1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

005 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 120 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن

ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

5:1

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَوْفُوْا بِالْعُقُوْدِ ڛ اُحِلَّتْ لَكُمْ بَهِيْمَةُ الْاَنْعَامِ اِلَّا مَا يُتْلٰى عَلَيْكُمْ غَيْرَ مُـحِلِّي الصَّيْدِ وَاَنْتُمْ حُرُمٌ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ مَا يُرِيْدُ 1‏۝

مومنو! پنهنجا معاهدا پورا ڪيو (پنهنجا سڀ فرض بجا آڻيو). توهان جي لاءِ ڍڳن ڍورن (جو گوشت کائڻ) حلال ڪيو ويو آهي، سواءِ انهن جي جن بابت (اڳي بيان ڪيل آهي ۽ اڳتي) حڪم ٻڌايو ويندو، پر جڏهن احرام جي حالت ۾ هجو تڏهن شڪار ڪرڻ حلال ناهي، بيشڪ الله تعاليٰ جيڪي چاهي ٿو تنهن جو حڪم ڏئي ٿو.

— علامہ علي خان ابڙو

5:2

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـحِلُّوْا شَعَاۗىِٕرَ اللّٰهِ وَلَا الشَّهْرَ الْـحَرَامَ وَلَا الْهَدْيَ وَلَا الْقَلَاۗىِٕدَ وَلَآ اٰۗمِّيْنَ الْبَيْتَ الْـحَرَامَ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنْ رَّبِّهِمْ وَرِضْوَانًا ۭ وَاِذَا حَلَلْتُمْ فَاصْطَادُوْا ۭ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَـنَاٰنُ قَوْمٍ اَنْ صَدُّوْكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اَنْ تَعْتَدُوْا ۘ وَتَعَاوَنُوْا عَلَي الْبِرِّ وَالتَّقْوٰى ۠ وَلَا تَعَاوَنُوْا عَلَي الْاِثْـمِ وَالْعُدْوَانِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 2‏۝

مومنو! خدا جي شعائرن جي (يعني خدا پرستي جي مقرر ڪيل نشانين ۽ رسمن جي) بي حرمتي نه ڪريو، نڪي انهن مهينن جي (بي حرمتي ڪريو) جي حرمت جا مهينا آهن (ذي قعد،ذي الحج، محرم ۽ رجب مهينن ۾ جنگ ڪرڻ جائز ناهي ڇو ته انهن مهينن ۾ حاجين جي آمدرفت رهندي هئي) نڪي (حَج جي) قرباني جي (بيحرمتي ڪريو) ۽ نه انهن جانورن جي جن جي ڳچين ۾ (نشانيءَ طور) ڪنڍيون پاتل آهن ۽ پڻ انهن ماڻهن جي (بي حرمتي نه ڪيو، نڪي کين روڪيو نڪي نقصان پهچايو) جي بيت الحرام جو قصد ڪن ٿا ۽ پنهنجي پروردگار جو فضل ۽ راضپو ڳولين ٿا، ۽ جڏهن توهان احرام جي حالت کان ٻاهر اچو تڏهن شڪار ڀلي ڪيو، ۽ (خبردار) ائين نه ٿئي جو هڪ قوم جي (اوهان سان) دشمني اوهان کي هن ڳالهه تي آماده ڪري جو توهان به زيادتي ڪرڻ لڳو. ڇو ته هنن اوهان کي ڪعبت الله کان روڪي ڇڏيو هو. (توهان جو دستور ته هي هئڻ گهرجي ته) نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪمن ۾ هڪٻئي جي مدد ڪريو، مگر گناه ۽ ظلم جي ڪمن ۾ مدد نه ڪيو، ۽ (خبردار) الله کان ڊڄندا رهو، جو يقيناً (بدعملن لاءِ) سخت سزا ڏيندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

