1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

027 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن

ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

27:1

طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1‏۝ۙ

طا- سين- هي قرآن مجيد جون آيتون آهن جو هڪڙو چٽو ڪتاب آهي، (۽ حقيقتن کي چٽو ڪري ڏيکاريندڙ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

27:2

هُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2‏۝ۙ

(هي قرآن مجيد) ايمان وارن لاءِ سڌي واٽ ڏيکاريندڙ آهي ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهي. (ته جيڪڏهن توهان انهيءَ واٽ تي هلندؤ ته دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب رهندؤ).

— علامہ علي خان ابڙو

27:3

الَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3‏۝

(ايمان وارا اهي آهن) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ڏيندا رهن ٿا ۽ آخرت ۾ يقين رکن ٿا (ته اسان جي عملن جا نتيجا ضرور نڪرڻا آهن ۽ چڱن عملن ڪندڙن کي انعام ۽ برن عملن ڪندڙن کي عذاب ضرور ملڻو آهي.)

— علامہ علي خان ابڙو

27:4

اِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4‏۝ۭ

جيڪي ماڻهو آخرت ۾ ايمان نٿا رکن تن جا (برا) عمل اسان کين سهڻا ۽ چڱا ڪري ٿا ڏيکاريون. تنهن ڪري هو گمراهيءَ ۾ ڀٽڪندا ٿا رهن.

— علامہ علي خان ابڙو

27:5

اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5‏۝

اهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ خراب ۾ خراب عذاب (هن ئي دنيا ۾) تيار رکيو آهي ۽ آخرت ۾ ته اهي ئي ماڻهو سڀني کان وڌيڪ نقصان هيٺ ايندا.

— علامہ علي خان ابڙو

27:6

وَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6‏۝

انهيءَ ئي صورت جي ڪري (پيغمبر!) توکي هي قرآن انهيءَ الله وٽان مليو آهي جو وڏي حڪمت رکندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (فقط الله کي ئي پوري پوري خبر آهي ته ڪهڙا عمل آخر نقصانڪار ثابت ٿيندا ۽ ڪهڙا آخر مفيد ثابت ٿيندا).

— علامہ علي خان ابڙو

27:7

اِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7‏۝

اهو واقعو ياد رکو جو حضرت موسيٰ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي چيو ته مون کي هڪڙي باهه ٿي ڏسڻ ۾ اچي (ضرور اتي ڪي ماڻهو هوندا) سو مان جلد ئي اتان (رستي جي) خبر وٺي توهان ڏي هليو ايندس (توهان اتي ئي بيٺا رهجو) يا توهان ڏي ٽانڊو کڻي ايندس، انهيءَ لاءِ (ته باهه ٻاري) تؤ وٺو ۽ سيءُ لاهيو.

— علامہ علي خان ابڙو

27:8

فَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8‏۝

سو جڏهن حضرت موسيٰ انهيءَ (روشنيءَ) وٽ پهتو تڏهن (غيبي) آواز آيو ته جيڪو روشنيءَ جي اندر آهي سو وڏي برڪت وارو (الله) آهي ۽ جيڪو ان جي ويجهڙائي ۾ آهي (يعني حضرت موسيٰ) سو به برڪت وارو آهي. ۽ پاڪ آهي ۽ وڏي شان وارو آهي اهو الله جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

27:9

يٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9‏۝ۙ

(الله تعاليٰ اتي فرمايو ته) اي موسيٰ يقيناً مان الله آهيان، سڀ ڪا طاقت ۽ قدرت رکندڙ آهيان ۽ وڏي حڪمت وارو آهيان.

— علامہ علي خان ابڙو

27:10

وَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ ۝10

(اي موسيٰ) پنهنجي لٺ ته اڇلاءِ (حضرت موسيٰ پنهنجي لٺ اڇلائي ۽ پوءِ) جڏهن ان کي اهڙيءَ طرح چرندو ڏٺائين جو ڄڻ ته نانگ آهي تڏهن پٺي ڦيرائي ڀڄڻ لڳو، ۽ پٺئين پاسي نهارايائين به ڪين. (تنهن تي الله تعاليٰ آواز ڏنس ته) اي موسيٰ! ڊڄ نه، مون وٽ منهنجي موجودگيءَ ۾ پيغمبر ڪونه ڊڄندا آهن.

