061 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 14 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي، سو الله جي (مقرر ڪيل نظام تي هلندي سندس عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو، ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
— علامہ علي خان ابڙويٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لِمَ تَقُوْلُوْنَ مَا لَا تَفْعَلُوْنَ 2
اي ايمان وارو! (اوهان بي پنهنجو عمل ان جي قانونن تي پابنديءَ سان هلندي ڏيکاريو ۽) اهڙي ڳالهه ڇو ٿا چئو جا نٿا ڪري سگهو؟
— علامہ علي خان ابڙوكَبُرَ مَقْتًا عِنْدَ اللّٰهِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا لَا تَفْعَلُوْنَ 3
جيڪي اوهين (عملي طرح) نٿا ڪريو سا ڳالهه (زباني طرح) چوڻ الله وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالهه آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الَّذِيْنَ يُقَاتِلُوْنَ فِيْ سَبِيْلِهٖ صَفًّا كَاَنَّهُمْ بُنْيَانٌ مَّرْصُوْصٌ 4
بيشڪ الله انهن کي دوست رکي ٿو جيڪي (عملي طرح) سندس رستي ۾ صفون ٻڌي جنگ ڪن ٿا (۽ پنهنجي ان عمل تي ايڏو مضبوطيءَ سان بيٺل آهن) ڄڻ ته اهي شيهي پلٽيل ڀت آهن.
— علامہ علي خان ابڙووَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ لِمَ تُؤْذُوْنَنِيْ وَقَدْ تَّعْلَمُوْنَ اَنِّىْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَيْكُمْ ۭ فَلَمَّا زَاغُوْٓا اَزَاغَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفٰسِقِيْنَ 5
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته، اي منهنجي قوم! ڇو مون کي ڏکويو ٿا. اوهين ته ڄاڻو ٿا ته بيشڪ آئون اوهان جي طرف الله جو موڪليل آهيان. (۽ ان جي تجويز ڪيل رستي تي اوهان کي سڏيان ٿو) پوءِ جڏهن ڏنگا ٿيا ته الله بي (ڊگهو رسو ڏيئي) سندن دلين کي (پوريءَ طرح) ڏنگو ڪيو، ۽ (جيڪو ڄاڻي واڻي غلط رستن تي هلندو ته ان سرڪشيءَ جي ڪري الله (اهڙي) بدڪار قوم کي رستو نٿو ڏيکاري.
— علامہ علي خان ابڙووَاِذْ قَالَ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَـمَ يٰبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اِنِّىْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَيْكُمْ مُّصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيَّ مِنَ التَّوْرٰىةِ وَمُبَشِّرًۢا بِرَسُوْلٍ يَّاْتِيْ مِنْۢ بَعْدِي اسْمُهٗ ٓ اَحْمَدُ ۭ فَلَمَّا جَاۗءَهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ قَالُوْا هٰذَا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 6
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن مريم جي پٽ عيسيٰ چيو ته، اي بني اسرائيل! بيشڪ آئون اوهان جي طرف الله جو موڪليل آهيان. (مان ڪا نئين شريعت کڻي نه آيو آهيان بلڪ) جيڪو تورات منهنجي اڳيان آهي ان کي سچو چوندڙ آهيان ۽ هڪ اهڙي رسول جي خوشخبري ٻڌائيندڙ جو مون کان پوءِ ايندو. ان جو نالو احمد (الله جي گهڻي تعريف ڪرڻ وارو) هوندو. پوءِ اهو جڏهن وٽن پڌريون نشانيون کڻي آيو تڏهن (حضرت موسيٰ کان وٺي حضرت عيسيٰ تائين نبين کي تنگ ڪندڙ ساڳين بني اسرائيلن) چيو ته، هي پڌرو جادو آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ الْكَذِبَ وَهُوَ يُدْعٰٓى اِلَى الْاِسْلَامِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ 7ۚ
۽ ڪير ان کان وڏو ظالم آهي جيڪو الله تي ڪوڙ گهڙي ٿو، هوڏانهن ان کي اسلام (سلامتيءَ واري طريقي تي) ڏانهن سڏيو وڃي ٿو. ۽ الله زيادتي ڪندڙ قوم کي رستو نٿو ڏيکاري.