5:3

حُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالدَّمُ وَلَـحْمُ الْـخِنْزِيْرِ وَمَآ اُهِلَّ لِغَيْرِ اللّٰهِ بِهٖ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوْذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيْحَةُ وَمَآ اَ كَلَ السَّبُعُ اِلَّا مَا ذَكَّيْتُمْ ۣ وَمَا ذُبِــحَ عَلَي النُّصُبِ وَاَنْ تَسْـتَقْسِمُوْا بِالْاَزْلَامِ ۭ ذٰلِكُمْ فِسْقٌ ۭ اَلْيَوْمَ يَىِٕسَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ دِيْنِكُمْ فَلَا تَـخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ ۭ اَلْيَوْمَ اَكْـمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَاَتْـمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا ۭ فَـمَنِ اضْطُرَّ فِيْ مَـخْمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِّاِثْـمٍ ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 3‏۝

(مسلمانو) توهان تي (هي شيون) حرام ڪيون ويون آهن، مردار جانور، رت، سوئر جو گوشت، اهو جانور جنهن تي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو وٺجي، گردن گهٽي ماريل، ڌڪ هڻي ماريل، مٿاهين جاءِ تان ڪري مئل، ڪنهن جانورن جي سڱن سان مريل، جنهن کي ڪنهن ڦاڙيندڙ جانور چيري، ڦاڙي کاڌو هجي، پر اهي (حرام ناهن) جن کي توهان (انهن جي مرڻ کان اڳي) ذبح ڪري وٺو. اهو جانور به حرام آهي جو ڪنهن غير الله جي پوڄا جي جاءِ تي ذبح ڪيو وڃي، ۽ جيڪي (گوشت يا ٻيون شيون ڪڻن جي نموني يا جوا طور) تيرن سان پاڻ ۾ ورهايو (جيئن عرب جا مشرڪ ڪندا هئا سو به حرام آهي). اها گناه جي ڳالهه آهي. (مسلمانو!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي هئي اهي هاڻي اوهان جي دين بابت نااميد ٿي ويا آهن (يعني ڏسن ٿا ته اسلام پڪي پايي تي قائم ٿي ويو آهي ۽ مسلمان زور وٺي ويا آهن) پوءِ توهان هنن کان بلڪل نه ڊڄو ۽ فقط مون کان ڊڄو (۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪيو) اڄوڪي ڏينهن مون توهان جي لاءِ توهان جو دين ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪيم ۽ توهان جي لاءِ دين اسلام پسند ڪيم، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو بک کان لاچار هجي، ائين نه ته (ڄاڻي ٻجهي) گناه جو ڪم ڪرڻ چاهي (۽ لاچاري حالت ۾ ڪا حرام شيء کائي) ته پوءِ الله تعاليٰ بخشڻهار ۽ رحمت رکندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

5:4

يَسْـــَٔلُوْنَكَ مَاذَآ اُحِلَّ لَهُمْ ۭ قُلْ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۙ وَمَا عَلَّمْتُمْ مِّنَ الْـجَوَارِحِ مُكَلِّبِيْنَ تُعَلِّمُوْنَهُنَّ مِـمَّا عَلَّمَكُمُ اللّٰهُ ۡ فَكُلُوْا مِـمَّآ اَمْسَكْنَ عَلَيْكُمْ وَاذْكُرُوا اسْـمَ اللّٰهِ عَلَيْهِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 4‏۝

(اي پيغمبر!) ماڻهو توکان پڇن ٿا ته ڪهڙيون ڪهڙيون شيون کين حلال آهن؟ تون چئو ته، جيڪي به چڱيون شيون آهن، سي سڀ توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانور جن کي توهان شڪار ڪرڻ لاءِ تربيت ڏني آهي ۽ (شڪار جو طريقو) جيئن خدا توها کي سيکاريو آهي (يعني خدا جي ڏنل عقل ۽ ذهن سان توهان ڳولي ڪڍيو آهي) انهن شڪاري جانورن کي سيکاريو ته پوءِ جيڪو شڪار هو پڪڙين ۽ توهان جي لاءِ رکن ته اهو توهان بيشڪ کائو، پر گهرجي ته (شڪاري جانور کي شڪار تي ڇڏڻ وقت) خدا جو نالو وٺو (جيئن ذبح ڪرڻ وقت وٺندا آهيو) ۽ (هر حال ۾) الله کان ڊڄندا رهو (ياد رکو ته) الله تعاليٰ (عملن جو) حساب وٺڻ ۾ بلڪل تيز آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

