1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

048 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن

ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

48:1

اِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُّبِيْنًا 1‏۝ۙ

(اي پيغمبر!) بيشڪ اسان توکي فتح ڏني آهي، چٽي ۽ صاف فتح.

— علامہ علي خان ابڙو

48:2

لِّيَغْفِرَ لَكَ اللّٰهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْۢبِكَ وَمَا تَاَخَّرَ وَيُتِـمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَيَهْدِيَكَ صِرَاطًا مُّسْتَـقِيْمًا 2‏۝ۙ

انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ تنهنجون اڳوڻيون (تدبيري) ڪوتاهيون ۽ جيڪي پوءِ ٿيڻيون آهن، سي سڀ ڍڪي ڇڏي (يعني انهن جو اثر پيدا نه ٿئي) ۽ توتي پنهنجي نعمت پوري ڪري (يعني توکي انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ) سڌي واٽ ڏيکاري ڇڏي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:3

وَّيَنْصُرَكَ اللّٰهُ نَــصْرًا عَزِيْزًا 3‏۝

۽ الله تعاليٰ توکي اهڙي مدد ڪري جا وڏي زبردست مدد هجي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:4

هُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ السَّكِيْنَةَ فِيْ قُلُوْبِ الْمُؤْمِنِيْنَ لِيَزْدَادُوْٓا اِيْـمَانًا مَّعَ اِيْـمَانِهِمْ ۭ وَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْمًا حَكِـيْمًا 4‏۝ۙ

۽ اهوئي آهي جنهن مؤمنن جي دلين ۾ تسلي ۽ اطمينان وڌو انهيءَ لاءِ ته سندن پڪي ايمان ۾ اڃا به يقين جو واڌارو ڪري، (۽ ياد رکو ته) آسمانن ۽ زمين جا لشڪر سڀ الله جا آهن ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:5

لِّيُدْخِلَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَيُكَفِّرَ عَنْهُمْ سَيِّاٰتِهِمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عِنْدَ اللّٰهِ فَوْزًا عَظِيْمًا 5‏۝ۙ

(اهو اطمينان جو نازل ڪيائين سو) هن لاءِ ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي جنت ۾ داخل ڪري جنهن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هجن ۽ جنهن ۾ هو هميشه لاءِ رهن ۽ سندن اوڻائيون ۽ تڪليفون کانئن دور ڪري ڇڏي. الله تعاليٰ جي نظر ۾ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:6

وَّيُعَذِّبَ الْمُنٰفِقِيْنَ وَالْمُنٰفِقٰتِ وَالْمُشْرِكِيْنَ وَالْمُشْرِكٰتِ الظَّاۗنِّيْنَ بِاللّٰهِ ظَنَّ السَّوْءِ ۭ عَلَيْهِمْ دَاۗىِٕرَةُ السَّوْءِ ۚ وَغَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ وَلَعَنَهُمْ وَاَعَدَّ لَهُمْ جَهَنَّمَ ۭ وَسَاۗءَتْ مَصِيْرًا 6‏۝

۽ هن لاءِ (اطمينان نازل ڪيائين) ته منافق مردن ۽ منافق عورتن، مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن کي جيڪي الله تعاليٰ بابت بدگمانيون ڪندا رهيا آهن تن کي جوڳي سزا ڏئي، انهن کي خرابيءَ جو چڪر ويڙهي ويو آهي، ۽ الله تعاليٰ جو غضب مٿن پئجي چڪو آهي، ۽ هن مٿن لعنت وڌي آهي ۽ هنن جي لاءِ جهنم تيار ڪري رکيو آهي. اهو ڪهڙو نه خراب ٽڪاڻو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:7

وَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِيْزًا حَكِـيْـمًا 7‏۝

۽ آسمانن ۽ زمين جا سڀ لشڪر الله ئي جا آهن، ۽ الله تعاليٰ وڏي طاقت ۽ حڪمت وارو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:8

اِنَّآ اَرْسَلْنٰكَ شَاهِدًا وَّمُبَشِّرًا وَّنَذِيْرًا 8‏۝ۙ

يقيناً اسان توکي (اي پيغمبر حق جي) شاهدي ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي ۽ (نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ ڪاميابيءَ جي) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (بدعملن جي بدنتيجن بابت) خبردار ڪندڙ ڪري موڪليو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:9

لِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَتُعَزِّرُوْهُ وَتُوَقِّرُوْهُ ۭ وَتُسَـبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 9‏۝

انهيءَ لاءِ ته اوهان (انسان) الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو (يعني قرآن مجيد جي تعليم قبول ڪيو) ۽ الله جي (دين قائم ڪرڻ ۾ سندس) مدد ڪيو ۽ سندس تعظيم ڪيو ۽ صبح توڙي شام (يعني هر وقت) سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ سرگرم رهو (يعني سندس نظام قائم ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۽ ڪوششون ڪندا رهو).

— علامہ علي خان ابڙو

48:10

اِنَّ الَّذِيْنَ يُبَايِعُوْنَكَ اِنَّـمَا يُبَايِعُوْنَ اللّٰهَ ۭ يَدُ اللّٰهِ فَوْقَ اَيْدِيْهِمْ ۚ فَــمَنْ نَّكَثَ فَاِنَّـمَا يَنْكُثُ عَلٰي نَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ اَوْفٰى بِــمَا عٰهَدَ عَلَيْهُ اللّٰهَ فَسَيُؤْتِيْهِ اَجْرًا عَظِيْمًا ۝ۧ10

يقيناً اهي (مؤمن) جيڪي تنهنجي بيعت ڪري رهيا آهن سي يقيناً الله جي ئي بيعت ڪري رهيا آهن. الله جو هٿ هنن جي هٿن جي مٿان آهي. پوءِ جيڪو پنهنجو (قسم تي ڏنل) عهد ٽوڙيندو سو ان جي ٽوڙڻ سان پنهنجو ئي نقصان ڪندو، ۽ جيڪو اهو عهد پاڙيندو جو هن الله تعاليٰ سان ڪيو آهي تنهن کي الله تعاليٰ تمام وڏو اجر ۽ انعام ڏيندو.

— علامہ علي خان ابڙو

48:11

سَيَقُوْلُ لَكَ الْمُخَلَّفُوْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ شَغَلَتْنَآ اَمْوَالُنَا وَاَهْلُوْنَا فَاسْتَغْفِرْ لَنَا ۚ يَقُوْلُوْنَ بِاَلْسِنَتِهِمْ مَّا لَيْسَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ لَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔا اِنْ اَرَادَ بِكُمْ ضَرًّا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ نَفْعًا ۭ بَلْ كَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا ؀11

ٻهراڙيءَ جي عربن مان جيڪي پٺتي رهجي پيا (۽ حديبيه واري سفر ۾ شامل نه ٿيا) سي (تنهن جي مديني موٽڻ بعد ڪوڙا عذر ٺاهي) چوندا ته اسان کي مال ۽ اهل اولاد (يعني رڍن ٻڪرين ۽ ٻارن ٻڍن جي سنڀال) مشغول رکيو (تنهن ڪري سفر ۾ شريڪ نه ٿي سگهياسين) سو اسان جي خطا جي بخشجڻ لاءِ دعا گهر. اُهي (اعرابي) ماڻهو پنهنجي زبان سان اهي ڳالهيون چوندا جي سندن دلين ۾ ناهن، (اي پيغمبر!) کين چئي ڏي ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ توهان کي ڪو نقصان پهچائڻ يا نفعو پهچائڻ جو ارادو ڪري ته پوءِ ڪنهن کي طاقت آهي جو اوهان جي لاءِ الله وٽ ڪجهه ڪري سگهي. (توهان جيڪي سمجهيو آهي سو غلط آهي) حقيقت هيءَ آهي ته توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:12

بَلْ ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّنْقَلِبَ الرَّسُوْلُ وَالْمُؤْمِنُوْنَ اِلٰٓى اَهْلِيْهِمْ اَبَدًا وَّزُيِّنَ ذٰلِكَ فِيْ قُلُوْبِكُمْ وَظَنَنْتُمْ ظَنَّ السَّوْءِ ښ وَكُنْتُمْ قَوْمًۢا بُوْرًا ؀12

(ڳالهه ائين ناهي ته توهان مشغول هئو) بلڪه حقيقت هيءَ آهي ته توهان ڀانئيو هو ته، حضرت رسولﷺ ۽ مؤمن ڪڏهن به پنهنجن ٻارن ٻڍن ڏي ڪونه موٽندا (ڇو ته مڪي جا ڪافر ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا ته ڪن کي گرفتار ڪري غلام بنائيندا) ۽ اهو خيال ۽ اها ڳالهه توهان جي دلين کي ڏاڍي وڻي پئي. توهان ڏاڍو خراب خيال ڪيو هو، سو توهان برباد ٿيڻ وارا آهيو.

