1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

004 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 176 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن

ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

4:1

يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ وَّخَلَقَ مِنْھَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيْرًا وَّنِسَاۗءً ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْ تَسَاۗءَلُوْنَ بِهٖ وَالْاَرْحَامَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا 1‏۝

(اي انسانو! پنهنجي پروردگار کان ڊڄو سندس حڪمن ۽ قانونن جي تعميل ڪيو ورنه تباه ٿيندؤ، انهيءَ پروردگار کان ڊڄو) جنهن توهان کي هڪڙي نفس مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ئي سندس جوڙو (يعني عورت) پيدا ڪئي. پوءِ انهن ٻنهي مان مردن ۽ عورتن جو وڏو تعداد دنيا ۾ پکيڙيو (هڪ نفس مان قبيلا، قومون، شهر ۽ ملڪ ٿي ويا ۽ مائٽي جو وڏو حلقو ٺهيو) پوءِ الله کان ڊڄو، جنهن جي نالي ۾ هڪٻئي کان (پيار ۽ ڳانڍاپي جي) طلب ڪيو ٿا ۽ پڻ مائٽيءَ جي معاملن ۾ (خصوصاً عورتن جي معاملن ۾) خبرداري رکجو. يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ اوهان تي ۽ (اوهان جي عملن تي هر وقت) نظر رکيون ويٺو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

4:2

وَاٰتُوا الْيَــتٰـمٰٓى اَمْوَالَھُمْ وَلَا تَتَبَدَّلُوا الْـخَبِيْثَ بِالطَّيِّبِ ۠ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَھُمْ اِلٰٓى اَمْوَالِكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ حُوْبًا كَبِيْرًا 2‏۝

۽ يتيمن جو مال (ايمانداريءَ سان) سندن حوالي ڪيو (جڏهن هو وڏا ٿين). ائين نه ڪيو جو هنن جي ڪنهن چڱي شيءِ جي بدران پنهنجي ڪا ردي شي هنن کي ڏيو ۽ هنن جو مال پنهنجي مال سان ملائي کائي ڇڏيو. يقيناً ائين ڪرڻ (يتيمن جو مال هضم ڪرڻ) تمام وڏي گناهه جي ڳالهه آهي. (اڄ ڪلهه وڏا ڀائر يا چاچا گڏيل ملڪيت مان پاڻ لاءِ وڏا وڏا خرچ ڪن ٿا، حالانڪ صغيرن جي ملڪيت مان رڳو هڪ پئسو خيرات ڏيڻ به جائز ناهي.)

— علامہ علي خان ابڙو

4:3

وَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِي الْيَتٰـمٰى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَاۗءِ مَثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْـمَانُكُمْ ۭ ذٰلِكَ اَدْنٰٓى اَلَّا تَعُوْلُوْا 3‏۝ۭ

۽ جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته يتيم ڇوڪرين سان (نڪاح ڪري) انهن سان انصاف نه ڪري سگهندؤ (ته انهن سان نڪاح نه ڪيو بلڪه ٻين) عورتن مان جي پسند اچن تن سان نڪاح ڪيو، ٻن يا ٽن يا چئن سان (بشرطيڪ انهن ۾ انصاف ڪري سگهو، يعني سڀني کي سڀ حق هڪ جهڙائي ڏئي سگهو ۽ سڀني سان هڪ جهڙي هلت ڪري سگهو) جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ فقط هڪ سان نڪاح ڪيو يا انهن عورتن سان نڪاح ڪيو جي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) اوهان جي هٿ ۾ آيون آهن. بي انصافيءَ کان بچڻ لاءِ ائين ڪرڻ بهتر آهي (ان کان جو يتيم ڇوڪرين سان نڪاح ڪري انهن جي حقن متعلق الله وٽ ڏوهاري ٿيو).

— علامہ علي خان ابڙو

4:4

وَاٰتُوا النِّسَاۗءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِـحْلَةٍ ۭ فَاِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوْهُ هَنِيْۗــــــًٔـا مَّرِيْۗـــــــًٔـا 4‏۝

عورتن کي مهر دل جي خوشيءَ سان چيئي ڇڏيو (اگرچه اهي يتيم ۽ لاواث هجن) پر جيڪڏهن هو پاڻ خوشيءَ سان ڪجهه ڇڏي ڏين (نه وٺن) ته پوءَ ڀلي مزي سان ان کي پنهنجي ڪم آڻيو.