5:5

اَلْيَوْمَ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۭ وَطَعَامُ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ حِلٌّ لَّكُمْ ۠ وَطَعَامُكُمْ حِلٌّ لَّهُمْ ۡ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الْمُؤْمِنٰتِ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلِكُمْ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ مُـحْصِنِيْنَ غَيْرَ مُسٰفِحِيْنَ وَلَا مُتَّخِذِيْٓ اَخْدَانٍ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِالْاِيْـمَانِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهٗ ۡ وَهُوَ فِي الْاٰخِرَةِ مِنَ الْـخٰسِرِيْنَ 5‏۝ۧ

اڄ سڀ چڱيون شيون توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن، جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي تن (اهل ڪتاب) جو تيار ڪيل طعام توهان جي لاءِ حلال آهي ۽ اوهان جو طعام هنن لاءِ حلال آهي. پڻ اوهان جي لاءِ مسلمان بيبيون ۽ اهل ڪتاب جون بيبيون حلال آهن، بشرطيڪ انهن جو مهر انهن کي ڏيو ۽ مقصود نڪاح ۾ آڻڻ جو هجي، نڪي نفس پرستيءَ لاءِ بدڪاري ڪئي وڃي، نڪي لڪي ڇپي بدچالي ڪئي وڃي، ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به ايمان کان منڪر ٿيو تنهنجا عمل ضايع ٿي ويا ۽ آخرت ۾ هو انهن منجهان هوندو جي تباه حال هوندا.

— علامہ علي خان ابڙو

5:6

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا قُـمْتُمْ اِلَى الصَّلٰوةِ فَاغْسِلُوْا وُجُوْهَكُمْ وَاَيْدِيَكُمْ اِلَى الْمَرَافِقِ وَامْسَحُوْا بِرُءُوْسِكُمْ وَاَرْجُلَكُمْ اِلَى الْكَعْبَيْنِ ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ جُنُبًا فَاطَّهَّرُوْا ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ مَّرْضٰٓى اَوْ عَلٰي سَفَرٍ اَوْ جَاۗءَ اَحَدٌ مِّنْكُمْ مِّنَ الْغَاۗىِٕطِ اَوْ لٰمَسْتُمُ النِّسَاۗءَ فَلَمْ تَـجِدُوْا مَاۗءً فَتَيَمَّمُوْا صَعِيْدًا طَيِّبًا فَامْسَحُوْا بِوُجُوْهِكُمْ وَاَيْدِيْكُمْ مِّنْهُ ۭ مَا يُرِيْدُ اللّٰهُ لِيَجْعَلَ عَلَيْكُمْ مِّنْ حَرَجٍ وَّلٰكِنْ يُّرِيْدُ لِيُطَهِّرَكُمْ وَلِيُتِمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 6‏۝

مومنؤ! جڏهن نماز جي لاءِ تياري ڪيو تڏهن پنهنجو منهن ۽ هٿ ٺونٺين تائين ڌوئيندا ڪريو ۽ مٿي تي (پاڻي سان آلو ڪيل) هٿ گهمايو ۽ پنهنجا ٻئي پير مرن تائين ڌوئي ڇڏيو، ۽ جيڪڏهن تڙ جي ضرورت هجي ته وهنجي صاف ۽ پاڪ ٿيو ۽ جيڪڏهن توهان بيمار هجو ۽ (پاڻيءَ جو استعمال نقصانڪار هجي) يا سفر ۾ هجو (۽ پاڻيءَ جي ڳولا ڪرڻ ۾ تڪليف هجي) يا توهان مان ڪو پائخاني مان ٿي آيو هجي يا عورت کي هٿ لاتو هجيس (همبستر ٿيو هجي) ۽ پاڻي نه ملي ته پوءِ (وضو ۽ غسل لاءِ پاڻيءَ بدران) پاڪ مٽيءَ کان ڪم وٺو. (تيمم جو طريقو هي آهي ته) پاڪ مٽيءَ تي هٿ لڳائي هٿن کي منهن ۽ ٻانهن تي (ٺونٺين تائين) گهمايو. الله تعاليٰ نٿو چاهي ته توهان کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ۽ تنگيءَ ۾ وجهي، بلڪ هو چاهي ٿو ته توهان کي (اهڙن عملن جي وسيلي) صاف ۽ پاڪ رکي ۽ پڻ چاهي ٿو ته توهان تي پنهنجي نعمت (هدايت) پوري ڪري ته توهان شڪرگذار رهو (يعني الله جي نعمتن جو قدر ڪريو).

