022 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 78 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۚ اِنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَيْءٌ عَظِيْمٌ 1
اي انسانؤ! پنهجي پروردگار (جي عذاب) کان ڊڄو. يقين رکو ته اچڻ واري گهڙيءَ جو زلزلو هڪڙو وڏو سخت واقعو ٿيندو.
— علامہ علي خان ابڙويَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّآ اَرْضَعَتْ وَتَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَتَرَى النَّاسَ سُكٰرٰي وَمَا هُمْ بِسُكٰرٰي وَلٰكِنَّ عَذَابَ اللّٰهِ شَدِيْدٌ 2
جنهن ڏينهن اها گهڙي اوهان جي اڳيان اچي ويندي تنهن ڏينهن (ڪنهن کي به ڪنهن جي به خبر ڪانه رهندي) ٿڃ پياريندڙ عورتون پنهنجي ٿڃ پيئندڙ ٻچڙن کي به وساري ڇڏينديون. سڀئي حامله (وقت کان اڳي) پنهنجا ٻار ڪيرائي ڇڏينديون. ماڻهن کي اوهان اهڙي حال ۾ ڏسندؤ جو ڄڻ ته سچ پچ متوالا ۽ پاڳل بڻجي ويا آهن، هو متوالا يا ديوانا ڪونه هوندا، پر الله جي عذاب جي خوفناڪي وڏي خوفناڪ آهي (جا هنن کي ديوانن وانگر بيهوش ڪري ڇڏيندي.)
— علامہ علي خان ابڙووَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّيَتَّبِـعُ كُلَّ شَيْطٰنٍ مَّرِيْدٍ 3ۙ
۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جو الله جي باري ۾ بحث ۽ جهڳڙا ٿا ڪن اگرچه هنن وٽ علم به ڪونهي، اهي ماڻهو هرهڪ سرڪش شيطان پٺيان لڳي ٿا پون (۽ سندس تابعداري ٿا ڪن)
— علامہ علي خان ابڙوكُتِبَ عَلَيْهِ اَنَّهٗ مَنْ تَوَلَّاهُ فَاَنَّهٗ يُضِلُّهٗ وَيَهْدِيْهِ اِلٰى عَذَابِ السَّعِيْرِ 4
شيطان متعلق هيءَ ڳالهه (خدا وٽ) لکجي ويئي آهي ته جيڪو به سندس رفيق ٿيندو تنهن کي هو ضرور گمراهيءَ ۾ وجهندو ۽ جهنم جي عذاب تائين پهچائي ڇڏيندو.
— علامہ علي خان ابڙويٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنْ كُنْتُمْ فِيْ رَيْبٍ مِّنَ الْبَعْثِ فَاِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُـمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُـمَّ مِنْ مُّضْغَةٍ مُّخَلَّقَةٍ وَّغَيْرِ مُخَلَّقَةٍ لِّنُبَيِّنَ لَكُمْ ۭ وَنُقِرُّ فِي الْاَرْحَامِ مَا نَشَاۗءُ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ثُـمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُـمَّ لِتَبْلُغُوْٓا اَشُدَّكُمْ ۚ وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّتَوَفّٰى وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّرَدُّ اِلٰٓى اَرْذَلِ الْعُمُرِ لِكَيْلَا يَعْلَمَ مِنْۢ بَعْدِ عِلْمٍ شَيْــــًٔا ۭ وَتَرَى الْاَرْضَ هَامِدَةً فَاِذَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاۗءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ وَاَنْۢبَتَتْ مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 5
