059 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 24 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي (مقرر قانونن تي هلي ان جي عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي وڏين قوتن ۽ غلبي جو مالڪ (۽) حڪمت وارو آهي.
— علامہ علي خان ابڙوهُوَ الَّذِيْٓ اَخْرَجَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ مِنْ دِيَارِهِمْ لِاَوَّلِ الْحَشْرِ ڼ مَا ظَنَنْتُمْ اَنْ يَّخْرُجُوْا وَظَنُّوْٓا اَنَّهُمْ مَّانِعَتُهُمْ حُصُوْنُهُمْ مِّنَ اللّٰهِ فَاَتٰىهُمُ اللّٰهُ مِنْ حَيْثُ لَمْ يَحْتَسِبُوْا ۤ وَقَذَفَ فِيْ قُلُوْبِهِمُ الرُّعْبَ يُخْرِبُوْنَ بُيُوْتَهُمْ بِاَيْدِيْهِمْ وَاَيْدِي الْمُؤْمِنِيْنَ ۤ فَاعْتَبِرُوْا يٰٓاُولِي الْاَبْصَارِ 2
هو اهو (قوت ۽ غلبي جو مالڪ) آهي جنهن پهرئين ئي لشڪر گڏ ڪرڻ وقت جيڪي ڪتاب وارن مان (خدائي نظام جي خلاف سرڪشي ڪري) ڪافر ٿيا هئا تن کي پنهنجن گهر مان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (اي مسلمانو!) اوهان اهو خيال ئي نه ڪيو هو ته، اهي ڪي نڪرندا. ۽ انهن (ڪافرن) هي خيال ڪيو هو ته سندن ڪوٽ انهن کي الله (جي عذاب) کا بچائڻ وارا آهن، پوءِ الله (جو عذاب) مٿن اتان پهتو جتان کين گمان ئي نه هو، ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان پنهنجا گهر ويران ڪرڻ لڳا ۽ (جن سرڪشي ڪئي ته) ايمان وارن جي هٿن سان (سندن گهر ويران ٿيڻ لڳا) تنهن ڪري اي اکين وارؤ! اوهين عبرت وٺو (ته حق جي مخالفت جو نتيجو ڇا ٿيندو آهي.)
— علامہ علي خان ابڙووَلَوْلَآ اَنْ كَتَبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمُ الْجَلَاۗءَ لَعَذَّبَهُمْ فِي الدُّنْيَا ۭ وَلَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ عَذَابُ النَّارِ 3
۽ جيڪڏهن الله انهن جي لاءِ ديس نيڪالي نه لکي ها ته انهن کي (ٻي طرح) دنيا ۾ سزا ڏئي ها، ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باهه جو عذاب آهي ئي!
— علامہ علي خان ابڙوذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاۗقِّ اللّٰهَ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 4
اهو (عذاب) هن ڪري آهي جو انهن الله (جي نظام جي) ۽ سندس رسول جي (جيڪو اهو نظام قائم ڪري رهيو هو) مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله جي (حق ۽ انصاف واري نظام جي) مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي.
— علامہ علي خان ابڙومَا قَطَعْتُمْ مِّنْ لِّيْنَةٍ اَوْ تَرَكْتُمُوْهَا قَاۗىِٕمَةً عَلٰٓي اُصُوْلِهَا فَبِاِذْنِ اللّٰهِ وَلِيُخْزِيَ الْفٰسِقِيْنَ 5
اوهان (محاصري وقت) جو به کجيءَ جو وڻ وڍيو يا انکي پنهنجين پاڙن تي بيٺل ڇڏيو، سو الله جي قانون مطابق آهي ۽ هن ڪري ته (الله) بدڪارن کي خوار ڪري ٿو.
— علامہ علي خان ابڙووَمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْهُمْ فَـمَآ اَوْجَفْتُمْ عَلَيْهِ مِنْ خَيْلٍ وَّلَا رِكَابٍ وَّلٰكِنَّ اللّٰهَ يُسَلِّــطُ رُسُلَهٗ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6
۽ انهن مان جو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي (جنگ ڪرڻ کان سواءِ ئي غنيمت ۾) ڏياريو سو (اي مسلمانو!) ان تي نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اُٺ) پر الله (پنهنجي مشيت واري قانون مطابق) پنهنجن رسولن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي غالب ڪري ٿو. ۽ الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙومَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْ اَهْلِ الْقُرٰى فَلِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ وَ لِذِي الْقُرْبٰى وَالْيَـتٰمٰى وَالْمَسٰكِيْنِ وَابْنِ السَّبِيْلِ ۙ كَيْ لَا يَكُوْنَ دُوْلَةًۢ بَيْنَ الْاَغْنِيَاۗءِ مِنْكُمْ ۭ وَمَآ اٰتٰىكُمُ الرَّسُوْلُ فَخُذُوْهُ ۤ وَمَا نَهٰىكُمْ عَنْهُ فَانْتَهُوْا ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 7ۘ
جيڪو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي بستين مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو الله لاءِ ۽ رسول لاءِ ۽ (جنگ ۾ شريڪ ٿيندڙن ۽ ان ۾ کپجندڙن جي) قرابت وارن ۽ يتيمن، مسڪينن (ته جيئن انهن جي پرگهور ٿئي) ۽ مسافرن لاءِ آهي (جيڪي مدد جا محتاج هجن) ، ته اهو اوهان جي مالدارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ (اي مسلمانو!) جو ڪجهه اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي.
