1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

006 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 165 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن

ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

6:1

اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنُّوْرَ ڛ ثُـمَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُوْنَ 1‏۝

سڀ ڪامل ساراهه خاص الله جي لاءِ آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ اونداهيون ۽ روشني پڌري ڪئي، تنهن هوندي به (جي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان) منڪر ٿي ويا آهن، سي (اونده ۽ روشني جي وچ ۾ فرق ڪري نٿا سگهن ۽ ٻين هستين کي) خدا جي برابر ٿا سمجهن

— علامہ علي خان ابڙو

6:2

هُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِيْنٍ ثُـمَّ قَضٰٓى اَجَلًا ۭ وَاَجَلٌ مُّسَمًّى عِنْدَهٗ ثُـمَّ اَنْتُمْ تَـمْتَرُوْنَ 2‏۝

اهوئي (خالق) آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ اوهان جي لاءِ (هن دنيا جي زندگيءَ جو) هڪ مدو ٺهرايو (عملن ڪرڻ لاءِ) ۽ هڪ ٻيو مدو به سندس علم ۾ مقرر ڪيل آهي (يعني قيامت جو وقت جڏهن دنيا ۾ ڪيل عملن جي نتيجن جو فيصلو ٿيندو)، تڏهن به توهان (حقيقتن تي غور نٿا ڪيو ۽ ان ۾) شڪ ٿا آڻيو.

— علامہ علي خان ابڙو

6:3

وَهُوَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَفِي الْاَرْضِ ۭ يَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَجَهْرَكُمْ وَيَعْلَمُ مَا تَكْسِبُوْنَ 3‏۝

اهوئي الله آهي آسمانن ۾ به ۽ زمين ۾ به، توهان جون سڀ ڪنهن قسم جون ڳالهيون لڪل توڙي ظاهر سڀ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. توهان جيڪي به (چڱا يا برا ڪم) ڪيو ٿا سي به بخوبي ڄاڻي ٿو.

— علامہ علي خان ابڙو

6:4

وَمَا تَاْتِيْهِمْ مِّنْ اٰيَةٍ مِّنْ اٰيٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِيْنَ 4‏؁

۽ (ڏسو) هنن جي پروردگار جي نشاني مان ڪا به نشاني ڪانهي جا هنن وٽ پهتي هجي ۽ هنن ان کان منهن نه موڙيو هجي.

— علامہ علي خان ابڙو

6:5

فَقَدْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۭ فَسَوْفَ يَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 5‏۝

جيئن ته جڏهن سچائي وٽن آئي (يعني قرآن جي دعوت کين ملي) تڏهن هنن ان کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو. سو جنهن ڳالهه تي هو ٽوڪون ڪري کلي رهيا آهن، تنهن جي حقيقت هنن کي جلدئي معلوم ٿي ويندي.

— علامہ علي خان ابڙو

6:6

اَلَمْ يَرَوْا كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ مَّكَّنّٰهُمْ فِي الْاَرْضِ مَا لَمْ نُـمَكِّنْ لَّكُمْ وَاَرْسَلْنَا السَّمَاۗءَ عَلَيْهِمْ مِّدْرَارًا ۠ وَّجَعَلْنَا الْاَنْھٰرَ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمْ فَاَهْلَكْنٰهُمْ بِذُنُوْبِهِمْ وَاَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا اٰخَرِيْنَ 6‏۝

ڇا اهي ماڻهو نٿا ڏسن ته کانئن اڳي قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن، جن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو، اِهي اُهي قومون هيون جن کي اسان اهڙو طاقتور ڪري ملڪن ۾ مضبوط ڪيو هو جهڙو توهان کي ڪونه ڪيو اٿئون. اسان هنن لاءِ آسماني برسات اهڙيءَ طرح موڪلي هئي جو هڪٻئي پٺيان وسندي رهندي هئي ۽ سندن آبادين جي هيٺان نهرون وهائي ڇڏيون هيون، پر ته به اسان (پنهنجي قانون موجب) انهن گناهن سببان کين برباد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن جا دؤر آنداسين.

