050 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
قۗ ڗ وَالْقُرْاٰنِ الْمَجِيْدِ 1ۚ
قاف. قسم آهي انهيءَ قرآن جو جيڪو (ظاهرظهور) نهايت شاندار آهي. (يعني هي شاندار قرآن خود شاهد آهي ۽ ثابتي آهي ته اهو الله جو ڪلام آهي ۽ ان ۾ ڏنل ڳالهيون سڀ برحق آهن.)
— علامہ علي خان ابڙوبَلْ عَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا شَيْءٌ عَـجِيْبٌ 2ۚ
(ڪافر قران جو شان ڏسن به ٿا ته به نٿا مڃين سو ڇو؟) حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي عجب ٿو لڳي ته هنن ئي مان هڪڙو (پاڻ جهڙو انسان) هنن ڏانهن خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ٿي آيو آهي، (حسد به ٿو ٿئين) سو اهي ڪافر چون ٿا ته، هي هڪڙي نهايت عجب جهڙي ڳالهه آهي (۽ وسهڻ جهڙي ناهي).
— علامہ علي خان ابڙوءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِيْدٌ 3
(اهي ڪافر چون ٿا ته) ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ٿي وينداسين (تڏهن وري جيئرا ڪيا وينداسين؟) اهو موٽي اچڻ ۽ وري جيئرو ٿيڻ (اسان جي سمجهه کان) ٻاهر آهي ۽ محال آهي.
— علامہ علي خان ابڙوقَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ ۚ وَعِنْدَنَا كِتٰبٌ حَفِيْظٌ 4
اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته زمين انهن (مئل ماڻهن) مان ڪيترو گهٽائي ٿي ڇڏي، ۽ اسان وٽ هڪڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه محفوظ آهي.
— علامہ علي خان ابڙوبَلْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ فَهُمْ فِيْٓ اَمْرٍ مَّرِيْــجٍ 5
بلڪ ڳالهه هيئن آهي ته جڏهن هنن (ڪافرن) وٽ حق اچي چڪو آهي تڏهن حق کي نٿا مڃين تنهن ڪري هو مونجهاري جي حالت ۾ پئجي ويا آهن.
— علامہ علي خان ابڙواَفَلَمْ يَنْظُرُوْٓا اِلَى السَّمَاۗءِ فَوْقَهُمْ كَيْفَ بَنَيْنٰهَا وَزَيَّنّٰهَا وَمَا لَهَا مِنْ فُرُوْجٍ 6
ڇا هوانهيءَ آسمان ڏي نظر نٿا ڪن جو سندن مٿان آهي؟ اسان ڪيئن نه ان کي بنايو آهي ۽ (تارن وغيره سان) ان کي سينگاريو آهي، ۽ ان ۾ ڪي به ڦوٽون يا خرابيون ڪونه آهن.
— علامہ علي خان ابڙووَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 7ۙ
۽ زمين کي اسان پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ جبل لڳائي ڇڏيا اَٿئون ۽ ان ۾ هر قسم جا سهڻا اوڀڙ (نباتات) ڄمايا اَٿئون.
— علامہ علي خان ابڙوتَبْصِرَةً وَّذِكْرٰى لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 8
(اهو سڀ جو بنايو اٿئون سو) هن لاءِ ته جيڪو به (خدا جو) ٻانهو (خدا ڏي) رجوع ٿيندڙ آهي سو اکيون کولي (حقيقتن کي) ڏسي ۽ (خدا کي) ياد ڪري (۽ نصيحت وٺي).
— علامہ علي خان ابڙووَنَزَّلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً مُّبٰرَكًا فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ جَنّٰتٍ وَّحَبَّ الْـحَصِيْدِ 9ۙ
۽ اسان آسمانن مان برڪتن سان ڀريل پاڻي وسايون ٿا ۽ پوءِ ان جي وسيلي باغات ۽ اناج جون کيتيون لاباري لاءِ لڳايون ٿا.
— علامہ علي خان ابڙووَالنَّخْلَ بٰسِقٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِيْدٌ ۙ10
۽ پڻ ڊگها شاندار کجين جا وڻ ڄمايون ٿا جن جي کارڪن جا خوشا هڪٻئي مٿان تهه ڪري بيهندا آهن.
