039 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
تَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 1
هي ڪتاب انهيءَ الله وٽان نازل ٿيو آهي جو هر ڪا قدرت رکي ٿو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّآ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ فَاعْبُدِ اللّٰهَ مُخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ 2ۭ
(اي پيغمبر!) يقيناً اسان توتي هي ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي (۽ منجهس سچيون حقيقتون آهن ۽ سندس حڪم مفيد آهن) سو پوري پوري سچائيءَ سان ۽ پوري پوري شوق سان سندس ٻانهپ ڪندو رهه.
— علامہ علي خان ابڙواَلَا لِلّٰهِ الدِّيْنُ الْـخَالِصُ ۭ وَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۘ مَا نَعْبُدُهُمْ اِلَّا لِيُقَرِّبُوْنَآ اِلَى اللّٰهِ زُلْفٰى ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ بَيْنَهُمْ فِيْ مَا هُمْ فِيْهِ يَـخْتَلِفُوْنَ ڛ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِيْ مَنْ هُوَ كٰذِبٌ كَفَّارٌ 3
ياد رکو ته، خاص ٻانهپ ۽ فرمانبرداري فقط الله جي ڪرڻ گهرجي. پر جيڪي ماڻهو الله کي ڇڏي ٻين کي پنهنجا اولياءَ يا محافظ ٿا سمجهن (سي دليل طور چوندا آهن ته) اسان فقط هن ڪري سندن بندگي ٿا ڪيون ته اهي اسان کي الله تعاليٰ جي ويجهي آڻيندا (پر اهو دليل بلڪل غلط آهي، ڇو ته الله تعاليٰ جي طاقت بي انت آهي هو سڀ ڪجهه پاڻ ٻڌي سگهي ٿو) يقيناً الله تعاليٰ انهن ماڻهن جي وچ ۾ سندن اختلافن بابت فيصلو ڪري ڇڏيندو. يقيناً الله تعاليٰ انهن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ ڪونه ڏيکاريندو جيڪي ڪوڙا ۽ ناشڪر گذار آهن.
— علامہ علي خان ابڙولَوْ اَرَادَ اللّٰهُ اَنْ يَّتَّخِذَ وَلَدًا لَّاصْطَفٰى مِـمَّا يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۙ سُـبْحٰنَهٗ ۭ هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 4
جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته پنهنجي مخلوق مان جنهن کي وڻيس ها تنهن کي چونڊي پنهنجو پٽ ڪري ها. پر هو ته پاڪ آهي (اهڙين ڳالهين مان) هو الله آهي، يگانو آهي ۽ غالب آهي.
— علامہ علي خان ابڙوخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَـقِّ ۚ يُكَوِّرُ الَّيْلَ عَلَي النَّهَارِ وَيُكَوِّرُ النَّهَارَ عَلَي الَّيْلِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ اَلَا هُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفَّارُ 5
هن زمين ۽ آسمانن کي موزون ۽ مناسب انداز ۾ ٺاهيو آهي ( ۽ مقصدن لاءِ ٺاهيو آهي، نه اجايو) هو رات کي ڏينهن تي ۽ ڏينهن کي رات تي لپيٽي ٿو ۽ هن سج ۽ چنڊ کي (پنهنجي قانون جي) تابع ڪري ڇڏيو آهي جو هرهڪ (ان قانون موجب) هڪ مقرر وقت تائين هلندو رهي ٿو (۽ هلندو رهندو) ياد رکو ته، هو وڏي طاقت وارو آهي ۽ وڏو بخشڻهار آهي.
— علامہ علي خان ابڙوخَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ ثُـمَّ جَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَاَنْزَلَ لَكُمْ مِّنَ الْاَنْعَامِ ثَـمٰنِيَةَ اَزْوَاجٍ ۭ يَـخْلُقُكُمْ فِيْ بُطُوْنِ اُمَّهٰتِكُمْ خَلْقًا مِّنْۢ بَعْدِ خَلْقٍ فِيْ ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَاَنّٰى تُصْرَفُوْنَ 6
الله تعاليٰ اوهان کي هڪ نفس مان پيدا ڪيو آهي (سعدي جي قول موجب سڀ انسان هڪ ئي جوهر مان پيدا ٿيل آهن) ۽ عورت کي به (مرد جي سنگت لاءِ) ساڳئي ئي جوهر مان پيدا ڪيو اٿس. ۽ اوهان جي لاءِ اٺن قسمن جا ڍڳا ڍور (نر ۽ مادا) جوڙن ۾ بنايا اٿس. هو اوهانکي اوهان جي مائرن جي پيٽن ۾ بنائي ٿو ۽ (اتي) هڪ ٻئي پٺيان اونداهن ٽن پردن جي اندر ٿو ٺاهي. اهڙو (قدرت وارو) آهي الله اوهان جو پروردگار. سڀ بادشاهي سندس آهي. کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود يا بادشاه ڪونهي. پوءِ توهان ڪيئن (حق کان) ڦري هٽي ويا آهيو.
