051 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
وَالذّٰرِيٰتِ ذَرْوًا 1ۙ
قسم آهي انهن هوائن جو جي (ٻجن ۽ ڪڪرن وغيره کي) اڏائي پکيڙينديون رهن ٿيون.
— علامہ علي خان ابڙوفَالْـحٰمِلٰتِ وِقْرًا 2ۙ
وري انهن هوائن جو قسم آهي جي (مينهن جو) بار کڻي وڃن ٿيون.
— علامہ علي خان ابڙوفَالْـجٰرِيٰتِ يُسْرًا 3ۙ
وري قسم آهي انهن هوائن جو جي آساني ۽ آرام سان گهلن ٿيون (يعني اهي هيرون جيڪي سڙهن وارين ٻيڙين يا جهازن کي هلائين ٿيون يا خود جهاز، جيڪي پاڻيءَ تي آسانيءَ سان هلندا رهن ٿا)
— علامہ علي خان ابڙوفَالْمُقَسِّمٰتِ اَمْرًا 4ۙ
وري قسم آهي (هوائن يا جهازن) جو جي خدا جي حڪم مطابق مينهن، رزق، علم، عقل، هنر وحي جو پيغام وغيره) ورهائيندا رهن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَصَادِقٌ 5ۙ
ته يقيناً جنهن ڳالهه جو واعدو اوهان سان ڪيل آهي سو بلڪل سچو آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَّاِنَّ الدِّيْنَ لَوَاقِــعٌ 6ۭ
۽ يقيناً عملن جو بدلو (هن دنيا ۾ توڙي آخرت ۾) ضرور واقع ٿيندو ۽ ظهور ۾ ايندو.
— علامہ علي خان ابڙووَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْحُبُكِ 7ۙ
قسم آهي آسمان جو جنهن ۾ (سيارن تارن وغيره جا) مقرر رستا آهن (۽ ساري ڪائنات جو نظام وحدت ڏيکاري ٿو).
— علامہ علي خان ابڙواِنَّكُمْ لَفِيْ قَوْلٍ مُّـخْتَلِفٍ 8ۙ
(پر افسوس) اوهان (انسان) مختلف قولن ۽ عقيدن ۾ پئجي ويا آهيو (۽ جهيڙا جهڳڙا ٿا ڪيو، جيڪڏهن قرآن تي محڪم رهو ته اوهان ۾ به وحدت قائم ٿي وڃي).
— علامہ علي خان ابڙويُّؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ اُفِكَ 9ۭ
انهيءَ (وحدت واري حق) کان انهن کي هٽايو وڃي ٿو جيڪي (سندن ئي خود غرضي ۽ ڪوڙن ٺاهن سبب حق کان) محروم ڪيل آهن.
— علامہ علي خان ابڙوقُتِلَ الْـخَــرّٰصُوْنَ ۙ10
مصيبت پوندي انهن تي جيڪي ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندڙ آهن.
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ غَـمْرَةٍ سَاهُوْنَ ۙ11
جيڪي (پنهنجي) غفلت سببان مونجهاري جي بحر ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيا آهن.
— علامہ علي خان ابڙويَسْـَٔـلُوْنَ اَيَّانَ يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ12
اهي (منجهيل ماڻهو) پڇن ٿا ته، ڀلا بدلي جو يعني جزا ۽ سزا جو ڏينهن ڪڏهن اچڻو آهي.
— علامہ علي خان ابڙويَوْمَ هُمْ عَلَي النَّارِ يُفْتَنُوْنَ 13
(انهن کي جواب ڏي ته) سندن (عذاب جو) ڏينهن اهو ٿيندو جنهن ڏينهن هنن کي (لڙائي، وبا يا ڪنهن آسماني آفت جي) باهه ۾ آزمائيو ويندو.
— علامہ علي خان ابڙوذُوْقُوْا فِتْنَتَكُمْ ۭ ھٰذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تَسْتَعْجِلُوْنَ 14
(ان وقت کين چيو ويندو ته، هاڻي) پنهنجي فتني جو مزو چکو. اهو اٿوَ اهو (عذاب) جنهن جي اچڻ لاءِ توهان تڪڙ لاتي هئي (ته جلد اچي).
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّعُيُوْنٍ ۙ15
يقيناً متقي ماڻهو (خدا جا پرهيزگار ٻانها) باغن ۾ ۽ وهندڙ چشمن جي وچ ۾ هوندا (يعني هن ئي دنيا ۾ باغن ۽ چشمن جا وارث ۽ مالڪ ٿيندا).
— علامہ علي خان ابڙواٰخِذِيْنَ مَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَبْلَ ذٰلِكَ مُحْسِنِيْنَ ۭ16
جيڪي سندن پروردگار کين ڏيندو سو خوشيءَ سان وٺندا ۽ ماڻيندا (الله تعاليٰ هنن کي اهي نعمتون باغ وغيره ۽ ڪاميابي ڏيندو) ڇو ته هو ان کان اڳي (مشڪلاتن ۽ تڪليفن ۾ به) نيڪ عمل ڪندڙ هئا (۽ ٻين سان ڀلائيون ڪندڙ هئا).
— علامہ علي خان ابڙوكَانُوْا قَلِيْلًا مِّنَ الَّيْلِ مَا يَهْجَعُوْنَ 17
(ان کان سواءِ) رات منجهان تورو حصو ننڊ ڪندا هئا، (باقي وقت خدائي حڪمن کي ياد ڪرڻ ۽ غور ۽ فڪر ڪرڻ، نيڪ ۽ ضروري ڪمن جي رٿن ٺاهڻ ۾ صرف ڪندا هئا.)
— علامہ علي خان ابڙووَبِالْاَسْـحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُوْنَ 18
۽ اسر جي وقت (يعني پرڀات کان به ٿورو اڳي يا پرڀات وقت) خدا کان مغفرت گهرندا رهندا هئا (يعني تدبيري ڪوتاهين جي نتيجن کان پناهه گهرندا هئا).
— علامہ علي خان ابڙووَفِيْٓ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّاۗىِٕلِ وَالْمَحْرُوْمِ 19
۽ سندن مال ملڪيت ۾ گهرندڙن توڙي نه گهرندڙن (مسڪينن ۽ گهرج وارن) جو حق هو (يعني اهي متقي محتاجن تي ٿورو ڪونه لائيندا هئا، پر سندن حق سمجهي کين ڳولي ڳولي هر طرح جي مدد ڪندا هئا).
— علامہ علي خان ابڙووَفِي الْاَرْضِ اٰيٰتٌ لِّلْمُوْقِنِيْنَ ۙ20
(هن رڪوع ۾ مٿي بيان ڪيل ڳالهين ۾ مؤمنن لاءِ وڏيون نشانيون آهن) ۽ زمين ۾ به يقين رکندڙ لاءِ (يعني يقيني علم وارن لاءِ) وڏيون نشانيون رکيل آهن.
— علامہ علي خان ابڙو