— علامہ علي خان ابڙو

5:7

وَاذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَمِيْثَاقَهُ الَّذِيْ وَاثَقَكُمْ بِهٖٓ ۙ اِذْ قُلْتُمْ سَـمِعْنَا وَاَطَعْنَا ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7‏۝

الله تعاليٰ جا نعمت اوهان تي ڪئي آهي، سا ياد رکو ۽ سندس عهد اقرار نه وساريو جو مضبوطيءَ سان اوهان کان وٺي ڇڏيو اٿس، جڏهن توهان (اسلام قبول ڪندي) چيو هو ته، اسان تنهنجو حڪم ٻڌو ۽ اسان فرمانبرداري ڪئي (۽ ڪندا رهنداسين) ۽ (جڏهن ته اهڙو عهد اقرار ڪري چڪا آهيو، تڏهن هر حال ۾) خد (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو، جيڪي جيڪي (اوهان جي) دلين ۾ لڪل آهي سو يقيناً الله تعاليٰ کي معلوم آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

5:8

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْا قَوّٰمِيْنَ لِلّٰهِ شُهَدَاۗءَ بِالْقِسْطِ ۡ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَنَاٰنُ قَوْمٍ عَلٰٓي اَلَّا تَعْدِلُوْا ۭ اِعْدِلُوْا ۣ هُوَ اَقْرَبُ لِلتَّقْوٰى ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِــمَا تَعْمَلُوْنَ 8‏۝

مومنؤ! خدا (جي سچائيءَ) جي لاءِ مضبوطيءَ سان قائم رهڻ وارا ۽ انصاف جي لاءِ (سچي) شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو، ۽ (خبردار) ائين نه ٿئي جو ڪن ماڻهن جي (اوهان سان) دشمني اوهان کي هن ڳالهه لاءِ اڀاري ته توهان (ساڻن) انصاف نه ڪيو. (هر حال ۾) انصاف ڪيو. ڇو ته ائين ڪرڻ تقويٰ کي ويجهو آهي ۽ الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو، توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

5:9

وَعَدَ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 9‏۝

جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تن سان الله تعاليٰ جو واعدو آهي، ته انهن جي لاءِ مغفرت ٿيندي ۽ کين وڏو اجر ملندو.

— علامہ علي خان ابڙو

5:10

وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَـحِيْـمِ ۝10

پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪوٺيو سي دوزخي آهن.

— علامہ علي خان ابڙو

5:11

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ هَمَّ قَوْمٌ اَنْ يَّبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ اَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ ۝ۧ11

مومنؤ! پاڻ تي الله جي اها نعمت ياد ڪيو جو جڏهن هڪ قوم پڪو ارادو ڪري ورتو هو ته توهان تي (جنگ ۽ تباهي جو) هٿ وڌائي. تڏهن خدا (پنهنجي ڪرم ۽ فضل سان) هنن جا هٿ اوهان کان روڪي ڇڏيا (۽ توهان بنا وڏي نقصان جي غالب رهيؤ) ۽ الله کان ڊڄندا رهو، مومنن کي گهرجي ته فقط الله تي ڀروسو رکن.