— علامہ علي خان ابڙواِنْ تَكْفُرُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ عَنْكُمْ ۣ وَلَا يَرْضٰى لِعِبَادِهِ الْكُفْرَ ۚ وَاِنْ تَشْكُرُوْا يَرْضَهُ لَكُمْ ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ مَّرْجِعُكُمْ فَيُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۭ اِنَّهٗ عَلِـيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7
(ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان بي شڪر ٿي ڪفر جي واٽ ٿا وٺو ته الله تعاليٰ کي توهان جي ڪابه پرواهه ناهي. (پر هو اهڙو رحم وارو آهي جو) پنهنجي ٻانهن جو ڪفر (۽ تباهي) کيس بلڪل پسند ناهي. پر جيڪڏهن توهان شڪرگذار آهيو (۽ سندس قرآن جو قدر ڪري ان تي عمل ٿا ڪيو) ته هو اوهان کان راضي ۽ خوش ٿو ٿئي ۽ (ياد رکو ته، توهان جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ۽ بدعمل ڪندؤ ته توهان جي عذاب جو بار ٻيو ڪوبه نه کڻندو ڇو ته) ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار کڻي نٿو سگهي. (۽ ياد رکو ته) توهان کي پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي. پوءِ هو اوهان کي اوهان جي ئي عملن جي حقيقت ٻڌائيندو. يقيناً هو دلين ۾ لڪايل ڳالهيون به خوب ڄاڻي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙووَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ ضُرٌّ دَعَا رَبَّهٗ مُنِيْبًا اِلَيْهِ ثُـمَّ اِذَا خَوَّلَهٗ نِعْمَةً مِّنْهُ نَسِيَ مَا كَانَ يَدْعُوْٓا اِلَيْهِ مِنْ قَبْلُ وَجَعَلَ لِلّٰهِ اَنْدَادًا لِّيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ قُلْ تَـمَــتَّعْ بِكُفْرِكَ قَلِيْلًا ڰ اِنَّكَ مِنْ اَصْحٰبِ النَّارِ 8
۽ جڏهن جڏهن انسان کي ڪا تڪليف ٿي پهچي تڏهن پنهنجي پروردگار ڏي رجوع ٿي کيس پڪاري ٿو (يعني گناهه ڇڏي الله جي حڪمن تي هلي ٿو) پر پوءِ جڏهن الله تعاليٰ پاڻ وٽان کيس نعمت (۽ آسودگي) ڏئي ٿو تڏهن جنهن ڳالهه لاءِ اڳي پڪاريو هئائين سا ڳالهه وساري ڇڏي ٿو. (اي پيغمبر! تون اهڙي ماڻهوءَ کي) چؤ ته ٿورو وقت پنهنجي ڪفر جو فائدو ڀلي وٺ. (جلد ئي عذابن ۾ پوندين) يقيناً تون دوزخي ماڻهن منجهان آهين.
— علامہ علي خان ابڙواَمَّنْ هُوَ قَانِتٌ اٰنَاۗءَ الَّيْلِ سَاجِدًا وَّقَاۗىِٕمًا يَّحْذَرُ الْاٰخِرَةَ وَيَرْجُوْا رَحْـمَةَ رَبِّهٖ ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الَّذِيْنَ يَعْلَمُوْنَ وَالَّذِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ 9ۧ
(ٻڌايو ته) جيڪو رات جي وقت سجدي ۽ قيام ۾ رهي شوق سان نماز پڙهي ٿو ۽ آخرت جو خيال ۽ انديشو ٿو رکي ۽ پنهنجي پروردگار جي رحمت جي اميد ٿو رکي (سو بهتر آهي يا اهو جيڪو انهن ڳالهين کان پري آهي) تون ماڻهن کان پڇ ته جيڪي ماڻهو حقيقتون ڄاڻن ٿا سي انهن جي برابر آهن ڇا جيڪي جاهل آهن. يقين ڄاڻو ته فقط اهي ئي نصيحت وٺن ٿا جيڪي سمجهه وارا آهن.
— علامہ علي خان ابڙوقُلْ يٰعِبَادِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اَحْسَنُوْا فِيْ هٰذِهِ الدُّنْيَا حَسَـنَةٌ ۭ وَاَرْضُ اللّٰهِ وَاسِعَةٌ ۭ اِنَّـمَا يُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ بِغَيْرِ حِسَابٍ 10
(اي پيغمبر!) چؤ ته، اي (خدا جا) مؤمن بندؤ پنهنجي پروردگار (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو هن دنيا ۾ جيڪي به ماڻهو نيڪ عمل ڪن ٿا تن جي لاءِ وڏي چڱائي ۽ اجر آهي. ۽ (ياد رکو ته) الله جي زمين ڪشادي آهي، (پنهنجي وطن ۾ چڱايون ڪري نٿا سگهو ته ٻئي پاسي هليا وڃو) جيڪي ماڻهو (حق تي ۽ نيڪ عملن تي) صبر سان ثابت قدم رهن ٿا تن کي يقيناً بي انداز اجر ۽ انعام ملندو.