— علامہ علي خان ابڙولِلْفُقَرَاۗءِ الْمُهٰجِرِيْنَ الَّذِيْنَ اُخْرِجُوْا مِنْ دِيَارِهِمْ وَاَمْوَالِهِمْ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانًا وَّيَنْصُرُوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 8ۚ
(ان مال مان) انهن لڏي ايندڙ مسڪينن لاءِ آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) ٻاهر ڪڍيا ويا آهن، (۽) هو الله (جي قانون تي هلي ان) جو فضل ۽ رضامندي گهرن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اهي ئي سچا آهن (جن پنهنجي ايمان واري دعويٰ کي پنهنجي قربانين سان سچو ڪري ڏيکاريو آهي.)
— علامہ علي خان ابڙووَالَّذِيْنَ تَبَوَّؤُ الدَّارَ وَالْاِيْـمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ يُـحِبُّوْنَ مَنْ هَاجَرَ اِلَيْهِمْ وَلَا يَجِدُوْنَ فِيْ صُدُوْرِهِمْ حَاجَةً مِّمَّآ اُوْتُوْا وَيُؤْثِرُوْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ وَلَوْ كَانَ بِهِمْ خَصَاصَةٌ ڵ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 9ۚ
۽ (انهن لاءِ آهي) جيڪي اسلام جي بادشاهيءَ (۾) ۽ ايمان (جي مرڪز) ۾ انهن (مهاجرن) کان اڳ رهيا پيا آهن، جي هنن ڏي لڏي آيا آهن، انهن سان (هو) محبت رکن ٿا ۽ جو ڪجهه انهن (پرديسين) کي ڏنو ويو ان جي ڪري پنهنجن دلين ۾ ڪا تنگي نٿا ڏسن ۽ (سڀ ڪنهن شيء ۾) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا. توڙي کين تنگدستي ڇو نه هجي ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويندا (۽ ايثار کي پنهنجو مرڪ بنائيندا) سي ئي ڪامياب آهن.
— علامہ علي خان ابڙووَالَّذِيْنَ جَاۗءُوْ مِنْۢ بَعْدِهِمْ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَلِاِخْوَانِنَا الَّذِيْنَ سَبَقُوْنَا بِالْاِيْـمَانِ وَلَا تَجْعَلْ فِيْ قُلُوْبِنَا غِلًّا لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا رَبَّنَآ اِنَّكَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ10
۽ (انهن لاءِ به آهي) جيڪي انهن (مٿين ٻن قسمن جي حقدارن) کان پوءِ ايندا. چوندا ته، اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ ڪو کوٽ نه وجهه. اي اسان جا پاليندڙ تون ته بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين.
— علامہ علي خان ابڙواَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ نَافَقُوْا يَقُوْلُوْنَ لِاِخْوَانِهِمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ لَىِٕنْ اُخْرِجْتُمْ لَنَخْرُجَنَّ مَعَكُمْ وَلَا نُطِيْعُ فِيْكُمْ اَحَدًا اَبَدًا ۙ وَّاِنْ قُوْتِلْتُمْ لَنَنْصُرَنَّكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَشْهَدُ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ 11
ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو آهي جيڪي دغاباز ٿيا پنهنجن انهن (هم فڪر) ڀائرن کي چون ٿا جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا ته قسم آهي ته جيڪڏهن اوهان کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي ته ضرور اسين به اوهان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوهان جي حق ۾ ڪڏهن به ڪنهن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اسين اوهان جي مدد ڪنداسون ۽ (اي مسلمانو!) الله شاهدي ڏئي ٿو ته اهي (اوهان سان ته ٺهيو پر انهن سان به اهڙي دوستيءَ جي دعويٰ ۾) ڪوڙا آهن.
— علامہ علي خان ابڙولَىِٕنْ اُخْرِجُوْا لَا يَخْرُجُوْنَ مَعَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ قُوْتِلُوْا لَا يَنْصُرُوْنَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ نَّصَرُوْهُمْ لَيُوَلُّنَّ الْاَدْبَارَ ۣ ثُـمَّ لَا يُنْصَرُوْنَ 12
تحقيق جيڪڏهن کين ملڪ نيڪالي ڏني ويئي ته اهي انهن سان ڪين نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن سان جنگ ٿي ته اهي انهن جي مدد به نه ڪندا ۽ جيڪڏهن اهي (ڪنهن عار کان) انهن جي مدد ڪندا ته ضرور پٺ ڦيري ڀڄندا، وري سندن (به ڪٿي) مدد نه ٿيندي.
