034 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَلَهُ الْـحَمْدُ فِي الْاٰخِرَةِ ۭ وَهُوَ الْحَكِيْمُ الْخَبِيْرُ 1
سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي جنهن جي قبضي ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ آخرت ۾ به حمد ۽ ثنا انهيءَ ئي جي لاءِ آهي ۽ هو وڏي حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙويَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ الرَّحِيْمُ الْغَفُوْرُ 2
جيڪي جيڪي زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪي جيڪي ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان ڏانهن چڙهي وڃي ٿو سو سڀ الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو، ۽ هو ڏاڍو رحم وارو ۽ بخشڻهار آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَاْتِيْنَا السَّاعَةُ ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتَاْتِيَنَّكُمْ ۙ عٰلِمِ الْغَيْبِ ۚ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْـقَالُ ذَرَّةٍ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ وَلَآ اَصْغَرُ مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْبَرُ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ ڎڎ 3
جن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي سي چون ٿا ته (عذاب ۽ شڪست جي) گهڙي اسان جي مٿان ڪانه ايندي. (اي پيغمبر!) تون کين _زوردار لفظن ۾) ٻڌائي ڇڏ ته قسم آهي منهنجي پروردگار جو ته اها گهڙي ضرور ايندي (قسم آهي انهيءَ پروردگار جو جيڪو) غيب جو علم رکندڙ آهي. هن کان ڪابه چيز ڳجهي ناهي اگرچه ڪو ذرڙو آسمانن ۾ يا زمين ۾ (لڪل) هجي ۽ ان کان به ننڍو هجي يا وڏو هجي ته اهو ذرڙو به (الله جي) چٽي چٽي ڪتاب ۾ (چٽي طرح لکيل) آهي.
— علامہ علي خان ابڙولِّيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ 4
(هرهڪ ڳالهه ۽ عمل خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهي) انهيءَ لاءِ ته جيڪي ماڻهو (حقيقتن تي) ايمان آڻين ٿا ۽ (انهن موجب) صالح عمل ڪن ٿا، تن کي الله تعاليٰ نيڪ بدلو (۽ نعمتون) ڏئي. اهي ئي آهن جن جي لاءِ (خدا وٽان) بخشش آهي ۽ شاندار رزق آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَالَّذِيْنَ سَعَوْ فِيْٓ اٰيٰتِنَا مُعٰجِزِيْنَ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِــيْمٌ 5
پر اهي ماڻهو جيڪي اسان جي نشانين ۽ حڪمن جي مخالفت ڪري اسان کي عاجز ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن (سي هرگز اسان جي ارادن کي روڪي نه سگهندا. اٽلندو پاڻ تباهه ٿيندا) اهي ئي آهن جن جي لاءِ سخت دردناڪ ۽ خوار خراب ڪندڙ سزا جو عذاب اچڻو آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَيَرَى الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ هُوَ الْــحَقَّ ۙ وَيَهْدِيْٓ اِلٰى صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْـحَمِيْدِ 6
۽ جن ماڻهن کي علم ڏنو ويو آهي سي چٽائيءَ سان ڏسن ٿا ته جيڪي تنهنجي پروردگار وٽان نازل ٿيو آهي (يعني قرآن) سوئي حق آهي ۽ (يقين سان ڄاڻن ٿا ته) هو (قرآن) انهيءَ خدا جي (سڌي) واٽ ڏيکاري ٿو جو وڏي غلبي ۽ قدرت وارو آهي ۽ سڀني اعليٰ صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلٰي رَجُلٍ يُّنَبِّئُكُمْ اِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُـمَزَّقٍ ۙ اِنَّكُمْ لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ 7ۚ
جن ڪفر جو طريقو اختيار ڪيو آهي سي (ٽوڪ وانگر ٻين کي يا هڪٻئي کي) چون ٿا ته، اسان توهان کي اهڙو ماڻهو ڏيکاريون جيڪو چوي ٿو ته، جڏهن توهان (مرڻ بعد) ڳري سڙي ذرڙا ذرڙا ٿي ويندؤ تڏهن توهان کي وري نئين سر پيدا ڪري اٿاريو ويندو؟
— علامہ علي خان ابڙواَفْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَمْ بِهٖ جِنَّةٌ ۭ بَلِ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ فِي الْعَذَابِ وَالضَّلٰلِ الْبَعِيْدِ 8
(اهي ڪافر هيئن به چون ٿا ته، انهيءَ ماڻهو يعني حضرت محمدﷺ) خدا تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو آهي يا جنن جو اثر پيو اٿس؟ (۽ چريائي ۾ اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري؟) هرگز نه! حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي ماڻهو آخرت ۾ ايمان نٿا رکن (۽ نٿا سمجهن ته بدعملن جو نتيجو ضرور بد ئي نڪرندو) سي ئي ماڻهو عذاب ۾ گرفتار آهن ۽ وڏي سخت گمراهيءَ ۾ (غلط واٽ تي) دور نڪري ويا آهن.