— علامہ علي خان ابڙوقُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَعْبُدَ اللّٰهَ مُـخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ ۙ11
(اي پيغمبر!) تون چئو ته، يقيناً مون کي حڪم ڏنو ويو آهي، ته مان وڏي شوق ۽ اخلاص سان الله جي ٻانهپ ڪيان (۽ سندس حڪمن تي هلان.)
— علامہ علي خان ابڙووَاُمِرْتُ لِاَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ الْمُسْلِمِيْنَ 12
۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته مان اول نمبر فرمانبردار ٿيان.
— علامہ علي خان ابڙوقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 13
(۽ پڻ) چئو ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪيان ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف آهي.
— علامہ علي خان ابڙوقُلِ اللّٰهَ اَعْبُدُ مُـخْلِصًا لَّهٗ دِيْنِيْ ۙ14
چئو ته، مان شوق ۽ اخلاص سان الله جي ٻانهپ ٿو ڪيان (۽ سندس سڀني حڪمن جي تعميل ٿو ڪيان.)
— علامہ علي خان ابڙوفَاعْبُدُوْا مَا شِئْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ ۭ قُلْ اِنَّ الْـخٰسِرِيْنَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ وَاَهْلِيْهِمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اَلَا ذٰلِكَ هُوَ الْـخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ 15
پوءِ (اي منڪرؤ) الله کي ڇڏي جنهن جي وڻيوَ تنهن جي ٻانهپ ڪيو (نقصان توهان جو ئي ٿيندو) يقيناً وڏي نقصان هيٺ اهي ايندا جيڪي قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل و عيال کي خساري ۾ وجهندا. ٻڌي ڇڏيو ته، اهوئي ظاهر ظهور وڏي ۾ وڏو خسارو آهي.
— علامہ علي خان ابڙولَهُمْ مِّنْ فَوْقِهِمْ ظُلَــلٌ مِّنَ النَّارِ وَمِنْ تَـحْتِهِمْ ظُلَــلٌ ۭ ذٰلِكَ يُـخَــوِّفُ اللّٰهُ بِهٖ عِبَادَهٗ ۭ يٰعِبَادِ فَاتَّقُوْنِ 16
انهن جي لاءِ سندن مٿان به باهه جا تهه هوندا ۽ هيٺان به اهڙا تهه هوندا. الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کي انهيءَ (عذاب) کان خوف ڏياري خبردار ڪري ٿو (ته متان گناهه ڪيو ۽ باهه ۾ سڙو) پوءِ اي منهنجا بندؤ منهنجي (نافرمانيءَ جي عيوض ۾ جيڪو مان عذاب ٿو ڏيان تنهن) کان ڊڄو (۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو).
— علامہ علي خان ابڙووَالَّذِيْنَ اجْتَنَبُوا الطَّاغُوْتَ اَنْ يَّعْبُدُوْهَا وَاَنَابُوْٓا اِلَى اللّٰهِ لَهُمُ الْبُشْرٰى ۚ فَبَشِّرْ عِبَادِ ۙ17
۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو برائين کان (يعني شيطان کان) پري رهن ٿا ۽ سندس چوڻ تي نٿا لڳن ۽ الله ڏي رجوع ڪن ٿا (۽ الله جي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا) تن جي لاءِ (نعمتن ۽ انعامن جي) خوشخبري آهي. سو منهنجي (فرمانبردار) ٻانهن کي (اهڙي) خوشخبري ٻڌائي ڇڏ.
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْنَ يَسْتَمِعُوْنَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُوْنَ اَحْسَنَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ هَدٰىهُمُ اللّٰهُ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمْ اُولُوا الْاَلْبَابِ 18
جيڪي ماڻهو (الله جو) ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان جي سهڻين ڳالهين ۽ حڪمن جي تعميل ڪن ٿا سي ئي آهن جن کي الله تعاليٰ سڌيءَ واٽ تي لڳايو آهي ۽ اهي ئي آهن جي هوش ۽ سمجهه وارا آهن.
— علامہ علي خان ابڙواَفَـمَنْ حَقَّ عَلَيْهِ كَلِمَةُ الْعَذَابِ ۭ اَفَاَنْتَ تُنْقِذُ مَنْ فِي النَّارِ ۚ19
پوءِ جنهن تي عذاب جو حڪم حق ۽ انصاف موجب صادر ٿئي (سو انهيءَ جي برابر ٿي سگهي ٿو ڇا جو گناهن کان پري رهيو. هرگز نه!) پوءِ (اي پيغمبر!) تون انهيءَ کي ڇڏائيندين ڇا جو باهه ۾ پئجي چڪو آهي؟
— علامہ علي خان ابڙولٰكِنِ الَّذِيْنَ اتَّــقَوْا رَبَّهُمْ لَهُمْ غُرَفٌ مِّنْ فَوْقِهَا غُرَفٌ مَّبْنِيَّةٌ ۙ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ڛ وَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُـخْلِفُ اللّٰهُ الْمِيْعَادَ 20
پر جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي نافرمانيءَ کان بچن ٿا تن جي لاءِ ماڙين مٿان ماڙيون بنايل آهن، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. اهو الله جو واعدو آهي. الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي.
— علامہ علي خان ابڙو