1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

028 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن

ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

28:1

طٰسۗمّۗ 1‏۝

طا- سين- ميم

— علامہ علي خان ابڙو

28:2

تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2‏۝

هي قرآن مجيد جون آيتون آهن جو (سڀني ڳالهين کي) چٽو ڪندڙ ڪتاب آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

28:3

نَتْلُوْا عَلَيْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَفِرْعَوْنَ بِالْـحَقِّ لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ 3‏۝

اسان حضرت موسيٰ ۽ فرعون جا سچا سچا احوال توکي انهن ماڻهن جي لاءِ ٻڌايون ٿا جن ايمان آندو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

28:4

اِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَهْلَهَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَةً مِّنْهُمْ يُذَ بِّحُ اَبْنَاۗءَهُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَهُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ 4‏۝

(ٻڌو) فرعون بادشاهه (مصر جي) ملڪ ۾ تڪبر ۽ سرڪشيءَ جو طريقو اختيار ڪيو ۽ ان ملڪ جي ماڻهن کي جدا جدا ٽولين ۾ ورهائي ڇڏيائين، جن مان هڪ ٽوليءَ کي (يعني بني اسرائيلن کي) دٻائي هيڻي حالت ۾ رکيائين، انهن جي پٽن کي مارائي ڇڏيندو هو ۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندو هو. يقيناً هو وڏو فتني باز ۽ بگاڙ ڪندڙ هو.

— علامہ علي خان ابڙو

28:5

وَنُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ 5‏۝ۙ

۽ اسان چاهيو ٿي ته جن کي ملڪ ۾ دٻائي هيڻو ڪيو ٿي ويو، تن تي پنهنجو فضل ڪيون ۽ کين ماڻهن جا امام (يعني ليڊريا پيشوا) ڪيون ۽ کين ئي وارث ڪيون (يعني زمين تي ڪنهن ملڪ يا ملڪن جا حاڪم بنايون.)

— علامہ علي خان ابڙو

28:6

وَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْاَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا يَحْذَرُوْنَ 6‏۝

۽ ملڪ ۾ انهن جا پير ڄمايون ۽ انهن کي طاقتور ڪيون، ۽ فرعون، (سندس وزير) هامان ۽ سندن لشڪرن کي انهن (بني اسرائيلن) جي هٿان اُهي ئي ڳالهيون پيش آڻيون جن کان بچڻ لاءِ سڀ حيلا هلائي رهيا آهن.

— علامہ علي خان ابڙو

28:7

وَاَوْحَيْنَآ اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى اَنْ اَرْضِعِيْهِ ۚ فَاِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَاَلْقِيْهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِيْ وَلَا تَحْـزَنِيْ ۚ اِنَّا رَاۗدُّوْهُ اِلَيْكِ وَجَاعِلُوْهُ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 7‏۝

سو (اسان ڇا ڪيو جو) حضرت موسيٰ جي والده کي وحي موڪليوسين ته تون پنهنجي ٻچڙي کي پنهنجي ٿڃ پياريندي رهه. پوءِ جڏهن ان بابت توکي خطرو ڏسڻ ۾ اچي (ته فرعون جي ماڻهن کي خبر پوڻ تي آهي ۽ هو تنهنجي پٽ کي مارائي ڇڏيندا) تڏهن ٻچڙي کي (پيتيءَ ۾ وجهي نيل درياهه جي) پاڻيءَ ۾ لوڙهي ڇڏجانءِ، ۽ ڪوبه خوف نه رکجانءِ، نڪي ڪو غم ڪجانءِ. يقيناً اهو ٻچڙو توکي موٽائي ڏينداسين ۽ کيس (وڏي هوندي) پنهنجو رسول ڪنداسين.

— علامہ علي خان ابڙو

28:8

فَالْتَقَطَهٗ ٓ اٰلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُوْنَ لَهُمْ عَدُوًّا وَّحَزَنًا ۭ اِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا كَانُوْا خٰطِـــــِٕيْنَ 8‏۝

(جڏهن والده موسيٰ کي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪيو تڏهن) پوءِ فرعون جي ماڻهن (جن پيتي لڙهندي ڏٺي) ان کي کڻي ورتو، انهيءَ لاءِ نه ته هو (آخر) هنن جي مخالفت ڪري ۽ سندس غمن ۽ تڪليفن جو باعث ٿئي (پر فرعون جي ماڻهن کي ان وقت ڪهڙي خبر ته هو ڪو سندن مخالفت ڪندو ۽ تڪليفن جو باعث ٿيندو) انهيءَ ۾ شڪ ئي ڪونهي ته فرعون هامان ۽ سندن لشڪر خطاڪار ۽ گنهگار هئا.

