054 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 55 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَانْشَقَّ الْقَمَرُ 1
(تباهيءَ جي) گهڙي ويجهي اچي ويئي آهي ۽ چنڊ ڦاٽي پيو آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَاِنْ يَّرَوْا اٰيَةً يُّعْرِضُوْا وَيَقُوْلُوْا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ 2
۽ هي (ڪافر) جيڪڏهن ڪا نشاني ڏسن ٿا ته منهن موڙي هليا ٿا وڃن ۽ چون ٿا ته هي وقتي (يا معمولي) جادو آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَكَذَّبُوْا وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ وَكُلُّ اَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ 3
هو (حق کي) ڪوڙو ٺهرائين ٿا ۽ پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان لڳن ٿا. پر (هنن کي يقين رکڻ گهرجي ته) هر ڪنهن ڳالهه لاءِ وقت مقرر آهي، (سو سندن تباهي به مقرر وقت تي اچي ويندي).
— علامہ علي خان ابڙووَلَقَدْ جَاۗءَهُمْ مِّنَ الْاَنْۢبَاۗءِ مَا فِيْهِ مُزْدَجَرٌ 4ۙ
۽ هيءَ حقيقت آهي ته هنن (ڪافرن) وٽ گهڻيون ئي خبرون (۽ پيغمبرن جا چتاوَ ۽ اڳوڻين قومن جي تباهيءَ جا احوال) اچي چڪا آهن جن ۾ ڪافي تنبيهه آهي.
— علامہ علي خان ابڙوحِكْمَةٌۢ بَالِغَةٌ فَـمَا تُغْنِ النُّذُرُ 5ۙ
(۽ جن ۾ دلين تي اثر ڪندڙ) اعليٰ حڪمت رکيل آهي، پر (افسوس جو هنن ڪافرن کي) خبردار ڪندڙن (پيغمبرن) جون نصيحتون ڪجهه به فائدو ڪونه ٿيون ڏين.
— علامہ علي خان ابڙوفَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ اِلٰى شَيْءٍ نُّكُرٍ 6ۙ
سو (اي پيغمبر!) هنن (ڪافرن) کي ڇڏي ڏي. جنهن ڏينهن سڏ ڪندڙ (کين) سخت اڻ وڻندڙ (عذاب جي) واقعي ڏي سڏيندو.
— علامہ علي خان ابڙوخُشَّعًا اَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ كَاَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنْتَشِرٌ 7ۙ
تنهن ڏينهن سندن اکيون جهڪيل هونديون ۽ قبرن مان ائين نڪري پوندا جو ڄڻ ته ٽڙيل پکڙيل ماڪڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙومُّهْطِعِيْنَ اِلَى الدَّاعِ ۭ يَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ 8
هو هڪ هنڌ کتل اکين سان سڏيندڙ ڏي ڀڄندا ويندا. (۽) ڪافر چوندا ته هي ڏينهن ته ڏاڍو سخت آهي!
— علامہ علي خان ابڙوكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَقَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّازْدُجِرَ 9
کانئن اڳي نوح جي قوم به (حضرت نوح جي نصيحت کي) ڪوڙو ٺهرايو. سو هنن اسان جي ٻانهي (حضرت نوح) کي نه مڃيو ۽ چيائون ته، هو مجنون (چريو) آهي ۽ هن کي تڙي ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏنائون.
— علامہ علي خان ابڙوفَدَعَا رَبَّهٗ ٓ اَنِّىْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ 10
سو هن پنهنجي پروردگار کي پڪاريو ته مان عاجز آهيان، سون منهنجي مدد ڪر.
— علامہ علي خان ابڙوفَفَتَحْنَآ اَبْوَابَ السَّمَاۗءِ بِـمَاۗءٍ مُّنْهَمِرٍ ڮ 11
سو اسان آسمان جا دروازا زبردست برسات سان کولي ڇڏيا (۽ مينهن پرٽجي پيو).
— علامہ علي خان ابڙووَّفَجَّــرْنَا الْاَرْضَ عُيُوْنًا فَالْتَقَى الْمَاۗءُ عَلٰٓي اَمْرٍ قَدْ قُدِرَ ۚ12
۽ (ان سان گڏ) زمين مان چشمان به وهائي ڇڏياسين. سو (آسمان ۽ زمين جو) پاڻي گڏجي پيو ۽ (الله جي) حڪم موجب ٺهرايل حد تائين چڙهيو.
— علامہ علي خان ابڙووَحَمَلْنٰهُ عَلٰي ذَاتِ اَلْوَاحٍ وَّدُسُرٍۙ13
۽ اسان هن کي (يعني حضرت نوح کي سندس ماڻهن سميت) تختن ۽ ڪِلين واري ٻيڙيءَ تي کڻي وياسين.
— علامہ علي خان ابڙوتَـجْرِيْ بِاَعْيُنِنَا ۚ جَزَاۗءً لِّمَنْ كَانَ كُفِرَ 14
جا اسان جي اکين اڳيان (اسان جي خاص نظر ۽ سنڀال هيٺ) هلڻ لڳي (۽ کيس سلامت کڻي ويئي) اهو (خاص) بدلو مليو انهيءَ کي جنهن کي ڪافرن نه مڃيو.
— علامہ علي خان ابڙووَلَقَدْ تَّرَكْنٰهَآ اٰيَةً فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 15
۽ يقيناً اسان ان کي نشانيءَ طور ڇڏيو. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي.
— علامہ علي خان ابڙوفَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 16
پوءِ (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي.
— علامہ علي خان ابڙووَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 17
۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ ۽ (ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي!
— علامہ علي خان ابڙوكَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 18
عاد جي قوم به (پيغمبرن جي تعليم کي) نه مڃيو ۽ ان کي رد ڪيو، سو (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ منهنجي تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّآ اَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْ يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ ۙ19
اسان انهن (عاد جي ماڻهن) جي مٿان هڪڙو سخت طوفان اهڙي ڏينهن موڪليو جو سخت نڀاڳائي ۽ زبردست مصيبت وارو ڏينهن هو.
— علامہ علي خان ابڙوتَنْزِعُ النَّاسَ ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنْقَعِرٍ 20
جنهن انهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پٽي (اڇلائي) ماريو جو ڄڻ ته هو پاڙون پٽيل کجين جا ٿڙ هئا.
— علامہ علي خان ابڙو