— علامہ علي خان ابڙو

4:5

وَلَا تُؤْتُوا السُّفَھَاۗءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِىْ جَعَلَ اللّٰهُ لَكُمْ قِيٰـمًا وَّارْزُقُوْھُمْ فِيْھَا وَاكْسُوْھُمْ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 5‏؁

اوهان جو مال متاع جنهن کي الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ گذران جو وسيلو بنايو آهي سو بي سمجهه ماڻهن جي حوالي نه ڪري ڇڏيو (متان اجايو برباد ڪري ڇڏين) (يعني ننڍي عمر وارن نادان ڇوڪرن جي حوالي نه ڪيو) مگر هيئن ڪيو جو هنن جي مال مان هنن کي کارايو پيئاريو ۽ لٽو ڪپڙو ڏيو ۽ چڱيون ڳالهيون هنن کي سمجهايو (تعليم ۽ تربيت ڏيو).

— علامہ علي خان ابڙو

4:6

وَابْتَلُوا الْيَتٰـمٰى ﱑ اِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ ۚ فَاِنْ اٰنَسْتُمْ مِّنْھُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوْٓا اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ ۚ وَلَا تَاْكُلُوْھَآ اِسْرَافًا وَّبِدَارًا اَنْ يَّكْبَرُوْا ۭ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۚ وَمَنْ كَانَ فَقِيْرًا فَلْيَاْكُلْ بِالْمَعْرُوْفِ ۭ فَاِذَا دَفَعْتُمْ اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ فَاَشْهِدُوْا عَلَيْھِمْ ۭ وَكَفٰى بِاللّٰهِ حَسِـيْبًا 6‏؁

۽ يتيمن جي سنڀال ڪندي انهن کي آزمائيندا رهو (ته هنن جي سمجهه ڪيتري قدر آهي) جيستائين ڪه هو نڪاح جي عمر کي پهچن، پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ قابليت ۽ سڌارو ڏسو ته انهن جو مال سندن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ متان وڏا اجايا خرچ ڪري جلد جلد انهن جو مال کائي کپائي ڇڏيو، انهيءَ خيال کان ته وڏا ٿيندا ( ته مال موٽائي وٺندا. اوهان سنڀاليندڙن مان) جيڪو غني يعني آسودو هجي تنهن کي گهرجي ته (هنن جي مال مان پنهنجي لاءِ ڪجهه به خرچ ڪرڻ کان) پرهيز ڪري، پر جيڪو مسڪين محتاج هجي سو ان مان ڪجهه پاڻ لاءٌ ڪم آڻي، پر انصاف سان مناسب حدن اندر. پوءِ جڏهن هنن جو مال سندن حوالي ڪيو تڏهن ان تي ماڻهن کي شاهد ڪيو ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ چڱيءَ طرح پورو حساب وٺندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

4:7

لِلرِّجَالِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ ۠ وَلِلنِّسَاۗءِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ مِـمَّا قَلَّ مِنْهُ اَوْ كَثُرَ ۭ نَصِيْبًا مَّفْرُوْضًا 7‏۝

ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن جي ڇڏيل ملڪيت ۾، ٿوري هجي توڙي گهڻي، ڇوڪرن جو حصو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن جي ترڪي ۾ ڇوڪرين جو به حصو آهي ۽ اهو حصو (خدا جو) ٺهرايل حصو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

4:8

وَاِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ اُولُوا الْقُرْبٰي وَالْيَتٰـمٰى وَالْمَسٰكِيْنُ فَارْزُقُوْھُمْ مِّنْهُ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 8‏۝

۽ جڏهن ترڪي جو مال ورهائڻ وقت ٻيا ڪي مائٽ (جن کي ورثي ۾ ڪجهه به ملڻو ناهي) ۽ (خاندان جا) ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر هجن ته انهن کي به (مال جي گهڻائي يا ٿورائي تي نظر رکي) ڪجهه ٿورو گهڻو ڏيو ۽ (جيڪڏهن راضي نه ٿين ته) هنن کي چڱن وڻندڙ لفظن سان سمجهائي خوش ڪيو.

