030 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
الۗمّۗ 1ۚ
الف – لام – ميم.
— علامہ علي خان ابڙوغُلِبَتِ الرُّوْمُ 2ۙ
رومي سلطنت مغلوب ٿي ويئي آهي (جو ايرانين کين زبردست شڪستون ڏنيون آهن.)
— علامہ علي خان ابڙوفِيْٓ اَدْنَى الْاَرْضِ وَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ غَلَبِهِمْ سَيَغْلِبُوْنَ 3ۙ
ويجهي ملڪ (شام ۽ فسطين) ۾ (رومين تي ايراني غالب پئجي ويا آهن) پر (توهان ڏسندؤ ته) انهيءَ شڪست بعد رومي وري (ايرانين تي) غالب پوندا.
— علامہ علي خان ابڙوفِيْ بِضْعِ سِنِيْنَ ڛ لِلّٰهِ الْاَمْرُ مِنْ قَبْلُ وَمِنْۢ بَعْدُ ۭ وَيَوْمَىِٕذٍ يَّفْرَحُ الْمُؤْمِنُوْنَ 4ۙ
ٿورن ئي سالن اندر (يعني 3 کان 9 سالن اندر رومي غالب پوندا) هر ڳالهه جو فيصلو ۽ اختيار اڳي به الله تعاليٰ جي هٿ ۾ هو ۽ آئينده به سندس ئي هٿ ۾ رهندو ۽ انهيءَ (فتح واري) ڏينهن مسلمان خوشيون ڪندا (جو).
— علامہ علي خان ابڙوبِنَصْرِ اللّٰهِ ۭ يَنْصُرُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 5ۙ
الله جي مدد سان (رومين کي به فتح حاصل ٿيندي ۽ مسلمانن کي به بدر وٽ فتح حاصل ٿيندي) بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن جي مدد ڪري ٿو ۽ هو وڏي طاقت وارو، غالب رهڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُخْلِفُ اللّٰهُ وَعْدَهٗ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُوْنَ 6
اهو الله تعاليٰ جو واعدو آهي (ته ايمان وارن ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي سوڀ ڏيندو) الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي (۽ واعدو ضرور پورو ڪري ٿو ڇڏي) پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن (۽ سمجهن ٿا ته جن کي گهڻو لشڪر، گهڻا هٿيار ۽ گهڻي دولت آهي سي ئي سوڀارا ٿيندا).
— علامہ علي خان ابڙويَعْلَمُوْنَ ظَاهِرًا مِّنَ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ښ وَهُمْ عَنِ الْاٰخِرَةِ هُمْ غٰفِلُوْنَ 7
(اهي ڀليل ماڻهو) هن دنيا جي زندگيءَ جون رڳو ظاهري حالتون ڄاڻن ٿا (انسان جي اندروني حالت جي خبر کين ڪانه ٿي پوي) ۽ هو آخرت جي حالت کان بلڪل بي خبر آهن.
— علامہ علي خان ابڙواَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوْا فِيْٓ اَنْفُسِهِمْ ۣ مَا خَلَقَ اللّٰهُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَاِنَّ كَثِيْرًا مِّنَ النَّاسِ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ لَكٰفِرُوْنَ 8
ڇا هي ماڻهو پنهنجي دلين ۾ (اڪيلائي ۾ ويهي دماغ هلائي) غور ۽ فڪر نٿا ڪن؟ (۽ نٿا سمجهن ته) الله تعاليٰ جو آسمانن کي ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي سو بنا مصلحت ۽ حقي مقصد جي پيدا نه ڪيو آهي ۽ انهن کي هڪ خاص مقرر مدي لاءِ پيدا ڪيو اٿس. ۽ (تنهن هوندي به) بيشڪ گهڻائي (بي وقوف) ماڻهو اها ڳالهه نه ٿا مڃين ته ڪو (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي پروردگار جي آڏو پيش ڪيا ويندا.
— علامہ علي خان ابڙواَوَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَانُوْٓا اَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَّاَثَارُوا الْاَرْضَ وَعَـمَرُوْهَآ اَكْثَرَ مِـمَّا عَـمَرُوْهَا وَجَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ ۭ فَـمَا كَانَ اللّٰهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلٰكِنْ كَانُوْٓا اَنْفُسَهُمْ يَظْلِمُوْنَ 9ۭ
(غور ۽ فڪر جي طاقت ڪانه اٿن ته ڪم از ڪم تاريخي واقعا هن ئي دنيا ۾ ڪامراني ۽ ناڪاميءَ جا ڏسن) ڇا هي ماڻهو ڌرتيءَ تي سير سفر ڪونه ٿا ڪن؟ ۽ (سير سفر ڪندي) نٿا ڏسن ته جيڪي (بدڪار نافرمان) ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي؟ اهي ماڻهو هئا به هُنن کان طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ. هنن زمين کي کيڙيو ۽ آباد ڪيو ۽ جيتري قدر هنن ماڻهن ملڪ کي آباد ڪيو آهي، تنهن کان گهڻو وڌيڪ هنن آباد ڪيو هو (۽ آدشماري گهڻي وڌائي هئي) ۽ انهن ڏي به رسول چٽين نشانين سان آيا هئا (پر هُنن مٿن ويساهه نه ڪيو ۽ نافرماني ۽ ظلمن ۾ وڌندا ويا تنهن ڪري خدا کين تباهه ڪري ڇڏيو، ڏسو) خدا اهڙو ناهي جو هنن سان بي انصافي ڪري، پر هنن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو (جو بدعمل ڪري پاڻ تي تباهي آندائون).