— علامہ علي خان ابڙو

6:7

وَلَوْ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ كِتٰبًا فِيْ قِرْطَاسٍ فَلَمَسُوْهُ بِاَيْدِيْهِمْ لَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ هٰذَآ اِلَّا سِـحْـرٌ مُّبِيْنٌ 7‏۝

۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اسان توتي هڪ ڪتاب ڪاغذ تي لکيل نازل ڪيون ها ۽ هي ماڻهو ان کي هٿ لائي ڏسن ها (ته سچ پچ ڪتاب آهي) ته به جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي، سي چون ها ته هي کلي کلائي جادوگريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

6:8

وَقَالُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ مَلَكٌ ۭ وَلَوْ اَنْزَلْنَا مَلَكًا لَّقُضِيَ الْاَمْرُ ثُـمَّ لَا يُنْظَرُوْنَ 8‏۝

هيئن به چيائون ته، (جيڪڏهن هي شخص پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهي ته) هن وٽ فرشتو ڇو نٿو اچي (جنهن کي اسان پنهنجي اکين سان ڏسون) پر جيڪڏهن اسان فرشتو موڪليون ها ته پوءِ سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي وڃي ها ۽ پوءِ هنن کي (ايمان آڻڻ يا نه آڻڻ لاءِ) مهلت ئي ڪانه ملي ها.

— علامہ علي خان ابڙو

6:9

وَلَوْ جَعَلْنٰهُ مَلَكًا لَّـجَعَلْنٰهُ رَجُلًا وَّلَـلَبَسْنَا عَلَيْهِمْ مَّا يَلْبِسُوْنَ 9‏۝

۽ جيڪڏهن ڪنهن فرشتي کي پيغمبر ڪري موڪليون ها ته ان کي به ته انسان جي صورت ۾ موڪليون ها. (ڇو ته فرشتا پنهنجي ملڪوتي حقيقت ۾ انسانن کي ڪيئن ڏسڻ ۾ ايندا) پوءِ جيئن هاڻي شڪ شبها آڻي رهيا آهن تيئن پوءِ به شڪن شبهن ۾ گرفتار ٿي وڃن ها (يعني هو چون ها ته هي ته ڏسڻ ۾ اسان جهڙوئي انسان آهي.)

— علامہ علي خان ابڙو

6:10

وَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِيْنَ سَخِرُوْا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ ؀ۧ10

۽ (اي پيغمبر!) سچ آهي ته توکان اڳين رسولن تي به ٽوڪون ڪيون ويون هيون، (جيئن توتي ٽوڪون ڪيون وڃن ٿيون) پوءِ جن ماڻهن ٽوڪون ڪيون هيون تن تي انهيءَ ڳالهه جي ٽوڪ اچي مٿئون پئي، جنهن ڳالهه جي ٽوڪ ڪندا هئا، (يعني هو هن ڳالهه تي ٽوڪون ڪندا هئا ته بدعملن جو نتيجو نيٺ بد آهي، سو نيٺ پنهنجي بدعملن جي سزا پاتائون.)

— علامہ علي خان ابڙو

6:11

قُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ ثُـمَّ انْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِيْنَ ۝11

(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، زمين تي گهمو ڦرو ۽ سير سفر ڪيو (اڳين قومن ۽ شهرن جا کنڊر ڏسو) ۽ معلوم ڪيو ته (پيغمبرن کي) ڪوڙو سمجهي رد ڪرڻ وارن جي پڇاڙي نيٺ ڪهڙي ٿي چڪي.

— علامہ علي خان ابڙو

6:12

قُلْ لِّمَنْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلْ لِّلّٰهِ ۭ كَتَبَ عَلٰي نَفْسِهِ الرَّحْمَةَ ۭ لَيَجْمَعَنَّكُمْ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ؀12

(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو ڪنهن جو آهي ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ چئو ته الله جي لاءِ آهي. هن پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو آهي ته رحمت ڪري. (خلقت ۾ ڏسو ته ظاهر ظهور سندس رحمت ڪم ڪري رهي آهي) هو يقيناً اوهان کي قيامت جي ڏينهن هڪ هنڌ گڏ ڪندو. ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي، پر جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري رهيا آهن، سي ايمان ڪونه آڻيندا.

— علامہ علي خان ابڙو

6:13

وَلَهٗ مَا سَكَنَ فِي الَّيْلِ وَالنَّهَارِ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ ؀13

۽ (ڏسو) ته جيڪي به رات (جي اونداهيءَ) ۾ ۽ ڏينهن (جي روشنيءَ) ۾ رهندڙ آهي، سو سڀ سندس (يعني الله جي) لاءِ آهي، ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

6:14

قُلْ اَغَيْرَ اللّٰهِ اَتَّـخِذُ وَلِيًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَهُوَ يُطْعِمُ وَلَا يُطْعَمُ ۭ قُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ مَنْ اَسْلَمَ وَلَا تَكُوْنَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ ؀14

(اي پيغبر انهن ماڻهن کي) چئو ته ڇا، جو خدا آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي تنهن کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي پنهنجو نگهبان ۽ ڪارساز بنايان؟ اهوئي سڀني کي روزي رسائي ٿو، پر ڪوبه ڪونهي جو کيس روزي ڏيندڙ هجي (کيس ته روزي يا طعام جي ضرورت به ڪانهي) تون چئو ته، مونکي ته هي حڪم ڏنو ويو آهي ته خدا جي اڳيان جهڪڻ وارن ۾ پهريون جهڪڻ وارو ٿي ۽ مونکي چيو ويو آهي ته ائين نه ڪر جو مشرڪن مان هڪڙو ٿي پوين.

