033 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 73 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَلَا تُطِـعِ الْكٰفِرِيْنَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِـيْمًا حَكِــيْمًا 1ۙ
اي نبي! تون فقط خدا کان ڊڄ، (ڪافرن ۽ منافقن کان بلڪل نه ڊڄ.) ۽ ڪافرن ۽ منافقين جي (غلط) ڳالهين تي نه لڳ (تون الله جي ڳالهين ۽ حڪمن جي پيروي ڪندو رهه، ڇو ته) يقيناً الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي ۽ وڏي حڪمت وارو آهي (تنهن ڪري سندس ئي حڪمن تي هلڻ ۾ چڱائي آهي).
— علامہ علي خان ابڙووَّاتَّبِـعْ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 2ۙ
۽ جيڪو وحي تنهنجي پروردگار وٽان توڏي موڪليو وڃي ٿو تنهن جي پيروي ڪندو رهه. يقيناً الله تعاليٰ اوهان جي سڀني عملن جي خبر رکندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭ وَكَفٰي بِاللّٰهِ وَكِيْلًا 3
۽ (اي پيغمبر!) خدا تي ڀروسو رک جو الله ئي ڪافي ڪارساز آهي.
— علامہ علي خان ابڙومَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَيْنِ فِيْ جَوْفِهٖ ۚ وَمَا جَعَلَ اَزْوَاجَكُمُ اڿ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ اَدْعِيَاۗءَكُمْ اَبْنَاۗءَكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَـقُوْلُ الْــحَـقَّ وَهُوَ يَهْدِي السَّبِيْلَ 4
الله تعاليٰ ڪنهن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون ڪونه رکيون آهن، نڪي الله تعاليٰ توهان جي زالن کي جن سان توهان اظهار ٿا ڪيو توهان جون مائر بنائي ڇڏيو آهي، نڪي انهن کي اوهان جو پٽ بنايو اٿس جن کي توها پٽ ڪري نپايو آهي (يا ڌيئرن جو پٽ يا گود جو پٽ ڪري سڏيو آهي) اهي توهان جي وات جون (بي معنيٰ) ڳالهيون آهن. پر الله تعاليٰ سچي حقيقت ٿو ٻڌائي ۽ هو سڌو سنئون رستو ٿو ڏيکاري.
— علامہ علي خان ابڙواُدْعُوْهُمْ لِاٰبَاۗىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْٓا اٰبَاۗءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ وَمَوَالِيْكُمْ ۭ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيْمَآ اَخْطَاْتُـمْ بِهٖ ۙ وَلٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِـيْمًا 5
انهن (دين جي ڀائرن يا پٽن کي يا ٻانهن) کي سندن پيءُ جي نالن سان سڏيو. اها ڳالهه الله وٽ زياده انصاف واري آهي. پر جيڪڏهن توهان کي سندن ابن جا نالا معلوم نه هجن ته پوءِ هو توهان جا دين جا ڀائر ۽ دوست آهن. پر جيڪڏهن ان ڳالهه ۾ اوهان کان ڀل چڪ ٿي وڃي ته پوءِ اوهان تي ڪوبه ڏوهه ڪونهي، پر گناهه هن ۾ آهي جو توهان دل جي ارادي سان ائين ڪيو ۽ (ڀل چڪ جي حالت ۾) الله تعاليٰ وڏو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙواَلنَّبِيُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗ ٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ وَاُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُهٰجِرِيْنَ اِلَّآ اَنْ تَفْعَلُوْٓا اِلٰٓى اَوْلِيٰۗىِٕكُمْ مَّعْرُوْفًا ۭ كَانَ ذٰلِكَ فِي الْكِتٰبِ مَسْطُوْرًا 6