اي انسانو! جيڪڏهن اوهان کي هن باري ۾ شڪ آهي ته ماڻهو (ٻيهر) جيئرو ٿي اٿندو ته (هن ڳالهه تي غور ڪيو) اسان توهان کي (ڇا مون) پيدا ڪيو؟ مٽيءَ مان. پوءِ (توهان جي ڄمڻ ۽ پيدا ٿيڻ جو سلسلو ڪهڙيءَ طرح جاري رهيو؟) هن طرح جو پهريائين نطفو ٿو ٿئي. پوءِ علقه (يعني ڄميل رت جو ٽڪرو، ماءُ جي پيٽ ۾) بنجي ٿو پوي. پوءِ وري ڪجهه شڪل وارو ۽ ڪجهه بي شڪل گوشت جو ٽڪرو ٿي ٿو پوي، ۽ اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو ته توهان جي لاءِ (پنهنجي قدرت جا ڪارناما) چٽا ۽ ظاهر ڪري ڇڏيون. پوءِ ڏسو ته، جنهن نطفي متعلق اسان چاهيون ٿا ته (ٻار جي صورت وٺي) تنهن کي عورت جي رحم (يعني ڳهڻ) ۾ هڪ مقرر وقت تائين قرار ڏيون ٿا. پوءِ (جڏهن نطفو سڀني مقرر حالتن مان لنگهي ٿو تڏهن) ٻاراڻي حالت ۾ اوهان کي ٻاهر ڪڍون ٿا. پوءِ توهان کي (هڪٻئي پٺيان) اهڙين حالتن ۾ آڻيون ٿا جو (آخر) پنهنجي جوانيءَ جي عمر کي پهچي ٿا وڃو. پوءِ توهان ۾ ڪو ته اهڙو ٿو ٿئي جو (ٻڍاپڻ کان اڳي ئي) مري ٿو وڃي. ۽ ڪو وري اهڙو ٿو ٿئي جو (ٻڍاپڻ تائين پهچي ٿو ۽) عمر جي نڪمي ۽ ضعيف حالت ڏانهن موٽائي آندو ٿو وڃي (جيئن ٻاراڻي حالت ۾ هو) تان جو علم ۽ عقل وارو درجو حاصل ڪري وري بي سمجهيءَ جي حالت ۾ پئجي ٿو وڃي. ۽ (اوڀڙن جو مثال وٺو) توهان ڏسو ٿا ته زمين سڪي ٺوٺ ٿيل آهي. پوءِ جڏهن اسان ان تي پاڻي وسايون ٿا ته تڏهن جهٽ پٽ لڏڻ ۽ اڀرڻ لڳي ٿي ۽ هر قسم جا اوڀڙ (گاهه ٻوٽا پوکون وغيره) ڄمي اڀري سهڻو نظارو ڏيکارين ٿا.
— علامہ علي خان ابڙوذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ هُوَ الْـحَقُّ وَاَنَّهٗ يُـحْيِ الْمَوْتٰى وَاَنَّهٗ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6ۙ
اهو سڀ هن ڳالهه جو دليل آهي ته الله جي هستي هڪ حقيقت آهي ۽ هو بيشڪ مُردن کي زنده ڪري ٿو ڇڏي، ۽ هو هر ڪنهن ڳالهه ۽ ڪم جي قدرت رکي ٿو (۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.)
— علامہ علي خان ابڙووَّاَنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ لَّا رَيْبَ فِيْهَا ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ يَبْعَثُ مَنْ فِي الْقُبُوْرِ 7
۽ پڻ هن ڳالهه جو دليل آهي ته مقرر گهڙي اچڻي آهي، ۽ ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي ۽ پڻ هن ڳالهه جو دليل آهي ته الله تعاليٰ ضرور انهن کي اٿاري کڙو ڪندو، جيڪي قبرن ۾ آهن، (يعني جيڪي مري ويا آهن، سي وري مقرر وقت تي جيئرا ڪيا ويندا، جيئن مينهن پوڻ تي اوڀڙ مقرر وقت تي اڀري نڪرندا آهن).
— علامہ علي خان ابڙووَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 8ۙ
۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا آهن جن وٽ نڪو آهي علم، نڪا اٿن رهنمائي ۽ نڪي ڪو روشن ڪتاب، تنهن هوندي به الله جي باري ۾ جهڳڙا ٿا ڪن.
— علامہ علي خان ابڙوثَانِيَ عِطْفِهٖ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ لَهٗ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ وَّنُذِيْقُهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَذَابَ الْحَرِيْقِ 9
۽ هٺ وڏائي سان جهڳڙا ٿا ڪن، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي الله جي راه کان هٽائي گمراهه ڪري ڇڏين. اهڙن ماڻهن لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ به خواري خرابي آهي، ۽ قيامت جي ڏينهن به اسان کين باهه جي عذاب جو مزو چکائينداسين.