— علامہ علي خان ابڙو

28:9

وَقَالَتِ امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّةُ عَيْنٍ لِّيْ وَلَكَ ۭ لَا تَقْتُلُوْهُ ڰ عَسٰٓى اَنْ يَّنْفَعَنَآ اَوْ نَتَّخِذَهٗ وَلَدًا وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 9‏۝

۽ فرعون جي زال (جا شايد نيڪ عورت هئي) فرعون کي چيو ته، هيءُ (سهڻو ٻچڙو) منهنجي لاءِ ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي. ان کي متان قتل ڪرائين. ممڪن آهي ته اسان کي هن مان گهڻو ئي فيض ۽ فائدو پهچندو گود جو پٽ ڪنداسين (شايد کين پٽ ڪونه هو) پر هنن کي خبر بلڪل ڪانه هئي (ته ان ڪم جو آخر نتيجو ڪهڙو نڪرندو).

— علامہ علي خان ابڙو

28:10

وَاَصْبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوْسٰى فٰرِغًا ۭ اِنْ كَادَتْ لَتُبْدِيْ بِهٖ لَوْلَآ اَنْ رَّبَطْنَا عَلٰي قَلْبِهَا لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ ۝10

۽ (هوڏي وري) حضرت موسيٰ جي والده جي دل (جدائي کان) بي قرار ٿي پيئي ۽ اهو راز ظاهر ڪرڻ تي هئي. پر اسان سندس دل کي مضبوط رکيو انهيءَ لاءِ ته هوءَ ايمان تي قائم رهي.

— علامہ علي خان ابڙو

28:11

وَقَالَتْ لِاُخْتِهٖ قُصِّيْهِ ۡ فَبَصُرَتْ بِهٖ عَنْ جُنُبٍ وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ۝ۙ11

۽ حضرت موسيٰ جي والده سندس (وڏي) ڀيڻ کي چيو ته، موسيٰ جي پٺيان (پر ٿورو پرڀرو) لڳي وڃ (جيئن اهي ماڻهو جيڪي پيتي کنيون ٿا وڃن تن کي ڪو شڪ نه پوي) اها ڀيڻ (سندن پٺيان هلندي ويئي ۽) ان ڏي نهاريندي رهي اهڙيءَ طرح جو ڄڻ ته ان سان ڪو واسطو ئي ڪونهيس، ۽ هنن ماڻهن کي خبر ئي ڪانه پئي (ته ڪو سندس ڀيڻ اسان ڏي نهاري رهي آهي).

— علامہ علي خان ابڙو

28:12

وَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ يَّكْفُلُوْنَهٗ لَكُمْ وَهُمْ لَهٗ نٰصِحُوْنَ ؀12

۽ اسان اهڙي رٿ ڪئي جو پهريائين موسيٰ ڪنهن جي به ٿڃ نه پيتي (يعني ڪنهن جو به ببو نه ورتو تنهن تي ماڻهو حيران ٿي هيڏي هوڏي تلاش ڪرڻ لڳا. جڏهن سندن نظر ان ڀيڻ تي پئي تڏهن انهيءَ ڀيڻ کين) چيو ته، مان اوهان کي هڪڙي اهڙي گهر جا ماڻهو ڏيکاريان ڇا؟ جيڪي اوهان جي لاءِ انهيءَ ٻچڙي کي نپائين ۽ هن کي پيار ڪندڙ ۽ هن جا خيرخواهه ٿين.

— علامہ علي خان ابڙو

28:13

فَرَدَدْنٰهُ اِلٰٓى اُمِّهٖ كَيْ تَــقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ اَنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ ۝ۧ13

(هنن ماڻهن اها ڳالهه قبول ڪئي، ڇوڪريءَ اهو گهر ڏيکاريو ۽ فرعون جي زال حضرت موسيٰ جي والده کي سندس دائي مقرر ڪيو) اهڙيءَ طرح اسان ٻچڙي کي سندس ماءُ ڏي موٽايو، انهيءَ لاءِ ته سندس اکيون ٺرن ۽ غم نه ڪري ۽ پڪ سان ڄاڻي ته بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي. پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن (ته ظاهري تڪليف ۾ به ڪا چڱائي رکيل آهي.)

— علامہ علي خان ابڙو

28:14

وَلَمَّا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَاسْتَوٰٓى اٰتَيْنٰهُ حُكْمًا وَّعِلْمًا ۭ وَكَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ ؀14

۽ جڏهن حضرت موسيٰ جوان ٿيو، ۽ طاقتور ٿيو تڏهن اسان کيس حڪمت ۽ علم عطا ڪيو. (اسان جو اهو قانون آهي جو) نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ ئي طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون.