— علامہ علي خان ابڙو

4:9

وَلْيَخْشَ الَّذِيْنَ لَوْ تَرَكُوْا مِنْ خَلْفِھِمْ ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خَافُوْا عَلَيْھِمْ ۠ فَلْيَتَّقُوا اللّٰهَ وَلْيَقُوْلُوْا قَوْلًا سَدِيْدًا 9‏۝

۽ ترڪو ورهائيندڙن کي ڊڄڻ گهرجي (ته متان ڪنهن حقدار سان بي انصافي ٿئي) جيڪڏهن هو پاڻ ضعيف اولاد ڇڏي وڃن ته کين انهن بنسبت ڪيڏو نه انديشو رهي. (ساڳيءَ طرح ٻين جي اولاد لاءِ به خيال رکن) تنهن ڪري کين گهرجي ته خد کان ڊڄن ۽ اهڙا لفظ زبان مان ڪڍن جي مناسبت ۽ وزندار هجن.

— علامہ علي خان ابڙو

4:10

اِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰـمٰى ظُلْمًا اِنَّـمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا ؀ۧ10

جيڪي ماڻهو بي انصافيءَ سان يتيمن جو مال هڙپ ڪري ٿا وڃن سي (ياد رکن) ته هو پنهنجي پيٽن ۾ باه جا ٽانڊا وجهي رهيا آهن ۽ جلد ئي هو دوزخ جي سخت ڄڀي ڪندڙ باه ۾ اڇلايا ويندا.

— علامہ علي خان ابڙو

4:11

يُوْصِيْكُمُ اللّٰهُ فِيْٓ اَوْلَادِكُمْ ۤ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَيَيْنِ ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَاۗءً فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَھُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۚ وَاِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَھَا النِّصْفُ ۭ وَلِاَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِـمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّوَرِثَهٗ ٓ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗ ٓ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ اٰبَاۗؤُكُمْ وَاَبْنَاۗؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَيُّھُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۭ فَرِيْضَةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِيْـمًا حَكِـيْـمًا ؀11

توهان جي اولاد جي باري ۾ الله تعاليٰ اوهان کي حڪم ٿو ڏئي ته ڇوڪر لاءِ ٻن ڇوڪرين جي برابر حصو هجي (يعني ڇوڪر جو حصو ڇوڪريءَ جي حصي کان ٻيڻو هئڻ گهرجي) پر جيڪڏهن (ڇوڪر نه هجي) ٻه يا وڌيڪ ڇوڪريون هجن ته انهن جو حصو ٿيندو 3/2 يعني ٽن مان ٻه حصا ۽ فقط هڪ ڇوڪري هجي ته هن کي ترڪي جو اڌ ملندو. ۽ ميت جي ماءُ پيءُ مان هر هڪ کي ڇهون حصو ملندو. جيڪڏهن ميت اولاد ڇڏيو هجي. جيڪڏهن اولاد نه ڇڏيو هجيس ۽ وارث فقط ماءُ پيءُ هجن ته ماءِ کي ٽيون حصو ملندو (باقي پيءُ کي). جيڪڏهن (ماءُ پيءِ جي علاوه) ميت هڪ کان وڌيڪ ڀائر يا ڀينر ڇڏي وڃي ته ماءُ جو حصو ڇهون ٿيندو، پر ياد رڪڻ هرجي ته ميت جيڪا وصيت ڪئي هجي يا جيڪو قرض مٿس رهجي ويو هجي (۽ ڪفن دفن جو خرچ) انهن سڀني جي ڏيڻ بعد اهي حصا وارثن کي ورهائي ڏجن. توهان کي خبر ناهي ته توهان جا ماءُ پيءُ (ڏاڏو ڏاڏاي) نفع پهچائڻ جي لحاظ کان توهان کي وڌيڪ ويجها آهن يا توهان جو اولاد (۽ پوٽا پوٽيون) وڌيڪ ويجها آهن. (ڪنهن جو حق وڌيڪ آهي، ڪنهن جوگهٽ، الله جي حڪمت ئي ان جو فيصلو ڪري ٿي سگهي، تنهن ڪري) الله تعاليٰ حصا مقرر ڪيا آهن ۽ هو (پنهنجي بندن جي مصلحتن کي) ڄاڻڻ وارو ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

4:12

وَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ اَزْوَاجُكُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّھُنَّ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَھُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْنَ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَلَھُنَّ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَھُنَّ الثُّمُنُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوْصُوْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَاِنْ كَانَ رَجُلٌ يُّوْرَثُ كَلٰلَةً اَوِ امْرَاَةٌ وَّلَهٗ ٓ اَخٌ اَوْ اُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ ۚ فَاِنْ كَانُوْٓا اَكْثَرَ مِنْ ذٰلِكَ فَھُمْ شُرَكَاۗءُ فِي الثُّلُثِ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصٰى بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۙ غَيْرَ مُضَاۗرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَلِيْمٌ ؀ۭ12