— علامہ علي خان ابڙوذٰلِكَ بِـمَا قَدَّمَتْ يَدٰكَ وَاَنَّ اللّٰهَ لَيْسَ بِظَلَّامٍ لِّـلْعَبِيْدِ ۧ10
(هر هڪ کي چيو ويندو ته) هي (عذاب) انهيءَ جو نتيجو آهي جو توهان پاڻ پنهنجي هٿن سان اڳيئي مهيا ڪري رکيو هو. ۽ الله تعاليٰ ته پنهنجي بندن لاءِ ڪڏهن به ظالم ٿي نٿو سگهي.
— علامہ علي خان ابڙووَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّعْبُدُ اللّٰهَ عَلٰي حَرْفٍ ۚ فَاِنْ اَصَابَهٗ خَيْرُ ۨاطْـمَاَنَّ بِهٖ ۚ وَاِنْ اَصَابَتْهُ فِتْنَةُ ۨانْقَلَبَ عَلٰي وَجْهِهٖ ڗ خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةَ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ 11
۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جو الله جي بندگي ته ڪن ٿا پر دل جي ڄمائي سان نٿا ڪن جيڪڏهن هنن کي ڪو فائدو ٿو پهچي ته دل کي آرام اچين ٿو. پر جيڪڏهن ڪنهن (تڪليف جي) آزمائش ۾ پون ٿا ته پٺي ڏئي پنهنجي (ڪفر جي) حالت ڏي موٽي پون ٿا. هو دنيا ۾ به نامراد ٿين ٿا ۽ اخرت ۾ به. ۽ اهائي ظاهر ظهور نامرادي آهي.
— علامہ علي خان ابڙويَدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّهٗ وَمَا لَا يَنْفَعُهٗ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ ۚ12
هو الله کي ڇڏي انهن شين کي (پنهنجي حاجت روائيءَ لاءِ) سڏين ٿا جي نڪي کين نقصان پهچائي سگهن ٿيون نڪي فائدو. اهائي گمراهي آهي جا سڀني کان وڌيڪ اونهي گمراهي آهي.
— علامہ علي خان ابڙويَدْعُوْا لَمَنْ ضَرُّهٗ ٓ اَقْرَبُ مِنْ نَّفْعِهٖ ۭ لَبِئْسَ الْمَوْلٰى وَلَبِئْسَ الْعَشِيْرُ 13
اهي اهڙي هستيءَ کي سڏين ٿا جنهن جي نفع کان زياده ان جو نقصان وڌيڪ ويجهو آهي. (نفعو جيڪڏهن کڻي ڏسڻ ۾ به اچي ته به اهو وهمي آهي نه سچو نفعو). بيشڪ بڇڙو آهي (اهڙو) دوست ۽ بڇڙو آهي (اهڙو) ساٿاري.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيْدُ 14
جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل به ٿا ڪن تن کي ضرور الله تعاليٰ اهڙن باغن ۾ پهچائي ڇڏيندو جن جي تَري ۾ نهرون وهي رهيون هونديون. الله تعاليٰ جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو (هو مالڪ ۽ مختار آهي)
— علامہ علي خان ابڙومَنْ كَانَ يَظُنُّ اَنْ لَّنْ يَّنْصُرَهُ اللّٰهُ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ فَلْيَمْدُدْ بِسَبَبٍ اِلَى السَّمَاۗءِ ثُـمَّ لْيَقْطَعْ فَلْيَنْظُرْ هَلْ يُذْهِبَنَّ كَيْدُهٗ مَا يَغِيْظُ 15
جيڪو ماڻهو (نااميد ٿي) اهو خيال ٿو ڪري ته الله تعاليٰ دنيا ۽ آخرت ۾ سندس مدد ڪونه ڪندو، (تنهن لاءِ زندگيءَ جي ڪابه راهه باقي نه رهي) کيس گهرجي ته هڪ رسي ڇت تائين کڻي ان کي ڇت سان ٻڌي ڇڏي ۽ (ان ۾ گردن اٽڪائي زمين کان پنهنجو) لاڳاپو ڇني ڇڏي (يعني ڦاهو کائي مري) پوءِ ڏسي ته انهيءَ تدبير سان سندس غم ۽ غصو دور ٿئي ٿو يا نه!