— علامہ علي خان ابڙو

5:12

وَلَقَدْ اَخَذَ اللّٰهُ مِيْثَاقَ بَنِيْٓ اِ سْرَاۗءِيْلَ ۚ وَبَعَثْنَا مِنْهُمُ اثْنَيْ عَشَرَ نَقِيْبًا ۭ وَقَالَ اللّٰهُ اِنِّىْ مَعَكُمْ ۭ لَىِٕنْ اَقَـمْــتُمُ الصَّلٰوةَ وَاٰتَيْتُمُ الزَّكٰوةَ وَاٰمَنْتُمْ بِرُسُلِيْ وَعَزَّرْتُـمُوْهُمْ وَاَقْرَضْتُمُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَـنًا لَّاُكَفِّرَنَّ عَنْكُمْ سَيِّاٰتِكُمْ وَلَاُدْخِلَنَّكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْھٰرُ ۚ فَـمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذٰلِكَ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ ؀12

۽ هيءَ حقيقت آهي ته الله تعاليٰ بني اسرائيلن کان (فرمانبرداريءَ جو) عهد ورتو هو ۽ هنن ۾ ٻارهن سردار مقرر ڪيا هئا ۽ الله تعاليٰ (کين) فرمايو هو ته مان توهان سان آهيان (يعني منهنجي مدد اوهان سان آهي) جيڪڏهن توهان نماز قائم رکي، زڪوات ڏيندا رهيؤ، منهنجي سڀني رسولن تي ايمان آندوَ ۽ انهن جي مدد ڪيو ۽ الله کي چڱو قرض ڏيندا رهيؤ (يعني حق جي راه ۾ پنهنجو مال خرچ ڪندا رهيؤ) ته پوءِ مان ضرور توهان مان توهان جون برايون ڪڍي ڇڏيندس ۽ توهان کي ضرور (نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون وهنديون، پوءِ توهان مان جنهن هن کان پوءِ به ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي، تنهن يقيناً (ڪاميابيءَ واري واٽ) سڌي راه گم ڪري ڇڏي.

— علامہ علي خان ابڙو

5:13

فَبِـمَا نَقْضِهِمْ مِّيْثَاقَهُمْ لَعَنّٰهُمْ وَجَعَلْنَا قُلُوْبَهُمْ قٰسِـيَةً ۚ يُـحَرِّفُوْنَ الْكَلِمَ عَنْ مَّوَاضِعِهٖ ۙ وَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۚ وَلَا تَزَالُ تَطَّلِعُ عَلٰي خَاۗىِٕنَةٍ مِّنْهُمْ اِلَّا قَلِيْلًا مِّنْهُمْ فَاعْفُ عَنْهُمْ وَاصْفَحْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُحْسِنِيْنَ ؀13

پوءِ هنن ماڻهن فرمانبرداري جو عهد ٽوڙيو، تنهن سبب اسان مٿن لعنت ڪئي ۽ سندن دليون سخت ڪيونسين. (ڇو ته خدا جو قانون آهي ته جيڪو حق ۽ اطاعت کان ڦري ٿو وڃي تنهن جي دل ۽ دماغ سمجهه ۽ هدايت جي لائق نٿا رهن) جيئن ته هو (خدا جي) لفظن کي سندن اصلي جاءِ تان ڦيرائي ٿا ڇڏين (۽ پنهنجي دنيائي مطلبن حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون معنائون ٿا ٺاهين) تنهن ڪري جنهن ڳالهه جي کين نصيحت ڪئي ويئي هئي تنهن مان ڪو فائدو وٺڻ، هنن جي حصي ۾ نه آيو ۽ ان کي بلڪل وساري ويهي رهيا، ۽ توهان (مسلمان هاڻي به) هنن جي (اهڙي) ڪنهن نه ڪنهن خيانت جو اطلاع حاصل ڪندا رهو ٿا (يعني ڏسو ٿا ته هو پنهنجي خدائي ڪتابن جا لفظ مٽائي ٻڌائين ٿا) اهي تمام ٿورا آهن جي ائين نٿا ڪن پوءِ (اي پيغمبر) تون هنن جي (خيانتن کان) درگذر ڪر ۽ هنن کي ڌيان نه ڏي. بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي حب ڪري ٿو جي نيڪ عمل ڪندڙ آهن.

