032 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
الۗمّۗ 1ۚ
الف – لام – ميم
— علامہ علي خان ابڙوتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ لَا رَيْبَ فِيْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۭ
هيءُ ڪتاب (قرآن مجيد) جهانن جي پروردگار وٽان نازل ٿيو آهي. انهيءَ ۾ ذرو به شڪ شبهو ڪونهي.
— علامہ علي خان ابڙواَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۚ بَلْ هُوَ الْـحَـقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِيْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُوْنَ 3
يا ماڻهو چون ٿا ته هن (يعني حضورﷺ) ان (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو آهي (۽ چوي ٿو ته الله وٽان آيل آهي) حقيقت هي آهي ته قرآن مجيد حق آهي (حق ٿو ٻڌائي ۽ غالب پوڻ بعد ثابت ٿيندو ته،) بيشڪ اهو حق آهي ۽ تنهنجي پروردگار وٽان آهي. انهيءَ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته انهيءَ (عرب) قوم جي ماڻهن کي خبردار ڪري جن ڏي هن کان اڳي ڪوبه خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ڪونه آيو آهي. (هاڻي انهيءَ لاءِ قرآن مجيد نازل ڪيو ويو آهي) ته من هي (عرب) هدايت واري واٽ وٺن.
— علامہ علي خان ابڙواَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰي عَلَي الْعَرْشِ ۭ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا شَفِيْعٍ ۭ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ 4
اهو الله ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي زماني جي ڇهن دورن ۾ خلقيو ۽ (جهانداري جي) تخت تي محڪم رهيو (يعني پوءِ به خلقيندو رهي ٿو ۽ پاڻ ئي جهان کي هلائيندو رهي ٿو، سو خبردار ٿيو ۽ ياد رکو ته) اوهان جي لاءِ سواءِ الله جي ٻيو ڪوبه سنڀاليندڙ يا سفارشي ڪونهي. ڇا توهان خيال ئي ڪونه ٿا هلايو.
— علامہ علي خان ابڙويُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَاۗءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُـمَّ يَعْرُجُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ ٓ اَلْفَ سَـنَةٍ مِّـمَّا تَعُدُّوْنَ 5
آسمان کان زمين تائين هر ڳالهه ۽ هر ڪم جو انتظام الله تعاليٰ ٿو ڪري. پوءِ سڀ معاملا انهيءَ ڏينهن سندس حضور ۾ پيش ٿيندا، جنهن ڏينهن جو مقدار توهان جي حساب ۽ شمار موجب هزار سالن جو هوندو.
— علامہ علي خان ابڙوذٰلِكَ عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 6ۙ
اهڙو آهي اهو الله جو لڪل توڙي ظاهر شين جو ڄاڻندڙ آهي، وڏي قدرت ۽ شان وارو آهي ۽ رحم وارو آهي.
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ 7ۚ
جنهن شيءِ کي خلقيائين تنهن کي سهڻو ۽ چڱو بنايائين (توازن سان مناسب ۽ گهربل قوتون عطا ڪيائين) ۽ انسان کي شروعات ۾ (خسيس) گپ مان خلقيائين.
— علامہ علي خان ابڙوثُـمَّ جَعَلَ نَسْلَهٗ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ 8ۚ
پوءِ ان جو نسل (۽ پيڙهيون) بُڇان جهڙي پاڻيءَ (منيءَ) مان پيدا ڪندو رهيو جو پاڻي (حقيقت ۾ انسان جي سڀني جزن جو) نچوڙ ۽ ست آهي.