— علامہ علي خان ابڙو

28:15

وَدَخَلَ الْمَدِيْنَةَ عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ مِّنْ اَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيْهَا رَجُلَيْنِ يَـقْتَتِلٰنِ ڭ هٰذَا مِنْ شِيْعَتِهٖ وَهٰذَا مِنْ عَدُوِّه ٖ ۚ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِيْ مِنْ شِيْعَتِهٖ عَلَي الَّذِيْ مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ ؀15

پوءِ (هڪڙي ڏينهن) حضرت موسيٰ اهڙي وقت (محلات مان نڪري) شهر ۾ هليو ويو جهن وقت شهر جا ماڻهو (ننڊ ۾) غافل هئا. اتي شهر ۾ ٻن ماڻهن کي وڙهندو ڏٺائين. جن مان هڪڙو ته سندس قوم (بني اسرائيلن) مان هو ۽ ٻيو سندس دشمن (قوم يعني مصري ماڻهن) مان هو. پوءِ (ڇا ٿيو جو) جيڪو ماڻهو سندس قوم مان هو تنهن انهيءَ ماڻهو جي خلاف جيڪو سندس دشمن قوم مان هو. کانئس مدد گهري. تنهن تي حضرت موسيٰ انهيءَ (مصري ماڻهوءَ) کي ٺونشو (يعني مُڪ) هڻي ڪڍي، ۽ هن کي ماري وڌائين، پوءِ (ارمان ۽ پريشاني ۾ پئجي) چيائين ته هي ته شيطاني ڪم ٿي پيو. بيشڪ شيطان (انسان جو) دشمن آهي ۽ ظاهرظهور گمراهه ڪندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

28:16

قَالَ رَبِّ اِنِّىْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ فَاغْفِرْ لِيْ فَغَفَرَ لَهٗ ۭ اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ ؀16

(پوءِ خدا جي درگاهه ۾ ٻاڏائي حضرت موسيٰ ) عرض ڪيو ته، اي منهنجا پروردگار مون پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو آهي. تون مون کي بخش. سو خدا کيس بخشي ڇڏيو. بيشڪ هو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

28:17

قَالَ رَبِّ بِـمَآ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ اَكُوْنَ ظَهِيْرًا لِّلْمُجْرِمِيْنَ ؀17

(خدا کان بخشش ملڻ تي حضرت موسيٰ) عرض ڪيو ته، اي منهنجا رب! تو جو مون تي هيءَ احسان ڪيو آهي سو مان (آئندهه) ڪڏهن به گنهگارن جو مددگار نه ٿيندس.

— علامہ علي خان ابڙو

28:18

فَاَصْبَحَ فِي الْمَدِيْنَةِ خَاۗىِٕفًا يَّتَرَقَّبُ فَاِذَا الَّذِي اسْتَـنْصَرَهٗ بِالْاَمْسِ يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ قَالَ لَهٗ مُوْسٰٓى اِنَّكَ لَغَوِيٌّ مُّبِيْنٌ ؀18

حضرت موسيٰ ڊپ (۽ پريشانيءَ جي حالت) ۾ ئي صبح ڪري ڇڏيو. (وري به ڇا ٿيو جو) اوچتو ئي اوچتو ساڳئي ماڻهو جنهن اڳئين ڏينهن سندس مدد گهري هئي انهيءَ سندس مدد لاءِ واڪو ڪيو. حضرت موسيٰ کيس چئي ڏنو ته، تون ته ظاهرظهور جهيڙاڪار ۽ گمراهه ماڻهو ٿو ڏسجين.

— علامہ علي خان ابڙو

28:19

فَلَمَّآ اَنْ اَرَادَ اَنْ يَّبْطِشَ بِالَّذِيْ هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا ۙ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اَتُرِيْدُ اَنْ تَــقْتُلَنِيْ كَـمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِالْاَمْسِ ڰ اِنْ تُرِيْدُ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَ جَبَّارًا فِي الْاَرْضِ وَمَا تُرِيْدُ اَنْ تَكُوْنَ مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ ؀19

پوءِ جڏهن حضرت موسيٰ انهيءَ (مصري ماڻهو) کي جهلڻ (۽ پري ڪرڻ) چاهيو جو ٻنهي جو دشمن هو، تڏهن ان (اسرائيلي) ماڻهوءَ (پنهنجي ڀؤ کان) چئي ڏنو ته، اي موسي! ڇا تون مون کي به اهڙيءَ طرح مارڻ ٿو چاهين، جهڙي طرح ڪالهه هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيو هيئي؟ تون ته فقط هي ٿو چاهين ته سڄي ملڪ ۾ سڀني تي ڏاڍو ۽ زبردست ٿي رهان ۽ تون نٿو چاهين ته صلح ۽ سڌارو ڪندڙ ٿيان.

— علامہ علي خان ابڙو

28:20

وَجَاۗءَ رَجُلٌ مِّنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ يَسْعٰى ۡ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اِنَّ الْمَلَاَ يَاْتَمِرُوْنَ بِكَ لِيَقْتُلُوْكَ فَاخْرُجْ اِنِّىْ لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ ؀20

۽ (انهيءَ وقت) شهر جي ٻئي پاسي کان هڪڙو (مصري) شخص ڊوڙندو آيو ۽ اچي چيائين ته، اي موسيٰ يقيناً (شهر جا) سردار تنهنجي باري ۾ مشورو ڪري رهيا آهن ته توکي (مصريءَ ماڻهو جي خون جي بدلي ۾) قتل ڪيو وڃي. تنهن ڪري (تڪڙو ٿي شهر مان) نڪري هليو وڃ. يقيناً مان تنهنجو خيرخواهه آهيان.

— علامہ علي خان ابڙو