041 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
حٰـمۗ 1ۚ
حا- ميم
— علامہ علي خان ابڙوتَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 2ۚ
هي رحمان ۽ رحيم خدا وٽان نازل ٿيل (وحي) آهي.
— علامہ علي خان ابڙوكِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 3ۙ
اهوهڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن جون آيتون ۽ حڪم تفصيل سان (چٽيءَ طرح) سماجهايل آهن. اهو عربي قرآن آهي ۽ انهن ماڻهن لاءِ آهي جي علم ۽ سمجهه وارا آهن.
— علامہ علي خان ابڙوبَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ 4
(اهو قرآن صالح عمل ڪندڙ مؤمنن کي ڪاميابيءَ جي) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (انڪار ۽ بدعمليءَ جي برن نتيجن کان) خبردار ڪندڙ آهي. تنهن هوندي به هنن مان گهڻا ماڻهو منهن ڦيرائي هليا ٿا وڃن سو هو ٻڌن ئي ڪين ٿا (ته قرآن جا حڪم ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙا نه چڱا ۽ مفيد آهن.)
— علامہ علي خان ابڙووَقَالُوْا قُلُوْبُنَا فِيْٓ اَكِنَّةٍ مِّـمَّا تَدْعُوْنَآ اِلَيْهِ وَفِيْٓ اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّمِنْۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِـجَابٌ فَاعْـمَلْ اِنَّنَا عٰـمِلُوْنَ 5
۽ اهي (ڪافر حضرت جن کي) چون ٿا ته، جنهن ڳالهه ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن کان اسان جون دليون پردن ۾ (لڪل ۽ محفوظ) پيل آهن، ۽ اسان جي ڪنن ۾ ڳوراڻ ۽ ٻوڙاڻ آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو پيل آهي، سو تون (اسان کي قرآن مجيد نه ٻڌاءِ باقي جيڪي وڻيئي سو) ڪر ۽ ڪندو رهه. (اسان کي جيڪي وڻندو سو) اسان به ڪندا رهنداسين.
— علامہ علي خان ابڙوقُلْ اِنَّـمَآ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوْحٰٓى اِلَيَّ اَنَّـمَآ اِلٰــهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَاسْتَقِيْمُوْٓا اِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوْهُ ۭ وَوَيْلٌ لِّـلْمُشْرِكِيْنَ 6ۙ
(اي پيغمبر تون ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته مان اوهان جهڙو انسان آهيان (نڪي خدا آهيان نڪي مَلَڪَ آهن پر) مون ڏي هي وحي ٿو اچي ته، توهان جو خدا فقط هڪ خدا آهي (ٻيو ڪوبه خدا ڪونهي) سو فقط انهيءَ (جي ٻانهپ) ۾ سچائيءَ سان محڪم ۽ ثابت قدم رهو ۽ کانئس بخشش گهرو (يعني سندس ڏيکاريل نظام هيٺ اچي سندس حفاظت ۽ پناهه ۾ رهو) ۽ (ياد رکو ته) مشرڪن لاءِ تباهي آهي.
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْنَ لَا يُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 7ۙ
جيڪي (مشرڪ) زڪوات ادا نٿا ڪن ۽ آخرت کي به نٿا مڃن (سي يقيناً تباهه ٿيندا).
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَـمْنُوْنٍ 8ۧ
(پر) جيڪي ماڻهو (قرآن مجيد تي) ايمان ٿا آڻين ۽ (ان جي حڪمن مطابق) صالح عمل ٿا ڪن تن جي لاءِ يقيناً دائمي اجر (۽ نعمتون) آهن.