مسلمانن جي لاءِ حضرت نبيﷺ سندن جانين کان به وڌيڪ ويجهو آهي، ۽ سندس حرم مبارڪ (يعني زالون) مؤمنن جون مائرون آهن. ۽ الله جي ڪتاب موجب سچا پچا مائٽ هڪٻئي لاءِ وڌيڪ ويجها آهن ٻين مؤمن ڀائرن کان يا مهاجر ڀائرن کان. (يعني فوتيءَ جو ترڪو سچن مائٽن کي ملڻ گهرجي) پر جيڪڏهن پنهنجي دوستن سان چڱائي ڪيو ته ڀلي ڪيو (اها ٻي ڳالهه آهي) (خدا جي) ڪتاب ۾ لکي ويئي آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَ اِذْ اَخَذْنَا مِنَ النَّـبِيّٖنَ مِيْثَاقَهُمْ وَ مِنْكَ وَمِنْ نُّوْحٍ وَّ اِبْرٰهِيْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِيْسَى ابْنِ مَرْيَـمَ ۠ وَاَخَذْنَا مِنْهُمْ مِّيْثَاقًا غَلِيْظًا 7ۙ
۽ ياد رکو ته اسان نبين کان عهد اقرار ورتو هو ۽ (اي پيغمبر!) توکان به عهد اقرار ورتو اٿئون ۽ نوح کان، ابراهيم کان، موسيٰ ۽ عيسيٰ ابن مريم کان به ورتو هيوسين. انهن سڀني کان پڪو عهد اقرار ورتو هيوسين (ته رسالت ۽ تبليغ وغيره جو ڪم پوري ثابت قدميءَ سان ڪندا رهندؤ).
— علامہ علي خان ابڙولِّيَسْـَٔـلَ الصّٰدِقِيْنَ عَنْ صِدْقِهِمْ ۚ وَاَعَدَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 8ۧ
انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ سچن (پيغمبر) کان (قيامت جي ڏينهن) انهيءَ سچ (جي پيغام) بابت پڇي (ته ڪهڙيءَ طرح خدا جا حڪم پهچائون ۽ ماڻهن ڪهڙيءَ طرح انهن تي عمل ڪيو) ۽ (جن نه مڃيو تن) ڪافرن لاءِ الله تعاليٰ سخت عذاب تيار رکيو آهي.
— علامہ علي خان ابڙويٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَاۗءَتْكُمْ جُنُوْدٌ فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا وَّجُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرًا 9ۚ
اي مومنؤ! الله جي اوهان تي اها نعمت ۽ احسان ياد ڪيو جو جڏهن اوهان تي لشڪرن جا لشڪر چڙهائي ڪري آيا تڏهن اسان انهن (اوهان جي دشمنن) جي مٿان هڪڙو طوفان موڪليو ۽ اهڙا (پنهنجا) لشڪر (توهان جي مدد لاءِ) موڪلياسين جي توهان کي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيا. پر الله تعاليٰ سڀ ڪجهه چٽيءَ طرح ڏسي ٿو. جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا سي چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙواِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ الظُّنُوْنَا 10
ياد رکو ته اهي (دشمن) توهان جي مٿئين طرف کان ۽ توهان جي هيٺئين طرف کان (جبلن تان ۽ هيٺاهين ماٿرين مان) توهان تي حملو ڪري آيا ۽ هراس ۾ (اوهان جون) اکيون ڦاٽي ويون ۽ دليون نڙيءَ ڏي چڙهي آيون ۽ توهان الله جي باري ۾ (اجايا) خيال ڪرڻ لڳؤ.
— علامہ علي خان ابڙوهُنَالِكَ ابْتُلِيَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَزُلْزِلُوْا زِلْزَالًا شَدِيْدًا 11
انهيءَ موقعي ۽ حالت ۾ مؤمن وڏي آزمائش هيٺ اچي ويا ۽ سخت زلزلي ۾ وڌا ويا. (پر هو دلير ٿي ثابت قدم رهيا).
— علامہ علي خان ابڙووَاِذْ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا اللّٰهُ وَرَسُوْلُهٗ ٓ اِلَّا غُرُوْرًا 12
۽ ڏسو، منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ (ايمان جي ڪمزوري ۽ بي همتيءَ جو) مرض آهي سي چوڻ لڳا ته، الله ۽ الله جو رسول جيڪي واعدا (ڪاميابيءَ ۽ غلبي جا) اسان کي ڏنا هئا سي فقط ٺڳي فريب ۽ دوکا هئا. (اسان هاڻي فنا ٿي وينداسين).