جيڪڏهن زال ترڪو ڇڏي وڃي ۽ اولاد نه هجيس ته مڙس کي ملندو اڌ. پر جيڪڏهن اولاد ڇڏي وڃي ته مڙس کي چوٿين پتي ملندي، پر اهو ورهاڱو وصيت جي تعميل ۽ قرض ادا ڪرڻ بعد باقي ملڪيت مان ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن مڙس ترڪو ڇڏي وڃي ۽ اولاد نه ڇڏي ته زال کي ملندي چوٿين پتي، پر جيڪڏهن اواد هجيس ته اٺين پتي ملندس. اهو ورهاڱو (بلڪ سڀ ڪو ورهاڱو) وصيت جي تعميل ۽ قرض لاهڻ بعد ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت ترڪو ڇڏي وڃي ۽ ڪلاله هجي (يعني نڪي پيءِ ماءُ، ڏاڏو ڏاڏاي، نانو ناني هجيس، نڪي اولاد يا اولاد جو اولاد هجيس) ۽ (مائيتو) ڀاءُ يا ڀيڻ هجيس ته کيس ڇهون حصو ملندو، پر جيڪڏهن (ڀائر ۽ ڀينر) هڪ کان وڌيڪ هجن ته اهي ٽيون حصو پاڻ ۾ ورهائي کڻندا. (باقي ٻه حصا ٻين ڏي ويندا سڳا ڀائر ڀينر يا ساڳئي پيءُ جا اولاد موجود هوندا ته مائيتي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪجهه نه ملندو) پر اهو ورهاڱو وصيت جي تعميل ۽ قرض ادا ڪرڻ بعد ڪرڻو آهي، بشرطيڪ حقدارن کي نامناسب طور نقصان نه پهچي. هي الله جي طرفان حڪم آهي ۽ الله تعاليٰ چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي (ته سندس بندن جي چڱائي ڇا ۾ آهي) ۽ (انهن جي غلطين جي باري ۾) ڏاڍو بردبار آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

4:13

تِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِھَا الْاَنْھٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْھَا ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ ؀13

(ياد رکو ته) هي الله تعاليٰ جون (ٺهرايل) حدون آهن. پوءِ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي الله تعاليٰ اهڙن باغن (جنت) ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن هو انهيءَ (نعمتن واري حالت) ۾ هميشه رهندا ۽ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

4:14

وَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَتَعَدَّ حُدُوْدَهٗ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيْھَا ۠ وَلَهٗ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ ؀ۧ14

پر جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪري ٿو ۽ سندس ٺهرايل حدن کان ٻاهر ٿو وڃي تنهن کي باهه جي عذاب ۾ وجهندو ۽ هميشه ان حالت ۾ رهندو ۽ هن جي لاءِ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب هوندو.

— علامہ علي خان ابڙو

4:15

وَالّٰتِيْ يَاْتِيْنَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ فَاسْتَشْهِدُوْا عَلَيْهِنَّ اَرْبَعَةً مِّنْكُمْ ۚ فَاِنْ شَهِدُوْا فَاَمْسِكُوْھُنَّ فِي الْبُيُوْتِ حَتّٰى يَتَوَفّٰىھُنَّ الْمَوْتُ اَوْ يَـجْعَلَ اللّٰهُ لَھُنَّ سَبِيْلًا ؀15

جيڪي عورتون فاحش ڪم ڪن تن بنسبت پنهنجي ماڻهن مان مٿن چئن جي شاهدي وٺو. جيڪڏهن (چار شاهد) شاهدي ڏين ته پوءِ اهڙين عورتن کي گهرن ۾ بند رکو، جيستائين مٿن موت اچي وڃي يا الله تعاليٰ انهن جي لاءِ ڪا ٻي راهه پيدا ڪري.

— علامہ علي خان ابڙو

4:16

وَالَّذٰنِ يَاْتِيٰنِھَا مِنْكُمْ فَاٰذُوْھُمَا ۚ فَاِنْ تَابَا وَاَصْلَحَا فَاَعْرِضُوْا عَنْهُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِـيْـمًا ؀16

۽ جيڪي ٻه توهان مان بدچالي جو گناه ڪن تن کي ايتري مار ڏيو جو ايذاءُ اچين، پوءِ جيڪڏهن هو ٻئي توبهه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته هنن کي ڇڏي ڏيو. بيشڪ الله تعاليٰ توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحمت وارو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