— علامہ علي خان ابڙو

5:14

وَمِنَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّا نَصٰرٰٓى اَخَذْنَا مِيْثَاقَهُمْ فَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۠ فَاَغْرَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاۗءَ اِلٰي يَوْمِ الْقِيٰمَةِ ۭ وَسَوْفَ يُنَبِّئُهُمُ اللّٰهُ بِـمَا كَانُوْا يَصْنَعُوْنَ ؀14

۽ جيڪي ماڻهو پاڻ کي نصاريٰ (عيسائي) سڏائين ٿا، تن کان به اسان (ايمان ۽ عمل جو) عهد ورتو هو (پر) پوءِ (ڇا ٿيو جو) جنهن ڳالهه جي کين نصيحت ڪئي ويئي هئي تنهن مان ڪوبه فائدو وٺڻ هنن جي حصي ۾ نه آيو ۽ ان کي بلڪل وساري ويهي رهيا. (هو فرقا ٺاهي جدا جدا ٿي ويا) پوءِ اسان هنن جي (مختلف فرقن جي) وچ ۾ قيامت تائين دشمني ۽ بغض جي باه ڀڙڪائي ڇڏي. (فرقا ٺاهڻ جو اهو قدرتي نتيجو آهي.) اهو وقت پري ناهي جڏهن الله تعاليٰ سندن ڪرتوتن جي حقيقت کين ٻڌائيندو.

— علامہ علي خان ابڙو

5:15

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ كَثِيْرًا مِّـمَّا كُنْتُمْ تُـخْفُوْنَ مِنَ الْكِتٰبِ وَيَعْفُوْا عَنْ كَثِيْرٍ ڛ قَدْ جَاۗءَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ نُوْرٌ وَّكِتٰبٌ مُّبِيْنٌ ؀ۙ15

اي اهل ڪتاب! هيءَ حقيقت آهي ته اسان جو رسول اوهان ڏي اچي چڪو آهي خدائي ڪتاب (يعني تورات ۽ انجيل) جون گهڻيون ئي ڳالهيون جن کي توهان (نفساني خواهشن پورين ڪرڻ لاءِ) لڪائيندا رهيا آهيو، سي هو اوهان کي چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو ۽ گهڻيون ئي ڳالهين کان درگذر ڪري ٿو (جن جي بيان ڪرڻ جي ضرورت نٿو ڏسي). الله جي طرف کان اوهان وٽ (حق جي) روشني اچي ويئي آهي ۽ چٽايون ڪندڙ روشن ڪتاب (قرآن مجيد) اچي چڪو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

5:16

يَّهْدِيْ بِهِ اللّٰهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضْوَانَهٗ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُـخْرِجُهُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ بِاِذْنِهٖ وَيَهْدِيْهِمْ اِلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَقِيْـمٍ ؀16

خدا ان (ڪتاب) جي وسيلي انهن ماڻهن لاءِ جي (نفساني خواهشن جي بجاءِ) خدا جي راضپي (وارن حڪمن) جي تابعداري ڪن ٿا، سلامتيءَ جون واٽون ڏيکاري ٿو (۽ کولي کولي ظاهر ڪري ٿو ڇڏي) ۽ پنهنجي حڪم سان (يعني پنهنجي مقرر قانون موجب) هنن کي اونداهين مان ڪڍي ٿو ۽ روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو ۽ (ڪاميابيءَ جي) سڌي راهه تي لڳائي ڇڏي ٿو.

— علامہ علي خان ابڙو

5:17

لَقَدْ كَفَرَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْمَسِيْحُ ابْنُ مَرْيَـمَ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ مِنَ اللّٰهِ شَـيْـــًٔـا اِنْ اَرَادَ اَنْ يُّهْلِكَ الْمَسِيْحَ ابْنَ مَرْيَـمَ وَاُمَّهٗ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۭ يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ؀17

يقيناً انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته الله آهي مسيح بن مريم. (اي پيغمبر!) تون انهن ماڻهن کي چئو ته (هي ڪهڙي نه بي عقليءَ جي ڳالهه ٿا ڪيو؟) جيڪڏهن خدا مسيح پٽ مريم کي ۽ سندس ماءُ کي بلڪ روءِ زمين تي جيترا به انسان آهن تن سڀني کي فنا ڪرڻ چاهي ته ڪير آهي جو هن جي بادشاهيءَ ۾ دخل ڏيڻ جي جرئت ڪري سگهي. آسمان ۽ زمين جي ۽ جيڪي به منجهن آهي تنهن سڀ جي بادشاهي فقط الله کي آهي. هو جيڪي به چاهي ٿو سو خلقي ٿو ۽ هو هر شيء تي قدرت رکندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