— علامہ علي خان ابڙووَاِذْ قَالَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ يٰٓاَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَارْجِعُوْا ۚ وَيَسْتَاْذِنُ فَرِيْقٌ مِّنْهُمُ النَّبِيَّ يَقُوْلُوْنَ اِنَّ بُيُوْتَنَا عَوْرَةٌ ړ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ڔ اِنْ يُّرِيْدُوْنَ اِلَّا فِرَارًا 13
۽ انهن مان هڪڙي ٽوليءَ ته چئي ڏنو ته اي مديني جا رهواسيؤ! توهان (حملي ڪندڙن جي مقابلي ۾) بيهي به ڪونه سگهندؤ، سو موٽو پوئتي ۽ انهن مان هڪڙي ٽولي نبي(ﷺ) کان (گهرن ڏي وڃڻ جي) موڪل ٿي گهري ۽ چيو ٿي ته، يقيناً اسان جا گهر محفوظ ناهن (۽ سخت خطري ۾ آهن) اگرچه اهي گهر غير محفوظ نه هئا. انهن جو ارادو فقط ڀڄي وڃڻ جو هو.
— علامہ علي خان ابڙووَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِمْ مِّنْ اَقْطَارِهَا ثُـمَّ سُىِٕلُوا الْفِتْنَةَ لَاٰتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوْا بِهَآ اِلَّا يَسِيْرًا 14
۽ جيڪڏهن دشمن شهر جي ڪن طرفن کان شهر ۾ گهڙي پون ها ۽ انهن (منافقن ۽ ضعيف دل ماڻهن) کي چيو وڃي ها ته (حضرت جن جي خلاف) بغاوت ڪيو ته، بغاوت ڪري ڏين ها ۽ انهيءَ بغاوت ڪرڻ ۾ ڪا ٿوري دير ڪن ها؟
— علامہ علي خان ابڙووَلَقَدْ كَانُوْا عَاهَدُوا اللّٰهَ مِنْ قَبْلُ لَا يُوَلُّوْنَ الْاَدْبَارَ ۭ وَكَانَ عَهْدُ اللّٰهِ مَسْـُٔــوْلًا 15
حالانڪ هنن اڳي الله کي (يعني سندس رسول کي) عهد اقرار ڏنو هو ته اسان (اهڙن موقعن تي هرگز) پٺيون ڏيئي ڀڄي ڪونه وينداسين. (کين ياد رکڻ گهربو هو ته) الله سان ڪيل عهد اقرار بابت ضرور کانئن باز پرس ٿيندي (يعني کانئن پڇاڻو ٿيندو ۽ عهد ڀڃڻ ڪري کين سخت سزا ملندي).
— علامہ علي خان ابڙوقُلْ لَّنْ يَّنْفَعَكُمُ الْفِرَارُ اِنْ فَرَرْتُمْ مِّنَ الْمَوْتِ اَوِ الْقَتْلِ وَاِذًا لَّا تُـمَـتَّعُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 16
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئي ڏي ته، جيڪڏهن توهان موت يا قتل کان ٿا ڀڄو ته اهو ڀڄڻ توهان کي ڪجهه به فائدو نه ڏيندو. (يا دشمن اوهان کي قتل ڪندا يا پنهنجي ڌر بغاوت جي بدلي ۾ اوهان کي قتل ڪندي) ۽ (جيڪڏهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب به ٿيو ته به) ڪو ٿورو وقت سلامتيءَ جو ماڻيندؤ (جلدئي سزا ۽ موت اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪندو).
— علامہ علي خان ابڙوقُلْ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَعْصِمُكُمْ مِّنَ اللّٰهِ اِنْ اَرَادَ بِكُمْ سُوْۗءًا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ رَحْـمَةً ۭ وَلَايَجِدُوْنَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلِيًّا وَّلَا نَصِيْرًا 17
(اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، ڪير آهي جو توهان کي الله تعاليٰ کان بچائي سگهندو، جيڪڏهن هو اوهان کي سزا ۽ عذاب ڏيڻ چاهي. ۽ جيڪڏهن هو اوهان تي رحمت ڪرڻ چاهي (ته ڪير انهيءَ رحمت کي هٽائي ٿو سگهي) انهن ماڻهن کي الله کان سواءِ ڪوبه بچائيندڙ ۽ مددگار نه لڀندو.
