1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

047 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 38 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن

ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

47:1

اَلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ اَضَلَّ اَعْمَالَهُمْ 1‏۝

جيڪي ماڻهو (قرآني نظام حيات هيٺ اچڻ کان) انڪار ٿا ڪن، ۽ اٽلندو (مؤمنن کي) الله جي راهه کان روڪين ٿا تن جا عمل الله تعاليٰ ضايع ڪري ڇڏيندو (۽ هو پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب ڪونه ٿيندا).

— علامہ علي خان ابڙو

47:2

وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَاٰمَنُوْا بِـمَا نُزِّلَ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّهُوَ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۙ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَاَصْلَحَ بَالَهُمْ 2‏۝

۽ جيڪي ماڻهو (حق ۾) يقيني ويساهه رکن ٿا ۽ صالح عمل ڪن ٿا، ۽ جيڪي حضرت محمد(ﷺ) تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ اهو آهي به سچ پچ سندن پروردگار وٽان آيل حق، تنهن تي پورو ويساهه رکن ٿا تن جون برائيون الله تعاليٰ ڪڍي ڇڏيندو ۽ سندن (اندروني توڙي ٻاهرئين) حالت سڌاري ڇڏيندو.

— علامہ علي خان ابڙو

47:3

ذٰلِكَ بِاَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا الْبَاطِلَ وَاَنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّبَعُوا الْـحَقَّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ اَمْثَالَهُمْ 3‏۝

اهو هن ڪري ٿيندو جو جن (حق تي يعني قرآن تي عمل ڪرڻ کان) انڪاري ڪيو آهي سي باطل جي پيروي ڪري رهيا آهن (تنهن ڪري ضرور تباهه ٿيندا) ۽ جن (قرآن تي) ايمان آندو آهي سي پنهنجي پروردگار وٽان آيل حق جي پيروي ڪري رهيا آهن (تنهن ڪري هو ضرور ڪامياب ٿيندا). اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ ماڻهن کي مثال ۽ سمجهاڻيون ڏئي ٿو (ته من سمجهن ۽ سڌي واٽ وٺن).

— علامہ علي خان ابڙو

47:4

فَاِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَضَرْبَ الرِّقَابِ ۭ حَتّىٰٓ اِذَآ اَثْـخَنْتُمُوْهُمْ فَشُدُّوا الْوَثَاقَ ڎ فَاِمَّا مَنًّـۢا بَعْدُ وَاِمَّا فِدَاۗءً حَتّٰى تَضَعَ الْحَرْبُ اَوْزَارَهَا ڃ ذٰ۩لِكَ ړ وَلَوْ يَشَاۗءُ اللّٰهُ لَانْتَـصَرَ مِنْهُمْ وَلٰكِنْ لِّيَبْلُوَا۟ بَعْضَكُمْ بِبَعْـضٍ ۭ وَالَّذِيْنَ قُتِلُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ فَلَنْ يُّضِلَّ اَعْـمَالَهُمْ 4‏۝

سو جڏهن توهان ڪافرن سان (لڙائيءَ ۾) منهن مقابلي ٿيو تڏهن انهن جي ڳچين تي تلوار جو وار ڪيو، تان جو جڏهن هنن کي بلڪل ڪمزور ۽ مغلوب ڪري وجهو تڏهن هنن کي گرفتار ڪيو (يا هنن کي انصاف واري عهدنامي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو) پوءِ (قيدين کي) يا ته احسان طور (بنا فديه وٺڻ جي) ڇڏي ڏيو يا فديو وٺي ڇڏي ڏيو. تان جو لڙائيءَ جو امڪان نه رهي) اهو (حڪم آهي لڙائي بابت) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته پاڻ هنن کان بدلو وٺي ها (يعني يا کين عذاب ڪري ها يا کين تباهه ڪري ڇڏي ها) پر (سندس حڪمت لڙائيءَ جي حڪم ڏيڻ ۾ يا ظلم جي مقابلي ڪرڻ ۾ هي رکيل آهي ته) هو اوهان کي هڪٻئي جي ذريعي آزمائي (سچي ايمان جي آزمائش آهي ئي انهيءَ ۾ ته ايمان وارا حق جي راهه ۾ خود قربانيون ڪن بلڪه جانيون به قربان ڪن) ۽ جيڪي الله جي راهه ۾ قتل ٿين ٿا تن جا عمل الله تعاليٰ هرگز ضايع نه ڪندو.