— علامہ علي خان ابڙو

48:13

وَمَنْ لَّمْ يُؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ فَاِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَعِيْرًا ؀13

۽ (ياد رکو ته) جيڪي به الله ۽ سندس رسول تي ايمان نٿا رکن (سي ڪافر آهن) سو اسان يقيناً ڪافرن جي لاءِ سخت ڄڀي ڪندڙ باهه تيا ڪري رکي آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:14

وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا ؀14

۽ (ياد رکو ته) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي. هو جنهن کي چاهي تنهن کي بخشي ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي سزا ڏئي ٿو، ۽ الله تعاليٰ غفور ۽ رحيم آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:15

سَيَقُوْلُ الْمُخَلَّفُوْنَ اِذَا انْــطَلَقْتُمْ اِلٰى مَغَانِـمَ لِتَاْخُذُوْهَا ذَرُوْنَا نَتَّبِعْكُمْ ۚ يُرِيْدُوْنَ اَنْ يُّبَدِّلُوْا كَلٰمَ اللّٰهِ ۭ قُلْ لَّنْ تَتَّبِعُوْنَا كَذٰلِكُمْ قَالَ اللّٰهُ مِنْ قَبْلُ ۚ فَسَيَقُوْلُوْنَ بَلْ تَـحْسُدُوْنَنَا ۭ بَلْ كَانُوْا لَا يَفْقَهُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا ؀15

جيڪي ماڻهو (حديبيه جي سفر وقت) پٺتي ويهي رهيا هئا سي، جڏهن توهان مؤمن اهڙي جهاد لاءِ نڪري پوندو جنهن ۾ غنيمت جو مال ملڻ جو امڪان آهي تڏهن چوندا ته اسان کي به پاڻ سان هلڻ ڏيو. اهي ماڻهو الله جي حڪم کي مٽائڻ ٿا گهرن. (اي پيغمبر انهن کي) چئو ته، اهڙيءَ حالت ۾ (يعني غنيمت جي مال جي حاصل ڪرڻ جي نيت سان) اوهان کي هرگز پاڻ سان هلڻ ڪونه ڏينداسين. الله تعاليٰ اڳئي اهڙو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پوءِ هو چوندا ته، (الله جو نالو ته هونئن ئي ٿا وچ ۾ آڻيو) حقيقت هيءَ آهي ته توهان اسان سان حسد ٿا رکو (تنهن ڪري اسان کي پاڻ سان شامل نٿا ڪيو)، پر سچي حقيقت هيءَ آهي ته اهي ماڻهو (خود غرضيءَ جي ڳالهين کان سواءِ) ٻيو ڪجهه به نٿا سمجهن.

— علامہ علي خان ابڙو

48:16

قُلْ لِّـلْمُخَلَّفِيْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ سَـتُدْعَوْنَ اِلٰى قَوْمٍ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ تُقَاتِلُوْنَهُمْ اَوْ يُسْلِمُوْنَ ۚ فَاِنْ تُطِيْعُوْا يُؤْتِكُمُ اللّٰهُ اَجْرًا حَسَـنًا ۚ وَاِنْ تَتَوَلَّوْا كَـمَا تَوَلَّيْتُمْ مِّنْ قَبْلُ يُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ؀16

ٻهراڙيءَ جي بدوين مان جيڪي (حديبيه جي سفر وقت) پٺتي رهجي پيا هئا تن کي (اي پيغمبر) چئو ته، جلد اوهان کي اهڙن ماڻهن (سان لڙائي ڪرڻ) لاءِ سڏيو ويندو جيڪي سخت جنگ ڪندڙ آهن. توهان انهن سان جنگ ڪندا رهندؤ، جيستائين هو (اسلامي نظام جي) تابعداري ڪن. سو جيڪڏهن توهان فرمانبرداري ڪندو (يعني اسان جو حڪم مڃي انهن جنگين ۾ شريڪ ٿيندو) ته پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي چڱو اجر ڏيندو (يعني غنيمت جو مال به ملندو ۽ آخرت ۾ بهشت به ملندو. بشرطيڪه سچي نيت سان شريڪ ٿيندؤ) پر جيڪڏهن توهان منهن موڙيندؤ جيئن اڳي (حديبيه جي سفر وقت) منهن موڙيو هيوَ ته پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي دردناڪ عذاب واري سخت سزا ڏيندو.