— علامہ علي خان ابڙوقُلْ اَىِٕنَّكُمْ لَتَكْفُرُوْنَ بِالَّذِيْ خَلَقَ الْاَرْضَ فِيْ يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُوْنَ لَهٗ ٓ اَنْدَادًا ۭ ذٰلِكَ رَبُّ الْعٰلَمِيْنَ 9ۚ
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته، ڇا توهان انهيءَ الله (جي حڪمن مڃڻ) کان انڪار ٿا ڪيو جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ خلقيو؟ ۽ توهان هن سان ٻيا شريڪ ٿا ٺهرايو (۽ انهن جي پوڄا ٿا ڪيو؟) ياد رکو ته اهوئي سڀني جهانن جو پروردگار آهي (جنهن زمين ۽ آسمان پيدا ڪيو آهي).
— علامہ علي خان ابڙووَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبٰرَكَ فِيْهَا وَقَدَّرَ فِيْهَآ اَقْوَاتَهَا فِيْٓ اَرْبَعَةِ اَيَّامٍ ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 10
۽ انهيءَ ئي ان (زمين) تي جبل ٺاهيا ۽ ان ۾ برڪتون وڌائين، ۽ ان ۾ سندن قوت (يعني سڀ گهرج واريون شيون سڀني نباتات ۽ حيوانات لاءِ) پوري انداز ۾ رکيائين جيئن ڏينهن ۾ (اهي برڪتون ۽ گهرج واريون شيون) سڀني گهرندڙن (يعني گهرج وارن) لاءِ هڪ جهڙيون يا برابري طور رکيائين.
— علامہ علي خان ابڙوثُـمَّ اسْتَوٰٓى اِلَى السَّمَاۗءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا اَوْ كَرْهًا ۭ قَالَتَآ اَتَيْنَا طَاۗىِٕعِيْنَ 11
پوءِ الله تعاليٰ آسمان ڏي متوجه ٿيو ۽ اهو بلڪل دونهون هو. پوءِ ان (آسمان) کي ۽ زمين کي چيائين ته خوشيءَ سان يا ناخوشيءَ سان اچو (يعني منهنجي قانونن جا پابند رهو) هنن چيو ته، اسان خوشيءَ سان اچون ٿا ۽ تابعداري ڪيون ٿا.
— علامہ علي خان ابڙوفَقَضٰهُنَّ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ فِيْ يَوْمَيْنِ وَاَوْحٰى فِيْ كُلِّ سَمَاۗءٍ اَمْرَهَا ۭ وَزَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِـمَصَابِيْحَ ڰ وَحِفْظًا ۭ ذٰلِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 12
پوءِ ٻن ڏينهن ۾ هنن کي ست آسمان ڪيائن ۽ هرهڪ آسمان کي پنهنجو پنهنجو ڪم يا فرض ادائي ٻڌائي ڇڏيائين، ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) ويجهي اسمان کي سج چنڊ تارن وغيره سان زينت ڏني ۽ پڻ حفاظت ۾ رکيو. اهو آهي (مناسب ۽ موزون) انداز (۾ ڪائنات جو ٺاهڻ ۽ قائم رکڻ) انهيءَ الله جو جيڪو سڀ قدرت رکندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙوفَاِنْ اَعْرَضُوْا فَقُلْ اَنْذَرْتُكُمْ صٰعِقَةً مِّثْلَ صٰعِقَةِ عَادٍ وَّثَـمُوْدَ ۭ13
سو جيڪڏهن هي ماڻهو منهن ڦيرائي هليا وڃن (۽ خدا جي حڪمن تي هلڻ کان انڪار ڪن) ته کيس چئو ته، مان ته توهان کي انهيءَ عاد ۽ ثمود واري سزا ۽ عذاب جي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، (جو بجلي ۽ گجگوڙ وانگر بيهوش ڪري ڇڏيندڙ آهي.)
— علامہ علي خان ابڙواِذْ جَاۗءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ قَالُوْا لَوْ شَاۗءَ رَبُّنَا لَاَنْزَلَ مَلٰۗىِٕكَةً فَاِنَّا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ كٰفِرُوْنَ 14
جڏهن هنن ڏي رسول اڳيان ۽ پٺيان آيا (۽ کين هدايت ڪيائون) ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو تڏهن هنن چيو ته، (توهان ڪوڙا آهيو) جيڪڏهن اسان جو رب (اسان ڏي رسول موڪلڻ) چاهي ها ته ملائڪن کي نازل ڪري ها (نه اوهان کي) سو جيڪا ڳالهه توهان کڻي آيا آهيو (۽ جيڪي حڪم توهان اسان کي ٻڌايو ٿا) تن کي اسان هرگز ڪونه ٿا مڃون.