— علامہ علي خان ابڙوثُـمَّ سَوّٰىهُ وَنَفَخَ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْاَبْصَارَ وَالْاَفْـــِٕدَةَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ 9
پوءِ الله تعاليٰ انسان کي چڱي نموني ۾ درست ڪيو (۽ توازن سان عضوا ۽ پنج حواس ڏنائين) ۽ ان انسان ۾ پنهنجي روح مان ڪجهه ڦوڪيائين (يعني عقل علم ۽ ترقيءَ جي طاقت بخشيائين) ۽ اوهان جي لاءِ ڪن (حقيقتن جي ٻڌڻ لاءِ) ۽ اکيون (حقيقتن کي ڏسڻ لاءِ) ۽ دليون (حقيقتن کي سمجهڻ لاءِ ۽ نيڪ جذبا رکڻ لاءِ) مهيا ڪيائين (پر افسوس) توهان تمام ٿورڙي شڪرگذاري ٿا ڪيو (يعني الله جي انهن نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم ڪونه ٿا آڻيو).
— علامہ علي خان ابڙووَقَالُوْٓا ءَاِذَا ضَلَلْنَا فِي الْاَرْضِ ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ بَلْ هُمْ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ كٰفِرُوْنَ 10
۽ (اهي بي شڪر ماڻهو) چون ٿا ته ڇا جڏهن اسان زمين ۾ ڍڪجي گم ٿي وينداسين تڏهن وري سچ پچ نئين سر پيدا ڪيا وينداسين؟ حقيقت هيءَ آهي ته اهي ماڻهو اها ڳالهه ئي نٿا مڃين ته ڪو (آخر) پنهنجي پروردگار جي اڳيان پيش ڪيا وينداسين.
— علامہ علي خان ابڙوقُلْ يَتَوَفّٰىكُمْ مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِيْ وُكِّلَ بِكُمْ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ ۧ11
(اي پيغمبر!) تون کين ٻڌاءِ ته موت جو مَلَڪ جو توهان تي مقرر ڪيل آهي، سو توهان جا روح قبض ڪندو. پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي طرف موٽائي آندا ويندؤ.
— علامہ علي خان ابڙووَلَوْ تَرٰٓي اِذِ الْمُجْرِمُوْنَ نَاكِسُوْا رُءُوْسِهِمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ رَبَّنَآ اَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِـحًا اِنَّا مُوْقِنُوْنَ 12
۽ جيڪڏهن تون (اهو دردناڪ عذاب) ڏسين جڏهن گنهگار پنهنجي پروردگار جي اڳيان پنهنجا ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندا ته ڪيتري نه عبرت حاصل ڪرين. (انهيءَ مهل اُهي گنهار دردناڪ آواز سان پڪاريندا ته) اي اسان جا پروردگار! هاڻي اسان سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ ٻڌو آهي (۽ هاڻي سڀ حقيقتون سمجهون ۽ مڃون ٿا) سو هاڻي اسان کي وري (دنيا ڏي) موٽاءِ ته اسان صالح عمل ڪيون. اسان هاڻي يقين سان (تنهنجي هدايتن کي) مڃيون ٿا. (پر پوءِ اها پشيماني ڪم نه ايندي اها دنيا گذري چڪي).
— علامہ علي خان ابڙووَلَوْ شِئْنَا لَاٰتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدٰىهَا وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْــجِنَّةِ وَالنَّاسِ اَجْـمَعِيْنَ 13
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هرهڪ شخص کي سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏيون ها (جيئن ملائڪ فرمانبرداريءَ جي واٽ تي لڳايل آهن، پر اسان ائين نه چاهيو اسان انسان کي ٻئي واٽون ڏيکاري اختيار ڏنو ته وڻئي ته سڌي راهه وٺ ۽ وڻئي ته ڦڏي واٽ وٺي پاڻ کي تباهه ڪر) سو منهنجي هيءَ ڳالهه (بي فرمانن متعلق) سچي ثابت ٿيندي ته ما سڀني (بي فرمان) جنن ۽ ماڻهن سان جهنم کي ڀري ڇڏيندس.