— علامہ علي خان ابڙو

6:15

قُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْـمٍ ؀15

(اي پيغمبر!) تون چئو ته مان ڪيئن خدا جي نافرماني ڪيان؟ مان ته انهيءَ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو جو تمام وڏو ڏينهن آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

6:16

مَنْ يُّصْرَفْ عَنْهُ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِمَهٗ ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْمُبِيْنُ ؀16

انهيءَ ڏينهن جنهن جي سر تان عذاب ٽري ويو تنهن تي خدا وڏو ئي رحم ڪيو ۽ (انسان جي لاءِ) وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اهائي آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

6:17

وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ اللّٰهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهٗ ٓ اِلَّا هُوَ ۭ وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ بِـخَيْرٍ فَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ؀17

۽ (اي انسان) جيڪڏهن خدا توتي مصيبت آڻي ته ان کي ٽارڻ وارو ڪوبه ڪونهي، سواءِ سندس ذات جي ۽ جيڪڏهن هو توتي ڀلائي ڪري ته (کيس روڪڻ وارو ڪوبه ڪونهي) هو سڀڪنهن ڳالهه تي قادر آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

6:18

وَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ ۭ وَهُوَ الْـحَكِـيْمُ الْـخَبِيْرُ ؀18

۽ اهو ئي آهي جو پنهنجي سڀني بندن تي غالب آهي ۽ اهو ئي آهي جو حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

6:19

قُلْ اَيُّ شَيْءٍ اَكْبَرُ شَهَادَةً ۭ قُلِ اللّٰهُ ڐ شَهِيْدٌۢ بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۣ وَاُوْحِيَ اِلَيَّ هٰذَا الْقُرْاٰنُ لِاُنْذِرَكُمْ بِهٖ وَمَنْۢ بَلَغَ ۭ اَىِٕنَّكُمْ لَتَشْهَدُوْنَ اَنَّ مَعَ اللّٰهِ اٰلِهَةً اُخْرٰي ۭ قُلْ لَّآ اَشْهَدُ ۚ قُلْ اِنَّـمَا هُوَ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ وَّاِنَّنِيْ بَرِيْۗءٌ مِّـمَّا تُشْرِكُوْنَ ؀ۘ19

(اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کان) پڇ ته، اها ڪهڙي شيء آهي جنهن جي شاهدي سڀني کان وڏي شاهدي آهي؟ تون چئي ڏي ته (الله جي شاهدي وڏي آهي.) الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي، مون تي هي قرآن انهيءَ لاءِ وحي طور نازل ڪيو ويو آهي ته ان جي وسيلي مان اوهان کي ۽ انهن کي جن وٽ اهو پهچي خبردار ڪيان. (هاڻي توهان کي ڇا چوڻو آهي؟) ڇا توهان شاهدي ڏيو ٿا ته خدا سان ٻيا ديوتائون به شريڪ آهن؟ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، مان ته اها شاهدي ڪونه ٿو ڏيان، ۽ چئو ته، فقط اهوئي اڪيلو معبود آهي (هن سان ڪوبه شريڪ ڪونهي ) ۽ جن کي توهان (خدا سان) شريڪ ڪيو ٿا تن کان مان بيزار آهيان.

— علامہ علي خان ابڙو

6:20

اَلَّذِيْنَ اٰتَيْنٰهُمُ الْكِتٰبَ يَعْرِفُوْنَهٗ كَـمَا يَعْرِفُوْنَ اَبْنَاۗءَهُمْ ۘ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ؀ۧ20

جن ماڻهن کي مون ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ اهي حقيقت کان بي خبر ناهن) سي سندس سچائي (يعني اسلام جي پيغمبر جي سچائي) اهڙيءَ طرح سڃاڻن ٿا جهڙيءَ طرح پنهنجي اولاد کي سڃاڻن ٿا (پر) جن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪيو آهي سي ڪڏهن به ايمان آڻڻ وارا ناهن.

— علامہ علي خان ابڙو