— علامہ علي خان ابڙوفَاَمَّا عَادٌ فَاسْـتَكْبَرُوْا فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْـحَقِّ وَقَالُوْا مَنْ اَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۭ اَوَلَمْ يَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِيْ خَلَقَهُمْ هُوَ اَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۭ وَكَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَـجْــحَدُوْنَ 15
سو (اي منڪرؤ ٻڌي ڇڏيو ته) عاد قوم جي ماڻهن ناحق ئي ناحق زمين تي تڪبر ڪيو ۽ چيائون ته ڪير آهي جو اسان کان طاقت ۾ وڌيڪ آهي؟ ڇا هنن ايترو به نه ڏٺو ۽ سمجهيو ته اهو الله جنهن کين خلقيو آهي سو يقيناً کانئن قوت ۽ طاقت ۾ وڌيڪ سخت آهي. (هنن دولت ۽ حڪومت جي نشي ۾ حقيقت کي نه سمجهيو) ۽ اسان جي آيتن مڃڻ کان انڪار ڪندا رهيا.
— علامہ علي خان ابڙوفَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْٓ اَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيْقَهُمْ عَذَابَ الْخِــزْيِ فِي الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۭ وَلَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَخْزٰى وَهُمْ لَا يُنْصَرُوْنَ 16
سو اسان نڀاڳن مصيبتن وارن ڏينهن ۾ مٿن سخت انڌاري موڪلي، انهيءَ لاءِ اسان کين هن دنيا جي زندگيءَ ۾ خوار خراب ڪندڙ عذاب جو مزو چکايون ۽ يقيناً آخرت جو عذاب وڌيڪ خوار خراب ڪندڙ آهي، ۽ هنن کي ڪابه مدد ڪانه ملندي.
— علامہ علي خان ابڙووَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَهَدَيْنٰهُمْ فَاسْتَــحَبُّوا الْعَمٰى عَلَي الْهُدٰى فَاَخَذَتْهُمْ صٰعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُوْنِ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ ۚ17
۽ (هاڻي) ٻڌو ثمود جي قوم جو احوال. اسان هنن کي هدايت ڪئي، پر هنن هدايت کان انڌائي کي وڌيڪ پسند ڪيو. سو هنن کي ذليل ڪندڙ وڄ ۽ گجگوڙ جهڙي عذاب اچي پڪڙ ڪئي هن ڪري جو هو بدعمل ڪندا رهيا.
— علامہ علي خان ابڙووَنَجَّيْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ ۧ18
۽ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي تن کي اسان (ان عذاب کان) بچائي ورتو.
— علامہ علي خان ابڙووَيَوْمَ يُحْشَرُ اَعْدَاۗءُ اللّٰهِ اِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 19
۽ جنهن ڏينهن خدا جي دشمنن کي باهه ڏي وٺي وڃڻ لاءِ گڏ ڪيو ويندو تڏهن (گڏ ڪرڻ بعد) کين صفن ۾ (ڪري دوزخ ڏانهن) ڪاهيو ويندو.
— علامہ علي خان ابڙوحَتّىٰٓ اِذَا مَا جَاۗءُوْهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَاَبْصَارُهُمْ وَجُلُوْدُهُمْ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 20
تان جو جڏهن ان وٽ پهچندا تڏهن سندن ڪن، اکيون ۽ چمڙيون (بلڪه سڀ عضوا) سندن خلاف شاهدي ڏيندا ته ڪهڙا ڪهڙا (بد) عمل هنن ڪيا هئا.
— علامہ علي خان ابڙو