4:17

اِنَّـمَا التَّوْبَةُ عَلَي اللّٰهِ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السُّوْۗءَ بِـجَهَالَةٍ ثُـمَّ يَتُوْبُوْنَ مِنْ قَرِيْبٍ فَاُولٰۗىِٕكَ يَتُوْبُ اللّٰهُ عَلَيْھِمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْـمًا حَكِـيْـمًا ؀17

الله تعاليٰ فقط انهن جي توبهه قبول ٿو ڪري جي ڪو برائي جو ڪم نادني ۽ بي خبريءَ ۾ ڪري ٿا ويهن ۽ پوءِ هڪدم (پشيمان ٿي ارمان ڪن ٿا ۽) توبهه ڪن ٿا، بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن ڏانهن الله تعاليٰ (پنهنجي رحمت سان) موٽي ٿو ُ يقيناً هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

4:18

وَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ ۚ ﱑ اِذَا حَضَرَ اَحَدَھُمُ الْمَوْتُ قَالَ اِنِّىْ تُبْتُ الْــٰٔنَ وَلَا الَّذِيْنَ يَـمُوْتُوْنَ وَھُمْ كُفَّارٌ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْتَدْنَا لَھُمْ عَذَابًا اَلِـــيْـمًا ؀18

پر انهن ماڻهن جي توبهه (سچي توبهه) ناهي جي سڄي عمر بڇڙايون ڪندا رهن جيستائين انهن مان ڪنهن جي مٿان موت اچي بيهي ۽ پوءِ چوي ته هاڻي مون توبهه ڪئي. اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي توبهه به ڪم جي ناهي جي ڪفر جي حالت ۾ مرن ٿا. انهن سڀني ماڻهن لاءِ (عيني گناه ڪندڙ مسلمانن توڙي ڪافرن لاءِ) اسان دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

4:19

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَـحِلُّ لَكُمْ اَنْ تَرِثُوا النِّسَاۗءَ كَرْهًا ۭ وَلَا تَعْضُلُوْھُنَّ لِتَذْهَبُوْا بِبَعْضِ مَآ اٰتَيْتُمُوْھُنَّ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوْھُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ ۚ فَاِنْ كَرِھْتُمُوْھُنَّ فَعَسٰٓى اَنْ تَكْرَهُوْا شَـيْـــــًٔـا وَّيَـجْعَلَ اللّٰهُ فِيْهِ خَيْرًا كَثِيْرًا ؀19

مومنؤ! توهان جي لاءِ هيءَ ڳالهه جائز ناهي ته عورتن کي (فوتيءَ جي) ميراث سمجهي (فوتيءَ جي مال سان گڏ) انهن تي زور سان قبضو ڪيو. نڪي اوهان کي ائين ڪرڻ گهرجي جو جيڪو (مهر يا مال متاع) انهن کي ڏنو هجيو ان مان ڪجهه کانئن وٺڻ لاءِ مٿن سختي ڪيو ۽ انهن کي روڪي وهاريو. سواءِ ان حالت جي جڏهن هو ظاهر ظهور فاحش ڪم ڪندڙ هجن ۽ هنن سان گڏ گذارڻ ۾ انصاف ۽ مهرباني جي هلت ڪيو، پر جيڪڏهن توهان کي هو ناپسند هجن (ته بگڙجي نه وڃو) ممڪن آهي ته توهان ڪنهن ڳالهه کي ناپسند ٿا ڪريو، پر الله تعاليٰ ان ۾ اوهان جي لاءِ وڏي چڱائي رکي هجي.

— علامہ علي خان ابڙو

4:20

وَاِنْ اَرَدْتُّـمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ ۙ وَّاٰتَيْتُمْ اِحْدٰىھُنَّ قِنْطَارًا فَلَا تَاْخُذُوْا مِنْهُ شَـيْـــًٔـا ۭ اَتَاْخُذُوْنَهٗ بُھْتَانًا وَّاِثْـمًا مُّبِيْنًا ؀20

۽ جيڪڏهن توهان ارادو ڪيو ته هڪڙيءَ زال کي ڇڏي ٻي آڻيو ۽ جيڪڏهن پهرئين زال کي سون ۽ چاندي جو ڍير (مهر ۾) ڏنو هجيو تڏهن به ائين ڪرڻ نه گهرجي جو هن کان ان مان ڪجهه واپس وٺو، ڇا توهان بهتان لڳائي ۽ ظاهر ظهور ظلم ڪري مال کسي وٺندؤ؟

— علامہ علي خان ابڙو