— علامہ علي خان ابڙو

47:5

سَيَهْدِيْهِمْ وَيُصْلِحُ بَالَهُمْ 5‏۝ۚ

جلد ئي الله تعاليٰ کين (جنت جي) واٽ تي لڳائي ڇڏيندو. ۽ سندن (عملن جي ڪمزور) حالت ٺيڪ ڪري ڇڏيندو.

— علامہ علي خان ابڙو

47:6

وَيُدْخِلُهُمُ الْــجَــنَّةَ عَرَّفَهَا لَهُمْ 6‏۝

۽ هنن کي جنت ۾ داخل ڪندو جنهن جي خبر اڳ تي کين ڏيئي ڇڏي اٿس.

— علامہ علي خان ابڙو

47:7

يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ تَنْصُرُوا اللّٰهَ يَنْصُرْكُمْ وَيُثَبِّتْ اَقْدَامَكُمْ 7‏۝

اي مومنؤ! جيڪڏهن توهان الله جي مدد ڪندؤ (يعني حق جي راهه ۾ جهاد ڪندؤ) ته الله تعاليٰ اوهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جا قدم (لڙائي ۾ توڙي حق تي هلڻ ۾) محڪم رکندو.

— علامہ علي خان ابڙو

47:8

وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَتَعْسًا لَّهُمْ وَاَضَلَّ اَعْــمَالَهُمْ 8‏۝

۽ جيڪي ماڻهو (الله جي راهه تي هلڻ کان) انڪار ڪيو ويٺا آهن تن جي لاءِ تباهي آهي ۽ الله تعاليٰ سندن عمل برباد ڪري ڇڏيندو.

— علامہ علي خان ابڙو

47:9

ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ كَرِهُوْا مَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ فَاَحْبَطَ اَعْـمَالَهُمْ 9‏؀

اهو هن ڪري ٿيندو جو جيڪو (حق) الله تعاليٰ نازل ڪيو آهي تنهن کي هو ناپسند ٿا ڪن. سو الله تعاليٰ سندن عملن کي برباد ڪري ڇڏيندو.

— علامہ علي خان ابڙو

47:10

اَفَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ دَمَّرَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ ۡ وَلِلْكٰفِرِيْنَ اَمْثَالُهَا ؀10

ڇا هو زمين تي سير سفر نٿا ڪن ۽ نٿا ڏسن ته جي (ڪافر قومون) کانئن اڳي ٿي گذريون آهن تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه خراب ٿي؟ الله تعاليٰ هنن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ڪافرن لاءِ اهي (تاريخي) مثال آهن. (يعني جيڪي به ڪفر ڪندا سي تباهه ٿيندا).

— علامہ علي خان ابڙو

47:11

ذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ مَوْلَى الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَاَنَّ الْكٰفِرِيْنَ لَا مَوْلٰى لَهُمْ ۝ۧ11

اهو هن ڪري آهي جو جيڪي (حق تي) ايمان رکن ٿا تن جو يقيناً الله تعاليٰ نگهبان آهي ۽ جيڪي (الله جا) منڪر آهن تن جي لاءِ ڪوبه نگهبان يا مددگار ڪونهي.

— علامہ علي خان ابڙو

47:12

اِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا يَتَمَتَّعُوْنَ وَيَاْكُلُوْنَ كَـمَا تَاْكُلُ الْاَنْعَامُ وَالنَّارُ مَثْوًى لَّهُمْ ؀12

پڪ سان جن ايمان آندو آهي ۽ صالح عمل ڪيا اٿن تن کي الله تعاليٰ اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. ۽ جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي (رڳو اهڙي طرح) گذران ڪن ٿا ۽ کائين پيئن ٿا جهڙيءَ طرح ڍورڍڳا کائن پيئن ٿا. انهن جي لاءِ (آخر) رهڻ جي جاءِ باهه ئي هوندي.