— علامہ علي خان ابڙولَاَانْتُمْ اَشَدُّ رَهْبَةً فِيْ صُدُوْرِهِمْ مِّنَ اللّٰهِ ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُوْنَ 13
(اي مسلمانو!) بيشڪ اوهين انهن جي دلين ۾ الله کان به وڌيڪ دهشت وارا آهيو. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي (سگهه جي ايمان وارن محرڪن جي) سمجهه نٿا رکن.
— علامہ علي خان ابڙولَا يُقَاتِلُوْنَكُمْ جَمِيْعًا اِلَّا فِيْ قُرًى مُّحَصَّنَةٍ اَوْ مِنْ وَّرَاۗءِ جُدُرٍ ۭ بَاْسُهُمْ بَيْنَهُمْ شَدِيْدٌ ۭ تَحْسَبُهُمْ جَمِيْعًا وَّقُلُوْبُهُمْ شَتّٰى ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْقِلُوْنَ ۚ14
سڀ گڏجي اوهان سان کليل ميدان ۾ ڪڏهن به جنگ نه ڪري سگهندا، پر ڪوٽ وارن ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي، پاڻ ۾ انهن جي اندروني ويڙهه سخت آهي (اي ڳالهه ٻڌندڙ) تون کين ڀائيندين ته گڏ آهن (منجهن وڏو اتحاد آهي) پر حال هي آهي ته سندن دليون ڌار ڌار آهن. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جي بي عقل آهن. (۽ نٿا ڄاڻن ته اصل ۽ دلي اتحاد ايمان ۽ هڪ ئي عمدي نصب العين تي هجڻ سان پيدا ٿئي ٿو.)
— علامہ علي خان ابڙوكَمَثَلِ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ قَرِيْبًا ذَاقُوْا وَبَالَ اَمْرِهِمْ ۚ وَلَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۚ15
(هنن جو قصو) انهن (منڪرن) جي قصي جهڙو آهي، جيڪي انهن کان اڳ هئا. انهن ويجهو ئي پنهنجي ڪم جو بڇڙو نتيجو چکيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
— علامہ علي خان ابڙوكَمَثَلِ الشَّيْطٰنِ اِذْ قَالَ لِلْاِنْسَانِ اكْفُرْ ۚ فَلَمَّا كَفَرَ قَالَ اِنِّىْ بَرِيْۗءٌ مِّنْكَ اِنِّىْٓ اَخَافُ اللّٰهَ رَبَّ الْعٰلَمِيْنَ 16
(هنن منافقن جو قصو) شيطان جي قصي جهڙو آهي، جنهن وقت انسان کي چوي ٿو ته، تون ڪفر ڪر! پوءِ جڏهن ڪفر ڪيائين ته چوندو آهي ته، (منهنجو انهيءَ ۾ ڇا وڃي) آئون توکان بيزار آهيان، آئون جهانن جي پاليندڙ الله کان ڊڄان ٿو.
— علامہ علي خان ابڙوفَكَانَ عَاقِبَتَهُمَآ اَنَّهُمَا فِي النَّارِ خَالِدَيْنِ فِيْهَا ۭ وَذٰلِكَ جَزٰۗؤُا الظّٰلِمِيْنَ ۧ17
پوءِ انهن ٻنهي جي پڇاڙي هي آهي ته اهي باه ۾ پيا رهندا ۽ جيڪي به ماڻهو ظلم ۽ زيادتي ڪن ٿا، انهن جو اهوئي حشر آهي.
— علامہ علي خان ابڙويٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَلْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ 18
اي ايمان وارؤ! (توهان به) الله کان ڊڄو ۽ سڀڪو شخص ڏسي ته سڀاڻ (مستقبل سنوارڻ) لاءِ ڇا اڳي ڪيو اٿس ۽ (وري وري) الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَلَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِيْنَ نَسُوا اللّٰهَ فَاَنْسٰـىهُمْ اَنْفُسَهُمْ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 19
۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن (رڳو طبعي زندگيءَ جي پرورش کي مقصد بڻايو ۽) الله کي وساريو پوءِ (ائين ڪرڻ جي ڪري) الله انهن کان سندن جانيون به وسارائي ڇڏيون. (يعني پاڻ کان به غافل ٿي ويا) اهي ئي (صحيح رستي کان هٽي غلط رستي تي هلندڙ) بدڪار آهن.
— علامہ علي خان ابڙولَا يَسْتَوِيْٓ اَصْـحٰبُ النَّارِ وَاَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ ۭ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
(پنهنجي تخليقي مقصدن کي وساريندڙ) باهه وارا ۽ (پنهنجي تخليقي مقصدن تي ڄمي بيٺل) جنت وارا (پنهنجي عملن جي نتيجي ۾) برابر نٿا ٿين. جنت وارا ئي ڪامياب آهن.
— علامہ علي خان ابڙو