— علامہ علي خان ابڙوثُـمَّ كَانَ عَاقِبَةَ الَّذِيْنَ اَسَاۗءُوا السُّوْۗآٰى اَنْ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ وَكَانُوْا بِهَا يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
پوءِ جيڪي ماڻهو برائيون ٿا ڪن تن جي پڇاڙي نيٺ بڇڙي ٿيندي، ڇو ته هنن الله جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرائي مڃڻ کان انڪار ڪيو (نه رڳو ايترو پر) انهن نشانين ۽ حڪمن تي ٽوڪون ۽ مسخريون ڪيون.
— علامہ علي خان ابڙواَللّٰهُ يَبْدَؤُا الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ثُـمَّ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ 11
الله ئي آهي جو شين ۽ جانورن کي اول اول پيدا ڪري ٿو ۽ پوءِ به بار بار پيدا ڪندو رهي ٿو ۽ ڪندو رهندو (توهان انسانن کي به مرڻ بعد وري زنده ڪندو) پوءِ توهان کي سندس حضور ۾ موٽائي آندو ويندو.
— علامہ علي خان ابڙووَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يُبْلِسُ الْمُجْرِمُوْنَ 12
۽ انهيءَ ڏينهن جڏهن (پڇاڻي ۽ بدلي واري) گهڙي قائم ڪئي ويندي تڏهن گهنگار ماڻهو نااميديءَ جي بحر ۾ غوطا کائيندا.
— علامہ علي خان ابڙووَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ مِّنْ شُرَكَاۗىِٕهِمْ شُفَعٰۗـــؤُا وَكَانُوْا بِشُرَكَاۗىِٕهِمْ كٰفِرِيْنَ 13
۽ سندن (هٿرادو ٺهرايل) ديوتائون جن کي خدا سان شريڪ سمجهندا هئا تن مان ڪوبه سندن سفارشي ڪونه ٿيندو. بلڪ هو پاڻ (حقيقت کي سمجهي) انهن ديوتائن يا شريڪن جا منڪر ٿيندا.
— علامہ علي خان ابڙووَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يَوْمَىِٕذٍ يَّتَفَرَّقُوْنَ 14
۽ جنهن ڏينهن اها گهڙي قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ماڻهن کي (سندن نيڪ ۽ بدعملن موجب) جدا جدا ڪيو ويندو.
— علامہ علي خان ابڙوفَاَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُمْ فِيْ رَوْضَةٍ يُّحْبَرُوْنَ 15
پوءِ جن ماڻهن (هن دنيا ۾ سچين حقيقتن تي) ايمان آندو هوندو ۽ (انهن موجب) نيڪ عمل ڪيا هوندائون سي بهشت جي باغ ۾ خوشين ۽ موجن ۾ هوندا.
— علامہ علي خان ابڙووَاَمَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا وَلِقَاۗئِ الْاٰخِرَةِ فَاُولٰۗىِٕكَ فِي الْعَذَابِ مُـحْضَرُوْنَ 16
۽ جن ماڻهن (جهل ۽ خودغرضيءَ سببان حقيقتن کان) انڪار ڪيو ۽ اسان جي نشانين ۽ حڪمن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ پڻ آخرت ۾ (جزا ۽ سزا لاءِ) خدا جي روبرو اچڻ واري ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو سي سڀ حاضر ڪري عذاب ۾ وڌا ويندا.
— علامہ علي خان ابڙوفَسُــبْحٰنَ اللّٰهِ حِيْنَ تُمْسُوْنَ وَحِيْنَ تُصْبِحُوْنَ 17
سو توهان (مؤمن ۽ مسلمان هر وقت) صبح توڙي شام الله تعاليٰ جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪندا رهو.
— علامہ علي خان ابڙووَلَهُ الْحَمْــدُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَعَشِـيًّا وَّحِيْنَ تُظْهِرُوْنَ 18
۽ آسمانن ۾ توڙي زمين ۾ سندس ئي ساراهه آهي (يعني سندس اعليٰ صفتون ۽ وصفون هر هنڌ ظاهر آهن) (سو سندس اعليٰ صفتون بيان ڪندا رهو) ٽپهريءَ جي وقت توڙي ڏينهن لڙڻ وقت.
— علامہ علي خان ابڙويُخْرِجُ الْـحَيَّ مِنَ الْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ الْمَيِّتَ مِنَ الْـحَيِّ وَيُـحْيِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ وَكَذٰلِكَ تُـخْرَجُوْنَ ۧ19
الله تعاليٰ (ڏسو ته) بي جان شين مان جاندار پيدا ڪري ٻاهر آڻي ٿو ۽ جاندار شين مان بي جان شيون ڪڍي ٻاهر آڻي ٿو، ۽ زمين کي سندس موت بعد (يعني سربسز ۽ آباد ڪري ٿو ڇڏي) ۽ اهڙيءَ طرح اوهان انسانن کي به (مرڻ بعد جيئرو ڪري) ٻاهر ڪڍيو ويندو.
— علامہ علي خان ابڙووَمِنْ اٰيٰتِهٖٓ اَنْ خَلَقَكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ اِذَآ اَنْتُمْ بَشَرٌ تَنْتَشِرُوْنَ 20
۽ هن جي (يعني الله جي) نشانين مان هڪڙي نشاني هيءَ آهي ته هن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ ڏسو ته (اگرچه خسيس شمار ڪيل مٽيءَ مان ٺاهيل آهيو ته به) توهان (وڏي مرتبي ۽ شان وارا) انسان آهيو ۽ (ڪيئن نه) زمين تي پکڙجي ويا آهيو.
— علامہ علي خان ابڙو