— علامہ علي خان ابڙو

48:17

لَيْسَ عَلَي الْاَعْـمٰى حَرَجٌ وَّلَا عَلَي الْاَعْرَجِ حَرَجٌ وَّلَا عَلَي الْمَرِيْضِ حَرَجٌ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّ يُعَذِّبْهُ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۝ۧ17

انڌي تي ڪا ميار ڪانهي، نڪي منڊي تي، نڪي بيمار تي (جيڪڏهن هو لڙائي ۾ شريڪ نه ٿئي) ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي الله تعاليٰ اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، ۽ جيڪو به (اطاعت کان) منهن موڙيندو تنهن کي الله تعاليٰ دردناڪ عذاب جي سخت سزا ڏيندو.

— علامہ علي خان ابڙو

48:18

لَقَدْ رَضِيَ اللّٰهُ عَنِ الْمُؤْمِنِيْنَ اِذْ يُبَايِعُوْنَكَ تَـحْتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ مَا فِيْ قُلُوْبِهِمْ فَاَنْزَلَ السَّكِيْنَةَ عَلَيْهِمْ وَاَثَابَهُمْ فَتْحًا قَرِيْبًا ؀ۙ18

(اي پيغمبر!) الله تعاليٰ مؤمنن جي هن جماعت کان ڏاڍو راضي ٿيو آهي. جو هنن هن وڻ جي هيٺان ويهي تنهنجي بيعت ڪئي آهي (ته اسان مڪي جي ڪافرن سان وڙهڻ لاءِ دل و جان سان تيار آهيون) ۽ الله تعاليٰ کي سندن دلين (جي سچائيءَ) جو حال پوريءَ طرح معلوم هو. تنهن ڪري الله تعاليٰ (ان وقت) انهن جي دلين ۾ تسلي ۽ بي ڊپائي (جي لهر) پيدا ڪري ڇڏي ۽ کين هڪڙي ويجهي فتح بروقت عطا فرمائي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:19

وَّمَغَانِـمَ كَثِيْرَةً يَّاْخُذُوْنَهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِيْزًا حَكِـيْمًا ؀19

۽ (ان فتح سان گڏ) گهڻيون ئي غنيمتون به ڏنائين جي هي (مسلمان وڏي خوشيءَ سان) وٺي رهيا آهن، ۽ الله تعاليٰ وڏو زبردست طاقت، حڪمت ۽ دانائيءَ وارو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

48:20

وَعَدَكُمُ اللّٰهُ مَغَانِـمَ كَثِيْرَةً تَاْخُذُوْنَهَا فَعَجَّلَ لَكُمْ هٰذِهٖ وَكَفَّ اَيْدِيَ النَّاسِ عَنْكُمْ ۚ وَلِتَكُوْنَ اٰيَةً لِّــلْمُؤْمِنِيْنَ وَيَهْدِيَكُمْ صِرَاطًا مُّسْتَقِيْمًا ؀ۙ20

الله تعاليٰ اوهان سان گهڻين ئي (اهڙين) غنيمتن جو واعدو ڪري ڇڏيو آهي جي توهان (ايندڙ وقتن ۾) حاصل ڪندؤ. في الحال هيءَ غنيمت توهان کي تڪڙي ڏني اٿس، ۽ (ڪافرن دشمن) ماڻهن جا هٿ توهان (کي قتل ڪرڻ) کان روڪيا اٿس، ۽ اهو هن لاءِ (ڪيو اٿس) ته (اهو واقعو) مؤمنن جي لاءِ هڪ نشاني ٿئي ۽ هن لاءِ ته الله تعاليٰ اوهان کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ ڏانهن رهنمائي ڪري.

— علامہ علي خان ابڙو