5:18

وَقَالَتِ الْيَھُوْدُ وَالنَّصٰرٰى نَـحْنُ اَبْنٰۗؤُا اللّٰهِ وَاَحِبَّاۗؤُهٗ ۭ قُلْ فَلِمَ يُعَذِّبُكُمْ بِذُنُوْبِكُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ بَشَرٌ مِّـمَّنْ خَلَقَ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۡ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ؀18

يهودي ۽ عيسائي چون ٿا ته اسان خدا جا پٽ ۽ سندس پيارا آهيون (اسان ڪجهه به ڪيون ته به اسان لاءِ نجات آهي) تون کين چئو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ خدا توهان جي بدعملين سبب اوهان کي (وقت به وقت) ڇو عذاب ڏيندو رهيو؟ (اها ڳالهه توهان پاڻ به قبول ڪيو ٿا ۽ توهان جا ڪتاب خدا جي ملامتن ۽ عذابن جي واقعن سان ڀريا پيا آهن) بلڪ حقيقت هي آهي ته سندن پيدا ڪيل انسانن مان توهان به انسان آهيو. (نجات الله جي هٿ ۾ آهي) هي جنهن کي چاهي تنهن کي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي عذاب ڏئي. آسمانن جي، زمين جي ۽ انهن سڀني جي جيڪي انهن ۾ آهن مالڪي ۽ سلطاني فقط هن جي لاءِ آهي ۽ سڀني کي آخر ڏانهنس ئي موٽڻو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

5:19

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ عَلٰي فَتْرَةٍ مِّنَ الرُّسُلِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا جَاۗءَنَا مِنْۢ بَشِيْرٍ وَّلَا نَذِيْرٍ ۡ فَقَدْ جَاۗءَكُمْ بَشِيْرٌ وَّنَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۝ۧ19

اي اهل ڪتاب! اهڙيءَ حالت ۾ جو رسولن جو ظهور ڪيتريءَ ئي مدت کان وٺي بند هو، اسان جو رسول (پيغمبر اسلام) اوهان وٽ آيو. هو اوهان جي لاءِ (منهنجا حڪم) چٽا ڪري ٻڌائي رهيو آهي ته توهان ائين نه چئي سگهو ته، اسان ڏي ڪو بشير (هدايت جي خوشخبري ڏيندڙ) ۽ نذير (گمراهيءَ کان خبردار ڪندڙ) ڪونه آيو (هاڻي ڏسو ته) توهان وٽ بشير ۽ نذير اچي ويو آهي. (يعني هاڻي توهان جي لاءِ ڪوبه عذر باقي ڪونه رهيو آهي) الله تعاليٰ هر شيء تي قادر آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

5:20

وَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَعَلَ فِيْكُمْ اَنْۢبِيَاۗءَ وَجَعَلَكُمْ مُّلُوْكًا ڰ وَّاٰتٰىكُمْ مَّا لَمْ يُؤْتِ اَحَدًا مِّنَ الْعٰلَمِيْنَ ؀20

۽ (اهو واقعو ياد ڪيو) جڏهن حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو هو ته، اي منهنجي قوم! الله جو پاڻ تي احسان ياد ڪيو، (جو هن اوهان تي وڏيون مهربانيون ۽ نعمتون ڪيون ۽) هن اوهان ۾ نبي پيدا ڪيا، توهان کي آزاد ۽ حاڪم قوم بنايائين ۽ توهان کي اها (نعمت) عطا ڪيائين جا (اڳي) دنيا ۾ ڪنهن کي به نه عطا ڪيائين (يعني نبوت ۽ بادشاهي ٻئي گڏ اڳي ڪنهن به قوم کي نه مليا هئا).

— علامہ علي خان ابڙو