتو رڳو ضد ۽ انڌي تقليد ۾ انهن جي مخالفت ڪئي) اسين (هيڪر انهن کي) ٻڌون ها يا سمجهون ها ته دوزخين (جي جماعت) ۾ (ڪڏهن به داخل) نه ٿيون ها.
— علامہ علي خان ابڙوفَاعْتَرَفُوْا بِذَنْۢبِهِمْ ۚ فَسُحْقًا لِّاَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 11
پوءِ (عذاب کي پنهنجي اکين سان ڏسي) انهن پنهنجو ڏوهه مڃيو. پوءِ دوزخي (وقت وڃائي آيا ۽ هاڻي رحمت کان) پري هجن.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ الَّذِيْنَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَيْبِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 12
بيشڪ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان پرپٺ ڊڄن ٿا (۽ غلط عملين جي نتيجن کان خبردار رهن ٿا) تن لاءِ (ننڍين لغزشن کان) معافي ۽ وڏو اجر آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَاَسِرُّوْا قَوْلَكُمْ اَوِ اجْهَرُوْا بِهٖ ۭ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 13
۽ (اي ماڻهو!) اوهين (خدا جي قانونن تي هلڻ متعلق) پنهنجي ڳالهه لڪائي ڪريو يا کليءَ طرح علي الاعلان ڪريو، اهو ته سينن جون ڳالهيون (۽ اتي اچڻ وارا خيال به) ڄاڻيندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙواَلَا يَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ ۭ وَهُوَ اللَّطِيْفُ الْخَبِيْرُ ۧ14
ڀلا جنهن پيدا ڪيو آهي، سو (اهي ڳالهيون) نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته اونهيءَ نظر وارو پوري خبر رکندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙوهُوَ الَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ ذَلُوْلًا فَامْشُوْا فِيْ مَنَاكِبِهَا وَكُلُوْا مِنْ رِّزْقِهٖ ۭ وَاِلَيْهِ النُّشُوْرُ 15
هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ (رزق جي سرچشمي) زمين کي تابع ڪيو آهي، پوءِ ان جي رستن تي هلو ۽ الله جي رزق مان کائو ۽ (هي نه سمجهو ته ان رزق جي سرچشمن جا اوهان اڪيلا ۽ بي پڇا مالڪ آهيو، بلڪ اها اوهان وٽ امانت آهي، جنهن جي حساب لاءِ اوهان جو) ان ڏي ئي جيئرو ٿي اٿڻ آهي.
— علامہ علي خان ابڙوءَاَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يَّخْسِفَ بِكُمُ الْاَرْضَ فَاِذَا هِيَ تَمُوْرُ ۙ16
(اوهان جو رزق جي معاملي ۾ پاڻ کي آزاد ۽ بي پڇا ٿا سمجهو) ڇا جيڪو (الله) آسمانن ۾ آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي رزق جي ساڳئي سرچشمي) زمين ۾ ڳهائي ڇڏي پوءِ اها ڌڏڻ لڳي؟
— علامہ علي خان ابڙواَمْ اَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يُّرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًا ۭ فَسَتَعْلَمُوْنَ كَيْفَ نَذِيْرِ 17
يا وري، جيڪو (الله) آسمان ۾ آهي تنهن کان اوهان کي اهو ڊپ ڪونهي ته متان اوهان تي پهڻ وسائڻ وارو واءُ موڪلي؟ (هن وقت اوهان هنن ڳالهين کي مذاق سمجهو ٿا) پر سگهوئي ڄاڻندو ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَلَقَدْ كَذَّبَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيْرِ 18
۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به اهڙي طرح) ڪوڙو ڪيو. پوءِ (انهن جي تاريخ ۾ جاچيو ته) منهنجو روڪڻ ڪيئن هو؟ (۽ سندن نتيجو ڪهڙي تباهي ۽ بربادي جي شڪل ۾ سامهون آيو).
— علامہ علي خان ابڙواَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صٰۗفّٰتٍ وَّيَقْبِضْنَ ڪ مَا يُمْسِكُـهُنَّ اِلَّا الرَّحْـمٰنُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍۢ بَصِيْرٌ 19
ڇا پنهنجي مٿان پرن کي پکيڙندڙ ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي؟ انهن کي وڏي مهربان (الله جي جوڙيل قانونن) کان سواءِ ٻيو ڪوبه (ڪِرڻ کان) نٿو جهلي. بيشڪ اهو ته (زندگيءَ جي لوازمات لاءِ) سڀ ڪنهن شئ کي ڏسندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙواَمَّنْ هٰذَا الَّذِيْ هُوَ جُنْدٌ لَّكُمْ يَنْصُرُكُمْ مِّنْ دُوْنِ الرَّحْمٰنِ ۭ اِنِ الْكٰفِرُوْنَ اِلَّا فِيْ غُرُوْرٍ ۚ20
ڀلا اهو لشڪر اوهان جو ڪهڙو آهي جو اوهان کي (آفتن کان بچڻ لاءِ) وڏي مهربان (الله) کان سواءِ مدد ڏئي ٿو؟ ڪافر ته رڳو (سرڪشي ۽ خودفريبيءَ جي) ڌوڪي ۾ پيل آهن.
— علامہ علي خان ابڙو