— علامہ علي خان ابڙو

47:13

وَكَاَيِّنْ مِّنْ قَرْيَةٍ هِىَ اَشَدُّ قُوَّةً مِّنْ قَرْيَتِكَ الَّتِيْٓ اَخْرَجَتْكَ ۚ اَهْلَكْنٰهُمْ فَلَا نَاصِرَ لَهُمْ ؀13

۽ ڪيتريون ئي اهڙيون بستيون هيون جي تنهنجي شهر (مڪي) کان، جنهن مان توکي (اي پيغمبر) ڪڍي ڇڏيو اٿن، گهڻو وڌيڪ طاقت واريون هيون. اسان انهن کي برباد ڪري ڇڏيو ۽ ڪوبه سندن مددگار ڪونه ٿيو. (سو هي مڪي جا ڪافر به جلد تباهه ڪيا ويندا).

— علامہ علي خان ابڙو

47:14

اَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ كَمَنْ زُيِّنَ لَهٗ سُوْۗءُ عَمَلِهٖ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ ؀14

پوءِ ڇا جيڪو (خدا جو ٻانهو) پنهنجي پروردگار وٽان مليل روشن دليل (۽ راهه) تي هلندڙ آهي سو انهن جي برابر ٿي سگهي ٿو جن کي پنهنجي عملن جون برائيون سهڻيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ جيڪي پنهنجين خواهشن جي پيروي ڪندڙ آهن؟ (هرگز نه).

— علامہ علي خان ابڙو

47:15

مَثَلُ الْـجَنَّةِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ فِيْهَآ اَنْهٰرٌ مِّنْ مَّاۗءٍ غَيْرِ اٰسِنٍ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ لَّبَنٍ لَّمْ يَتَغَيَّرْ طَعْمُهٗ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ خَمْرٍ لَّذَّةٍ لِّلشّٰرِبِيْنَ ڬ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ عَسَلٍ مُّصَفًّى ۭ وَلَهُمْ فِيْهَا مِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغْفِرَةٌ مِّنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَـمَنْ هُوَ خَالِدٌ فِي النَّارِ وَسُقُوْا مَاۗءً حَمِيْمًا فَقَطَّعَ اَمْعَاۗءَهُمْ ؀15

اها جنت جنهن جو واعدو متقي ماڻهن کي ڏنو ويو آهي، تنهن جو مثال هن طرح آهي. ان ۾ اهڙي پاڻيءَ جون نهرون هونديون جو ڪڏهن به خراب ٿيڻو ناهي، ۽ اهڙي کير جون نهرون هونديون جنهن جو ذائقو ڪڏهن به نه ڦرندو ۽ اهڙي شراب (يا شربت) جون نهرون هونديون جو پيئندڙن لاءِ عجيب لذت وارو هوندو ۽ پڻ صاف ماکيءَ جون نهرون هونديون. ۽ ان جنت ۾ جنتي ماڻهن لاءِ هر قسم جا ميوا (۽ نعمتون) هونديون ۽ (سڀني کان وڏي ڳالهه هيءَ ته) هنن کي پنهنجي پروردگار وٽان بخششون هونديون. (پوءِ اهڙا جنتي ماڻهو) انهن جي برابر هوندا ڇا جو هميشه لاءِ باهه ۾ رهندا ۽ جن کي ٽهڪندڙ پاڻي پياريو ويندو جو سندن آنڊا به وڍي وجهندو؟

— علامہ علي خان ابڙو

47:16

وَمِنْهُمْ مَّنْ يَّسْتَمِعُ اِلَيْكَ ۚ حَتّىٰٓ اِذَا خَرَجُوْا مِنْ عِنْدِكَ قَالُوْا لِلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ مَاذَا قَالَ اٰنِفًا ۣ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ طَبَعَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ ؀16