— علامہ علي خان ابڙووَكَذٰلِكَ اَنْزَلْنٰهُ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ ۙ وَّاَنَّ اللّٰهَ يَهْدِيْ مَنْ يُّرِيْدُ 16
۽ ڏسو اهڙيءَ طرح اسان هي ڪلام روشن دليلن جي شڪل ۾ نازل ڪيو ۽ هن لاءِ نازل ڪيو جو الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي (ڪاميابيءَ جي) راهه تي لڳائي ڇڏي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَالَّذِيْنَ هَادُوْا وَالصّٰبِــِٕــيْنَ وَالنَّصٰرٰي وَالْمَجُوْسَ وَالَّذِيْنَ اَشْرَكُـوْٓا ڰ اِنَّ اللّٰهَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 17
جن ماڻهن ايمان آندو آهي، (يعني مسلمان آهن) جي يهودي آهن، صابي آهن، نصاريٰ آهن، مجوسي آهن يا مشرڪ آهن، تن سڀني جي باري ۾ قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ فيصلو ڪري ڇڏيندو (۽ انهن جي عملن جي حقيقت ظاهر ٿي پوندي) ان کان ڪابه ڳالهه لڪل ناهي. هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي.
— علامہ علي خان ابڙواَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ يَسْجُدُ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ وَالنُّجُوْمُ وَالْجِبَالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوَاۗبُّ وَكَثِيْرٌ مِّنَ النَّاسِ ۭ وَكَثِيْرٌ حَقَّ عَلَيْهِ الْعَذَابُ ۭ وَمَنْ يُّهِنِ اللّٰهُ فَـمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يَشَاۗءُ ڍ 18
ڇا توهان نٿا ڏسو ته جيڪو به آسمان ۾ آهي ۽ جيڪو به زمين ۾ آهي، ۽ پڻ سج، چنڊ، تارا، جبل، وڻ، چوپايا جانور سڀ الله جي اڳيان سجدي ۾ جهڪيل آهن، (يعني الله تعاليٰ جيڪا سندن فطرت ڪئي آهي، تنهن موجب عمل ڪري رهيا آهن) ۽ ڪيترائي انسان به (فطرت جي قانون تي رهلي رهيا آهن پر افسوس جو) گهڻائي انسان اهڙا به آهن جن تي عذاب جي حقداري (يا لائقيت) ثابت ٿي چڪي آهي (ڇو ته هنن جا عمل فطرت، عقل ۽ وحي جي خلاف آهن) ۽ (ياد رکو ته) جنهن کي به الله تعاليٰ ذلت ۽ خواريءَ ۾ وجهي تنهن لاءِ ڪوبه ڪونهي جو کيس عزت ڏيڻ وارو هجي. اهو الله جيڪي به چاهي ٿو سو ڪري ٿو ڇڏي.
— علامہ علي خان ابڙوھٰذٰنِ خَصْمٰنِ اخْتَصَمُوْا فِيْ رَبِّهِمْ ۡ فَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا قُطِّعَتْ لَهُمْ ثِيَابٌ مِّنْ نَّارٍ ۭ يُصَبُّ مِنْ فَوْقِ رُءُوْسِهِمُ الْحَمِيْمُ ۚ19
(ڏسو) اهي ٻه مخالف (فرقا) آهن جيڪي پنهنجي پروردگار جي باري ۾ هڪ ٻئي جي ابتڙ ڳالهيون ٻڌائين ٿا، انهن مان جيڪي ڪفر جي واٽ وٺن ٿا تن جي لاءِ باهه جا ڪپڙا ماپي ڪتري تيار ڪيا ويندا، ۽ انهن جي مٿن تي ٽهڪندڙ پاڻي پرٽايو ويندو.
— علامہ علي خان ابڙويُصْهَرُ بِهٖ مَا فِيْ بُطُوْنِهِمْ وَالْجُلُوْدُ ۭ20
ان (جي ساڙيندڙ گرميءَ) کان جيڪي هنن جي پيٽ ۾ آهي سو کامڻ ۽ جلڻ لڳندو ۽ سندن چمڙيون به جلڻ لڳنديون.
— علامہ علي خان ابڙو