— علامہ علي خان ابڙوفَذُوْقُوْا بِـمَا نَسِيْتُمْ لِقَاۗءَ يَوْمِكُمْ ھٰذَا ۚ اِنَّا نَسِيْنٰكُمْ وَذُوْقُوْا عَذَابَ الْـخُلْدِ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 14
سو (اي گنهگارؤ) جنهن صورت ۾ توهان پنهنجي هن ڏينهن تي (اسان وٽ جزا ۽ سزا ملڻ لاءِ) حاضر ٿيڻ جي ڳالهه وساري ڇڏي هئي (۽ گناهن ۾ مشغول رهيا هئو) سو هاڻي (عذاب جو) مزو چکو. اسان به توهان کي (ڄاڻي ٻجهي) وساري ٿا ڇڏيون. ۽ توهان جو (پڇاڙيءَ تائين) بدعمل ڪندا رهيو تن جي بدلي ۾ دائمي عذاب جو مزو چکندا رهو.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّـمَا يُؤْمِنُ بِاٰيٰتِنَا الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِّرُوْا بِهَا خَرُّوْا سُـجَّدًا وَّسَبَّحُوْا بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُوْنَ ۞ 15
اسان جي آيتن تي سچو ايمان ته فقط انهن جو آهي جن کي جڏهن اهي آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون تڏهن هو سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا (سان سندن پاڪائي ۽ اعليٰ شان) بيان ڪن ٿا ۽ ڪڏهن به هٺ وڏائي نٿا ڪن.
— علامہ علي خان ابڙوتَـتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِـعِ يَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۡ وَّمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 16
انهن (سچن مؤمنن) جا پاسا آرام جي بسترن کان الڳ ٿي وڃن ٿا. هو پنهنجي پروردگار کي خوف ۽ اميد جي حالت ۾ پڪاريندا رهن ٿا ۽ جيڪو رزق (عقل حڪمت وغيره) اسان کين ڏنو آهي تنهن کي (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪندا رهن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙوفَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ اُخْفِيَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْيُنٍ ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 17
ڪنهن به شخص کي خبر ناهي ته اسان (نيڪ) ماڻهن لاءِ ڪهڙا ڪهڙا اکين جا ٺار (۽ خوشي ڏيندڙ نعمتون) لڪائي تيار رکيون آهن. اهو آهي بدلو هنن جي (نيڪ) عملن جو جي هو ڪندا رهن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙواَفَـمَنْ كَانَ مُؤْمِنًا كَمَنْ كَانَ فَاسِقًا ڼ لَا يَسْـتَوٗنَ ۬18
پوءِ ڇا مؤمن به اهڙوئي آهي جهڙو ڪو فاسق (نافرمان ۽ گنهگار) آهي؟ (هرگز نه) هو ڪنهن به صورت ۾ برابر ناهن.
— علامہ علي خان ابڙواَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 19
سو جيڪي ماڻهو سچو ايمان رکن ٿا ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن جي رهڻ لاءِ (عاليشان) باغ هوندا، جيڪي نيڪ عمل هو ڪندا رهيا هئا تن جي بدلي ۾ اها ئي مهماني کين نصيب ٿيندي (جو هو الله جي باغن ۾ الله جا مهمان ٿي رهندا.)
— علامہ علي خان ابڙووَاَمَّا الَّذِيْنَ فَسَقُوْا فَمَاْوٰىهُمُ النَّارُ ۭ كُلَّمَآ اَرَادُوْٓا اَنْ يَّخْـرُجُوْا مِنْهَآ اُعِيْدُوْا فِيْهَا وَقِيْلَ لَهُمْ ذُوْقُوْا عَذَابَ النَّارِ الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ 20
۽ جن ماڻهن خدا جي نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ هوندي (سخت عذاب واري) باهه. جڏهن جڏهن هو ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا تڏهن هنن کي (زور سان) ان باهه ۾ موٽايو ويندو ۽ کين چيو ويندو ته انهيءَ باهه جي عذاب جو مزو چکو. جنهن کي توهان ڪونه مڃيندا هئو (۽ چوندا هئو ته نڪا قيامت ٿيندي نڪو اسان کي ڪو عذاب ملندو).
— علامہ علي خان ابڙو