037 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 182 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
وَالصّــٰۗفّٰتِ صَفًّا 1ۙ
غور ڪيو انهن بابت جيڪي صفون ٻڌيون بيٺا آهن.
— علامہ علي خان ابڙوفَالزّٰجِرٰتِ زَجْرًا 2ۙ
۽ جيڪي (برائين کي ۽ ظالمن کي) سختيءَ سان ڌڪي ڇڏيندا آهن.
— علامہ علي خان ابڙوفَالتّٰلِيٰتِ ذِكْرًا 3ۙ
۽ جيڪي (خدا جو) پيغام (قرآن مجيد) پڙهي ٻڌائيندڙ آهن.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ اِلٰهَكُمْ لَوَاحِدٌ 4ۭ
(غور ڪرڻ سان اوهان معلوم ڪري وٺندؤ ته) يقيناً اوهان جو معبود (الله تعاليٰ) بيشڪ هڪ آهي.
— علامہ علي خان ابڙورَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ الْمَشَارِقِ 5ۭ
(جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جو پروردگار آهي، ۽ هو مشرق جو پروردگار آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّا زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِزِيْنَةِ ۨالْكَـوَاكِبِ 6ۙ
يقيناً اسان ئي هن ويجهي آسمان کي تارن جي زينت سان رونق ڏني آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَحِفْظًا مِّنْ كُلِّ شَيْطٰنٍ مَّارِدٍ 7ۚ
۽ (ان کي) هرهڪ سرڪش باغي شيطان کان حفاظت ۾ رکيو آهي.
— علامہ علي خان ابڙولَا يَسَّمَّعُوْنَ اِلَى الْمَلَاِ الْاَعْلٰي وَيُقْذَفُوْنَ مِنْ كُلِّ جَانِبٍ ڰ 8
اهي (شيطان) اعليٰ سردارن جون ڳالهيون ٻڌي نٿا سگهن. (بلڪ) هر طرف کان کين تڙي ڪڍيو ٿو وڃي.
— علامہ علي خان ابڙودُحُوْرًا وَّلَهُمْ عَذَابٌ وَّاصِبٌ 9ۙ
اهي تڙيل ۽ ڌڪاريل آهن، ۽ انهن جي لاءِ دائمي عذاب آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِلَّا مَنْ خَطِفَ الْخَــطْفَةَ فَاَتْــبَعَهٗ شِهَابٌ ثَاقِبٌ 10
(اهي شيطان اعليٰ سردارن جي ويجهو وڃي نٿا سگهن) سواءِ انهيءَ جي جو چوري ڇپي جهٽ هڻي ڪجهه کڻي وڃي. پر پوءِ تکيءَ روشنيءَ وارو ٻرندڙ تارو هن جي پٺيان ڪاهي پوي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙوفَاسْتَفْتِهِمْ اَهُمْ اَشَدُّ خَلْقًا اَمْ مَّنْ خَلَقْنَا ۭ اِنَّا خَلَقْنٰهُمْ مِّنْ طِيْنٍ لَّازِبٍ 11
سو هنن (منڪرن ماڻهن) جي راءِ ته پڇ ته کين خلقڻ (اسان جي لاءِ) وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي يا ٻي سڀ ڪائنات جا اسان خلقي آهي. (تنهنجي خلقڻ جو ڪم وڌيڪ ڏکيو آهي). اسان ته هنن کي چنبڙندڙ گاري مان خلقيو آهي.
— علامہ علي خان ابڙوبَلْ عَـجِبْتَ وَيَسْخَرُوْنَ ۠12
سچ پچ توکي (اي پيغمبر) عجب ٿو لڳي جڏهن هي (بي وقوف منڪر) مسخريون ٿا ڪن (۽ نٿا سمجهن ته الله تعاليٰ هر چيز تي قادر آهي).
— علامہ علي خان ابڙووَاِذَا ذُكِّرُوْا لَا يَذْكُرُوْنَ ۠13
۽ جڏهن هنن کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي تڏهن هو ڌيان ئي نٿا ڏين.
— علامہ علي خان ابڙووَاِذَا رَاَوْا اٰيَةً يَّسْتَسْخِرُوْنَ ۠14
۽ جڏهن هو ڪا نشاني ڏسن ٿا تڏهن مسخريون ٿا ڪن.
— علامہ علي خان ابڙووَقَالُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِـحْرٌ مُّبِيْنٌ ښ 15
۽ چون ٿا ته هي ته ڪجهه به ناهي، سواءِ هن جي ته چٽو پٽو جادو آهي.
— علامہ علي خان ابڙوءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَّعِظَامًا ءَاِنَّا لَمَبْعُوْثُوْنَ ۙ16
(۽ هيئن به چون ٿا ته) ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ۽ هڏيون ٿي وينداسين تڏهن اسان کي وري اٿاريو ويندو
— علامہ علي خان ابڙواَوَاٰبَاۗؤُنَا الْاَوَّلُوْنَ ۭ17
۽ پڻ اسان جي قديم ابن ڏاڏن کي (به اٿاريو ويندو؟)
— علامہ علي خان ابڙوقُلْ نَعَمْ وَاَنْتُمْ دَاخِرُوْنَ ۚ18
(اي پيغمبر تون) چئو ته هائو (بيشڪ اوهان کي اٿاريو ويندو) ۽ (پوءِ) توهان ذليل ۽ خوار خراب ٿيندؤ.
— علامہ علي خان ابڙوفَاِنَّـمَا هِىَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ فَاِذَا هُمْ يَنْظُرُوْنَ 19
(ٻڌو) اهو اٿارڻ (ڪو وقت ڪونه وٺندو) فقط هڪ ضرب يا آواز سان ٿيندو ۽ هو هڪدم ڏسڻ لڳندا.
— علامہ علي خان ابڙووَقَالُوْا يٰوَيْلَنَا ھٰذَا يَوْمُ الدِّيْنِ 20
۽ چوڻ لڳندا ته، افسوس اسان جي حال تي! هي آهي جزا يا بدلي جو ڏينهن.
— علامہ علي خان ابڙو