۽ انهن (منافقن) مان ڪي اهڙا آهن جي (ظاهريءَ طرح) تنهنجون ڳالهيون ٻڌن ٿا، پر جڏهن تو وٽان اٿي ٻاهر وڃن ٿا ته تڏهن جن (مؤمن ماڻهن) کي صحيح علم ڏنو ويو آهي تن کان (مسخريءَ طور ۽ گمراهه ڪرڻ لاءِ) پڇن ٿا ته هن (يعني حضرت جن) ان وقت ڇا چيو؟ اهي ئي آهن جن جي دلين تي الله تعاليٰ مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ جيڪي پنهنجين خواهشن جي پيروي ڪري رهيا آهن.

— علامہ علي خان ابڙو

47:17

وَالَّذِيْنَ اهْتَدَوْا زَادَهُمْ هُدًى وَّاٰتٰىهُمْ تَقْوٰىهُمْ ؀17

۽ جن (سچي) هدايت واري واٽ ورتي آهي تن جي لاءِ الله تعاليٰ هدايت جي روشني وڌائيندو رهي ٿو ۽ انهن کي سندن تقويٰ عطا ڪري ٿو.

— علامہ علي خان ابڙو

47:18

فَهَلْ يَنْظُرُوْنَ اِلَّا السَّاعَةَ اَنْ تَاْتِيَهُمْ بَغْتَةً ۚ فَقَدْ جَاۗءَ اَشْرَاطُهَا ۚ فَاَنّٰى لَهُمْ اِذَا جَاۗءَتْهُمْ ذِكْرٰىهُمْ ؀18

پوءِ ڇا هي (ڪافر) انهيءَ ساعت جي لاءِ ترسيا ويٺا آهن جا مٿن اوچتو اچي ڪڙڪڻ واري آهي؟ ۽ هيءَ حقيقت آهي ته ان (تباهي جي) گهڙيءَ جون نشانيون اچي چڪيون آهن. پوءِ جڏهن اها گهڙي مٿن اچي ويندي تڏهن نصيحت وٺڻ هنن لاءِ ڪيئن ممڪن ٿيندو؟

— علامہ علي خان ابڙو

47:19

فَاعْلَمْ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْۢبِكَ وَلِلْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مُتَقَلَّبَكُمْ وَمَثْوٰىكُمْ ۝ۧ19

پوءِ (اي پيغمبر) يقين ڄاڻ ته الله تعاليٰ کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. ۽ پنهنجي تدبيري ڪوتاهين جي معافيءَ لاءِ دعا گهرندو رهه ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين جي لاءِ به (اهڙي دعا گهرندو رهه) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ کي توهان جي گهمڻ ڦرڻ جون جايون ۽ رهڻ ٽڪڻ جون جايون چڱيءَ طرح معلوم آهن.

— علامہ علي خان ابڙو

47:20

وَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْلَا نُزِّلَتْ سُوْرَةٌ ۚ فَاِذَآ اُنْزِلَتْ سُوْرَةٌ مُّحْكَـمَةٌ وَّذُكِرَ فِيْهَا الْقِتَالُ ۙ رَاَيْتَ الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ يَّنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ نَظَرَ الْمَغْشِيِّ عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۭ فَاَوْلٰى لَهُمْ ۝ۚ20

۽ جن ايمان آندو آهي سو (خدا جي راهه ۾ سر ڏيڻ جي شوق منجهان) چئي رهيا آهن ته (لڙائي جي اجازت جي) سورة ڇو نٿي نازل ٿئي! پوءِ جڏهن صاف صاف سورة نازل ٿي آهي جنهن ۾ جنگ جو ذڪر ڪيل آهي (۽ اجازت يا حڪم ڏنو ويو آهي) تڏهن تون ڏسين ٿو ته جن (منافقن) جي دلين ۾ (کوٽ جو) مرض آهي سي توڏي اهڙيءَ نظر سان نهاري رهيا آهن جهڙيءَ (طرح) سڪرات ۾ پيل ماڻهو نهاريندو آهي. هنن جي لاءِ بهتر ۽ مناسب آهي.

— علامہ علي خان ابڙو