— علامہ علي خان ابڙواَفَلَمْ يَرَوْا اِلٰى مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنْ نَّشَاْ نَخْسِفْ بِهِمُ الْاَرْضَ اَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ السَّمَاۗءِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 9ۧ
ڇا اهي (ڪافر) نٿا ڏسن ته آسمان ۽ زمين جون (ڪهڙيون ڪهڙيون قدرتون ۽ قانون ۽ عجائبات) سندن اڳيان ۽ پٺيان ظاهر پيا آهن. جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين زمين ۾ پوري ڇڏيون يا آسمان مان مٿن هڪڙي ڇپ ڪيرايون. بيشڪ هن (ڪائنات جي قدرتن) ۾ انهن سڀني ٻانهن لاءِ وڏي نشاني آهي، جيڪي (الله ڏي) رجوع ٿين ٿا.
— علامہ علي خان ابڙووَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ مِنَّا فَضْلًا ۭ يٰجِبَالُ اَوِّبِيْ مَعَهٗ وَالطَّيْرَ ۚ وَاَلَنَّا لَهُ الْحَدِيْدَ ۙ10
۽ هي حقيقت آهي ته اسان حضرت دائود کي پنهنجي فضل سان نوازيو. اي جبلو ۽ اي پکيو! توهان به ساڻس گڏ الله جون صفتون ڳايو ۽ اسان هن جي لاءِ لوهه کي نرم ڪري ڇڏيو.
— علامہ علي خان ابڙواَنِ اعْمَلْ سٰبِغٰتٍ وَّقَدِّرْ فِي السَّرْدِ وَاعْمَلُوْا صَالِـحًا ۭ اِنِّىْ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 11
(اسان حضرت دائود کي حڪم ڏنو ته انهيءَ لوهه مان) زرهون ٺاهه ۽ زنجيردار زرهن جي ڪڙين کي پوري انداز تي بيهار (ته جنگي جوڌا انهن کي آسانيءَ سان پهري سگهن ۽ ظالم دشمنن جو مقابلو ڪن) ۽ (اي دائود جا ماڻهو) سٺو ڪم ڪيو (ته زرهون سٺيون ۽ سهوليت واريون ٿين) يقين رکو ته جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو مان چڱيءَ طرح ٿو ڏسان.
— علامہ علي خان ابڙووَلِسُلَيْمٰنَ الرِّيْحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَّ رَوَاحُهَا شَهْرٌ ۚ وَاَسَلْنَا لَهٗ عَيْنَ الْقِطْرِ ۭ وَمِنَ الْجِنِّ مَنْ يَّعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِاِذْنِ رَبِّهٖ ۭ وَمَنْ يَّزِغْ مِنْهُمْ عَنْ اَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ السَّعِيْرِ 12
۽ حضرت سليمان جي لاءِ هوا (کي سندس تابع ڪيوسين، يعني هوا کان ڪم وٺڻ ۽ ان جي وسيلي سڙهن سان جهاز راني ڪرڻ جو هنر سيکاريو) انهيءَ هوا جو صبح وارو پنڌ ۽ شام وارو پنڌ هڪ مهيني جي (پيادل) مسافريءَ جي برابر هو. (يعني جهاز ٻن پهرن جي اندر پيادل مسافرن جي هڪ مهيني جي مسافري جيترو مفاصلو لتاڙي ويندا هئا). ۽ اسان هن جي لاءِ پگهريل پتل جو چشمو وهائي ڇڏيو، (جنهن مان برتن وغيره ٺهڻ لڳا۽ الله جي حڪم سان جنن مان ڪي سندس اڳيان ڪم ڪندا هئا. ۽ (انهن مان) جنهن به اسان جي حڪم کان منهن ٿي موڙيو تنهن کي ڄڀي ڪندڙ باهه جو عذاب ٿي چکايوسين.