— علامہ علي خان ابڙوقَدْ يَعْلَمُ اللّٰهُ الْمُعَوِّقِيْنَ مِنْكُمْ وَالْقَاۗىِٕلِيْنَ لِاِخْوَانِهِمْ هَلُمَّ اِلَيْنَا ۚ وَلَا يَاْتُوْنَ الْبَاْسَ اِلَّا قَلِيْلًا ۙ18
الله تعاليٰ اوهان مان انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪي (ٻين کي لڙائي ڪرڻ کان) روڪين ٿا ۽ چون ٿا ته، اسان ڏي هليا اچو ۽ لڙائي ۾ شريڪ نٿا ٿين، پر ڪو ٿورو وقت.
— علامہ علي خان ابڙواَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ښ فَاِذَا جَاۗءَ الْخَوْفُ رَاَيْتَهُمْ يَنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ تَدُوْرُ اَعْيُنُهُمْ كَالَّذِيْ يُغْشٰى عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۚ فَاِذَا ذَهَبَ الْـخَوْفُ سَلَقُوْكُمْ بِاَلْسِـنَةٍ حِدَادٍ اَشِحَّةً عَلَي الْـخَــيْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَمْ يُؤْمِنُوْا فَاَحْبَطَ اللّٰهُ اَعْـمَالَهُمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرًا 19
اهي (دولت جا لالچي) اوهان مسلمانن جي حق ۾ بخيل آهن (جو اوهان کي مناسب مدد نٿا ڏين. اٽلندو فتح جي وقت غنيمت جو مال گهڻو ٿا گهرن) سو جڏهن خوف خطري جو موقعو ٿو اچي تڏهن تون (اي پيغمبر!) ڏسين ٿو ته هو توڏي اهڙيءَ طرح ٿا نهارين جو سندن اکيون انهيءَ ماڻهو جي اکين وانگر ٿيون ڦرن جنهن ماڻهو کي سڪرات جي غشي اچي ويندي آهي، پر جڏهن خوف خطري جي حالت هلي ٿي وڃي تڏهن هو (غنيمت جي) مال جي حرص ۾ تيز زبانن سان توکي طعنا ڏيڻ لڳن ٿا. انهن ماڻهن کي (دل ۾ سچو) ايمان ڪونهي، الله تعاليٰ سندن عمل ضايع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ائين ڪرڻ الله تعاليٰ جي لاءِ بلڪل آسان آهي.
— علامہ علي خان ابڙويَحْسَبُوْنَ الْاَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوْا ۚ وَاِنْ يَّاْتِ الْاَحْزَابُ يَوَدُّوْا لَوْ اَنَّهُمْ بَادُوْنَ فِي الْاَعْرَابِ يَسْاَلُوْنَ عَنْ اَنْۢبَاۗىِٕكُمْ ۭ وَلَوْ كَانُوْا فِيْكُمْ مَّا قٰتَلُوْٓا اِلَّا قَلِيْلًا ۧ20
اهي ماڻهو سمجهن ٿا ته، (دشمن جا) لشڪر هليا ڪونه ويا آهن (يا هراس جي ڪري ٿا ائين سمجهن يا سندن دليون چاهين ٿيون ته وري اچي حملو ڪن ۽ مسلمانن کي مغلوب ڪن) ۽ جيڪڏهن اهي لشڪر وري اچي نڪرن ته هو دل و جان سان چاهيندا ته جيڪر بدوين جي بيابانن ۾ هليا وڃن ۽ اتان اوهان جي حالتن بابت پڇا ڳاڇا ڪندا رهن ۽ جيڪڏهن هو اوهان وٽ هوندا ته لڙائي ڪونه ڪندا. جي ڪندا ته بلڪل ٿورڙي.
— علامہ علي خان ابڙو