— علامہ علي خان ابڙو

27:11

اِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ ؁11

پر (ڳالهه هيئن آهي ته) جنهن ڪو ظلم ڪيو ۽ پوءِ برائي کي نيڪيءَ سان بدلائي ڇڏيو ته پوءِ (اهڙن لاءِ) يقيناً مان بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهيان.

— علامہ علي خان ابڙو

27:12

وَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ ؀12

۽ (اي موسيٰ) پنهنجو هٿ پنهنجي گريبان ۾ وجهه ته پوءِ اهو هٿ بنا ڪنهن داغ يا نقص جي (چنڊ وانگر) چمڪندي ٻاهر ايندو. اهي (ٻه نشانيون يا معجزا) انهن نون نشانين مان آهن جي فرعون ۽ سندس ماڻهن ڏي کڻي وڃ، بيشڪ هو وڏا سرڪش ۽ بي فرمان ماڻهو آهن.

— علامہ علي خان ابڙو

27:13

فَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۝ۚ13

جڏهن هنن (نافرمان ماڻهن) وٽ اسان جون چٽيون چٽيون نشانيون آيون تڏهن (بي وقوفن) چيو ته، هي ته ظاهرظهور جادو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

27:14

وَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۝ۧ14

۽ هنن ظلم ۽ سرڪشيءَ سبب انهن نشانين ۽ حڪمن کي نه مڃيو اگرچه سندن دليون انهن (حق جي نشانين) تي اعتبار ڪري چڪيون هيون. سو ڏسو ته هنن بگاڙو ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي.

— علامہ علي خان ابڙو

27:15

وَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ ؁15

۽ (گذريل زماني ۾) اسان دائود ۽ سليمان کي (شين جو توڙي روحاني) علم ڏنو هو. (جنهن تي) هنن ٻنهي چيو هو ته، خاص ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جنهن اسان کي پنهنجي مؤمن ٻانهن مان گهڻن کان وڌيڪ علم وارو ۽ وڌيڪ نيڪ ۽ صالح ڪيو اٿس ۽ وڌيڪ نعمتون ڏنيون اٿس)

— علامہ علي خان ابڙو

27:16

وَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ ؀16

۽ حضرت سليمان حضرت دائود جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته، اي انسانؤ! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آهي ۽ اسان کي هر چيز مان ڪجهه نه ڪجهه ڏنو ويو آهي. بيشڪ اهو ظاهرظهور (خدا جو) فضل آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

27:17

وَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ ؀17

۽ حضرت سليمان جي لاءِ جنن، انسانن ۽ پکين جا لشڪر گڏ ڪيا ويا ۽ انهن کي صفن ۾ نظام هيٺ رکيو ويو (بلڪ سڄي رعيت ۽ سڀ جانور وغيره چڱي نظام هيٺ آندا ويا.)

— علامہ علي خان ابڙو

27:18

حَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ؀18

(حضرت سليمان پنهنجي لشڪر سان ڪنهن طرف ڪوچ ڪيو) تان جو ڪولين جي ماٿريءَ منجهان اچي لنگهيا. هڪڙي ڪول (واڪو ڪري) چيو ته، اي ڪوليون! پنهنجي گهرن يا ٻرن ۾ گهڙي وڃو، متان حضرت سليمان ۽ سندس لشڪر بي خبريءَ ۾ اوهان کي لتاڙي چيڀاٽي ماري ڇڏين.

— علامہ علي خان ابڙو

27:19

فَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ ؀19

انهيءَ ڳالهه تي حضرت سليمان مرڪي کلي ويٺو ۽ چوڻ لڳو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي توفيق ڏي ته مان تنهنجي انهيءَ احسان جي شڪرگذاري (عملاً) ڏيکاريان جو مون تي ڪيو اٿئي ۽ منهنجي پيءُ تي ڪيو اٿئي. ۽ هيءَ به توفيق ڏي ته اهڙا صالح عمل ڪيان جي توکي پسند پون ۽ مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ شامل ڪر.

— علامہ علي خان ابڙو

27:20

وَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ ؀20

۽ (حضرت سليمان) پکين جي حاضري ورتي ۽ (سڀني گڏ ٿيل پکين کي نظر مان ڪڍي) چيائين ته، هي ڇا! ڪهڙي ڳالهه آهي جو مان هد هد (پکيءَ) کي ڪونه ٿو ڏسان؟ يا (هيئن آهي ڇا) ته هو غيرحاضر آهي؟

— علامہ علي خان ابڙو