— علامہ علي خان ابڙورِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۙ وَاَحْيَيْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۭ كَذٰلِكَ الْـخُرُوْجُ 11
(اهي کارڪون الله تعاليٰ جي) ٻانهن لاءِ رزق آهن. ۽ اسان ان (مينهن) جي وسيلي مئل زمين کي زنده ڪري ٿا ڇڏيون. (قيامت جي ڏينهن) مئل ماڻهن جو اٿڻ به اهڙيءَ طرح ٿيندو.
— علامہ علي خان ابڙوكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّاَصْـحٰبُ الرَّسِّ وَثَـمُوْدُ ۙ12
(جيڪڏهن قرآن کي نٿا مڃين ۽ فطرت مان به حقيقتون نٿا سکن ته قومن جي تاريخ مان عبرت وٺي ڏسو) هنن (ڪافرن) کان اڳي حضرت نوح جي قوم جي ماڻهن، رس وارن ۽ ثمود جي قوم جي ماڻهن (حق کي) نه مڃيو.
— علامہ علي خان ابڙووَعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ وَاِخْوَانُ لُوْطٍ ۙ13
۽ عاد قوم جي ماڻهن، فرعون ۽ حضرت لوط جي برادري وارن به نه مڃيو.
— علامہ علي خان ابڙووَّ اَصْـحٰبُ الْاَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۭ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ وَعِيْدِ 14
۽ گهاٽي ٻيلي جي ماڻهن ۽ تبع جي ماڻهن به نه مڃيو. انهن سڀني ماڻهن رسولن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. سو (انهن جي باري ۾) منهنجو ڏنل دڙڪو حق ثابت ٿيو (۽ هو سڀ منهنجي ڏنل قول موجب تباهه ٿيا.)
— علامہ علي خان ابڙواَفَعَيِيْنَا بِالْــخَلْقِ الْاَوَّلِ ۭ بَلْ هُمْ فِيْ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ۧ15
سو ڇا اسان پهرين خلق جي خلقڻ ۾ ٿڪجي پيا آهيون ڇا؟ (جو وري ماڻهن کي جيئرو ڪري نه سگهنداسين) بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته هي (ڪافر) نئين خلقت جي باري ۾ شڪن ۾ گرفتار آهن ۽ منجهيل آهن.
— علامہ علي خان ابڙووَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَنَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهٖ نَفْسُهٗ ښ وَنَــحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ 16
۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان ئي انسان کي خلقيو آهي ۽ اسان ئي ڄاڻون ٿا ته سندس نفس ڪهڙا ڪهڙا وسوسا منجهس وجهي ٿو. ۽ اسان کيس سندس شهه رڳ کان به ويجها آهيون. (جا ڳچيءَ جي ٻنهي پاسن تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي).
— علامہ علي خان ابڙواِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيٰنِ عَنِ الْيَمِيْنِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيْدٌ 17
ياد رکو ته ٻه (فرشتا) انسان جي عملن کي جانچڻ ۽ لکي ڇڏڻ لاءِ مقرر ڪيل آهن، جن مان هڪڙو سندس ساڄي پاسي ويٺل آهي ۽ ٻيو کاٻي پاسي.
— علامہ علي خان ابڙومَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَـدَيْهِ رَقِيْبٌ عَتِيْدٌ 18
اهو انسان ڪو لفظ وات مان مس ڪڍي ٿو ته هڪدم هڪ محافظ فرشتو جو سندس ڀرسان ويٺل آهي ان کي لکي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ٿو وڃي.
— علامہ علي خان ابڙووَجَاۗءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْـحَقِّ ۭ ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَـحِيْدُ 19
۽ (آخر) موت واري سڪرات في الحقيقت اچي وڃي ٿي (ان وقت انسان جون اکيون کلن ٿيون ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته) هيءَ اٿئي اها ڳالهه جنهن کان تون ڀڄندو هئين.
— علامہ علي خان ابڙووَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ ۭ ذٰلِكَ يَوْمُ الْوَعِيْدِ 20
۽ (قيامت جي ڏينهن) توتاري وڄائي ويندي. اهو آهي اهو ڏينهن جنهن بابت (دنيا ۾ رسولن جي معرفت) خبر ڏني ويئي هئي ۽ ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو هو.
— علامہ علي خان ابڙو