— علامہ علي خان ابڙويَعْمَلُوْنَ لَهٗ مَا يَشَاۗءُ مِنْ مَّحَارِيْبَ وَتَمَاثِيْلَ وَجِفَانٍ كَالْجَــوَابِ وَقُدُوْرٍ رّٰسِيٰتٍ ۭ اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ شُكْرًا ۭ وَقَلِيْلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ 13
(اهي جيڪي حضرت سليمان لاءِ) اهڙيءَ طرح ڪم ڪندا هئا جيئن هو چاهيندو هو ۽ عمارتون ۽ مورتون ۽ تلاون جيڏا حوض ۽ هڪ هنڌ کتل ديڳيون ٺاهيندا هئا. اي آل دائود (خدا جي) شڪرگذاري ڪندي ڪم ڪندا رهو، پر منهنجي ٻانهن مان ڪي ٿورا آهن جيڪي شڪرگذار ڪن ٿا (گهڻا ته اهڙا آهن جي خدا جي ڏنل نعمتن جسم، دل، دماغ ۽ فطرت جي شين کان پورو ڪم نٿا وٺن).
— علامہ علي خان ابڙوفَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ الْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلٰي مَوْتِهٖٓ اِلَّا دَاۗبَّةُ الْاَرْضِ تَاْكُلُ مِنْسَاَتَهٗ ۚ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الْجِنُّ اَنْ لَّوْ كَانُوْا يَعْلَمُوْنَ الْغَيْبَ مَا لَبِثُوْا فِي الْعَذَابِ الْمُهِيْنِ ۭ14
پوءِ جڏهن اسان هن (حضرت سليمان) تي موت جو حڪم صادر ڪيو تڏهن ڪنهن به شيءِ هنن (جنن) کي سندس موت جي خبر نه ڏني، سواءِ هڪڙي زميني جيت جي جو سندس لٺ کي (هوريا هوريان) کائي رهيو هو. پوءِ جڏهن (لٺ کاڄي وڃڻ جي ڪري لٺ جو سهارو وڃائي) حضرت سليمان ڪري پيو، تڏهن جنن کي معلوم ٿيو ته، (هو گذاري ويو آهي ۽) جيڪڏهن انهن کي غيب جي خبر هجي ها ته هن خوار خراب ڪندڙ عذاب ۾ نه ترسن ها (۽ ڀڄي وڃن ها).
— علامہ علي خان ابڙولَقَدْ كَانَ لِسَـبَاٍ فِيْ مَسْكَنِهِمْ اٰيَةٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنْ يَّـمِيْنٍ وَّ شِمَالٍ ڛ كُلُوْا مِنْ رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَّرَبٌّ غَفُوْرٌ 15
سبا جي ماڻهن لاءِ خود سندن گهرن يا ڳوٺن ۾ وڏي نشاني هئي. (سندن رستن يا واهن جي ٻنهي پاسن تي هر هنڌ) ٻه باغ هئا. هڪڙو ساڄي پاسي ۽ ٻيو کٻي پاسي، (هنن کي الله تعاليٰ وٽان ارشاد مليل هو ته) پنهنجي پروردگار جي رزق مان کائو پيئو ۽ سندس شڪرگذاري ڪيو (يعني سندس نعمتون ورهائڻ ۾ ٻين ماڻهن سان عدل ۽ احسان ڪيو) اهو ڏاڍو سهڻو، آباد ۽ آسودو ملڪ هو ۽ (سندن) پروردگار (هنن جون خطائون) بار بار بخشيندڙ هو.