— علامہ علي خان ابڙويُرِيْدُوْنَ لِيُطْفِــــُٔـوْا نُوْرَ اللّٰهِ بِاَفْوَاهِهِمْ ۭ وَاللّٰهُ مُتِمُّ نُوْرِهٖ وَلَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ 8
اُهي (ڪافر) گهرن ٿا ته الله جي روشنيءَ کي پنهنجن واتن سان ڦوڪ ڏئي وسائي ڇڏين، هوڏانهن الله پنهنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي، توڙي جو (اکين ٻوٽ) ڪافرن کي برو لڳي.
— علامہ علي خان ابڙوهُوَ الَّذِيْٓ اَرْسَلَ رَسُوْلَهٗ بِالْهُدٰى وَدِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهٗ عَلَي الدِّيْنِ كُلِّهٖ ۙ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُوْنَ 9ۧ
هو اُهو آهي جنهن پنهنجي رسول (محمدﷺ) کي سڌي رستي جي سمجهه ۽ (زندگيءَ جي ضابطي جو) مڪمل ۽ سچو دين ڏيئي موڪليو ته ان کي سڀني ديننن تي غالب ڪري توڙي جو مشرڪن کي برو لڳي.
— علامہ علي خان ابڙويٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰي تِجَارَةٍ تُنْجِيْكُمْ مِّنْ عَذَابٍ اَلِيْمٍ 10
اي ايمان وارو! (جيڪي دنيوي ڪاروبار ۾ مشغول آهيو) ڇا آءٌ اوهان کي اهڙيءَ سوداگريءَ جي خبر ڏيان جا اوهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي؟
— علامہ علي خان ابڙوتُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَتُجَاهِدُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِكُمْ وَاَنْفُسِكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ ۙ11
الله ۽ سندس رسول تي ڪامل ايمان آڻيو ۽ الله جي رستي ۾ (خدائيءَ نظام قائم ڪرڻ لاءِ) پنهنجن مالن ۽ جانين سان جنگ ڪريو، اهو (سودو) اوهان لاءِ تمام چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو.
— علامہ علي خان ابڙويَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوْبَكُمْ وَيُدْخِلْكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فِيْ جَنّٰتِ عَدْنٍ ۭ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ ۙ12
(ائين ڪندو ته الله) اوهان جي غلطين کي (هن دنيا ۾ به) معاف ڪندو ۽ (آخرت ۾ به) اوهان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا ۽ سٺين جاين ۾ به (داخل ڪندو) جيڪي رهڻ وارن باغن ۾ هونديون. اها وڏي ڪاميابي آهي. ان لاءِ جيڪو پاڻ کي لهڻيدار بڻائي.
— علامہ علي خان ابڙووَّاُخْرٰى تُحِبُّوْنَهَا ۭ نَصْرٌ مِّنَ اللّٰهِ وَفَتْحٌ قَرِيْبٌ ۭ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِيْنَ 13
۽ هڪڙي ٻي به ڳالهه (اوهان کي ڏيندو) جنهن کي اوهين (خاص طور تي) پسند ڪريو ٿا (يعني) الله جي طرفان مدد ۽ جلد فتحيابي ۽ ايمان وارن کي (ان جي) خوشخبري ٻڌاءِ.
— علامہ علي خان ابڙويٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْٓا اَنْصَارَ اللّٰهِ كَـمَا قَالَ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَـمَ لِلْحَوَارِيّٖنَ مَنْ اَنْصَارِيْٓ اِلَى اللّٰهِ ۭ قَالَ الْحَــوَارِيُّوْنَ نَـحْنُ اَنْصَارُ اللّٰهِ فَاٰمَنَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ وَكَفَرَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ ۚ فَاَيَّدْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا عَلٰي عَدُوِّهِمْ فَاَصْبَحُوْا ظٰهِرِيْنَ ۧ14
اي ايمان وارو! (هي سڀ ڪجهه پاڻهي ڪونه ٿيندو، بلڪ ان لاءِ) الله جي دين جا مددگار ٿيو، جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ پنهنجن يارن کي چيو ته، الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير بڻجن ٿا؟ انهن يارن چيو ته، اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون، (انهن ڪوششن کان پوءِ) بني اسرائيلن مان ڪجهه ماڻهن ايمان آندو ۽ ڪجهه ماڻهو منڪر ٿي بيٺا. پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني پوءِ اهي غالب ٿيا.
— علامہ علي خان ابڙو