— علامہ علي خان ابڙوفَاَعْرَضُوْا فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ الْعَرِمِ وَبَدَّلْنٰهُمْ بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ اُكُلٍ خَـمْطٍ وَّاَثْلٍ وَّشَيْءٍ مِّنْ سِدْرٍ قَلِيْلٍ 16
پر پوءِ هنن (خدا جي حڪمن کان) منهن موڙيو تنهن ڪري اسان هنن جي مٿان وڏي ٻوڏ عرم واري موڪلي ۽ سندن ٻن (قطارن وارن) باغن کي ڦيرائي اهڙا ٻه باغ ڪياسين جن ۾ ڪوڙا ڦل، ليون ۽ ننڍڙيون بيڪار ٻيريون وڃي رهيون.
— علامہ علي خان ابڙوذٰلِكَ جَزَيْنٰهُمْ بِـمَا كَفَرُوْا ۭ وَهَلْ نُجٰزِيْٓ اِلَّا الْكَفُوْرَ 17
اهو هو هنن جو عيوضو جو اسان کين سندن بي شڪريءَ جي ڪري ڏنو ۽ اهڙي سزا اسان فقط انهن کي ڏيندا آهيون جيڪي بي شڪر ٿيندا آهن (۽ اسان جون نعمتون خراب طرح ڪم آڻي ظلم ڪندا آهن.)
— علامہ علي خان ابڙووَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ الْقُرَى الَّتِيْ بٰرَكْنَا فِيْهَا قُرًى ظَاهِرَةً وَّقَدَّرْنَا فِيْهَا السَّيْرَ سِيْرُوْا فِيْهَا لَيَالِيَ وَاَيَّامًا اٰمِنِيْنَ 18
(ٻي نعمت اسان مٿن هيءَ ڪئي هئي جو) هنن ۽ (شام ملڪ جي) شهرن جن تي اسان برڪتون ڪيون هيون جي وچ ۾ گهڻائي شهر آباد ڪيا هئا جي (هڪ ٻئي کي ويجهو) ڏسڻ ۾ ايندا هئا ۽ انهن جي وچ ۾ (مناسب مفاصلن تي) اسان منزلون مقرر ڪري ڇڏيون هيون. (سبا جي ماڻهن کي اسان ارشاد ڪيو هو ته) انهن جي وچ ۾ رات جي وقت توڙي ڏينهن جي وقت امن امن سان مسافريون ڪيو (۽ واپار وڌايو).
— علامہ علي خان ابڙوفَقَالُوْا رَبَّنَا بٰعِدْ بَيْنَ اَسْفَارِنَا وَظَلَمُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَـجَعَلْنٰهُمْ اَحَادِيْثَ وَمَزَّقْنٰهُمْ كُلَّ مُمَــزَّقٍ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 19
هنن (خود غرض نڀاڳن اگهن چاڙهڻ لاءِ يا ڪنهن ٻي ظلم واري نيت سان) چيو ته اي اسان جا پروردگار اسان جي مسافرين جي منزلن جو مفاصلو ڊگهو ڪري ڇڏ (حقيقت ۾ ائين ڪرڻ سان) هنن پاڻ تي ظلم ڪيو (۽ پاڻ کي نقصان رسايو) سو اسان هنن کي (برباد ڪري پوين لاءِ هنن جا) افسانا ۽ ڪهاڻيون ڪري ڇڏيون سين. ۽ اسان هنن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کنڊيڙي ڇڏيو. بيشڪ انهيءَ معاملي ۾ سڀني صبر ڪندڙن، ثابت قدم رهندڙن ۽ شڪر ڪندڙن لاءِ وڏيون نشانيون آهن.
— علامہ علي خان ابڙووَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ اِبْلِيْسُ ظَنَّهٗ فَاتَّبَعُوْهُ اِلَّا فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 20
۽ ابليس پنهنجو خيال هنن جي حالت ۾ سچو ثابت ڪري ڏيکاريو جو هنن سندس تابعداري ڪئي (۽ تباهه ٿي ويا) فقط مؤمنن جي هڪڙي جماعت سندس تابعداري نه ڪئي.
— علامہ علي خان ابڙو