021 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 112 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَهُمْ فِيْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَ 1ۚ
اهو وقت ويجهو اچي ويو آهي، جڏهن ماڻهن کان (سندن عملن جو) حساب ورتو ويندو، تنهن هوندي به سندن حال هي آهي جو منهن ڦيرائي غفلت ۾ غلطان ٿي (تباهيءَ ڏي) وڃي رهيا آهن.
— علامہ علي خان ابڙومَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنْ رَّبِّهِمْ مُّحْدَثٍ اِلَّا اسْتَـمَعُوْهُ وَهُمْ يَلْعَبُوْنَ 2ۙ
سندن پروردگار وٽان هنن لاءِ نصيحت جون ڳالهيون هڪٻئي پٺيان اچي رهيون آهن، پر ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي جو هنن دل لڳائي ٻڌيون هجن. هو ٻڌن به ٿا پر اهڙيءَ طرح جو ڄڻ ته راند (۽ کل مسخريءَ) ۾ مشغول آهن.
— علامہ علي خان ابڙولَاهِيَةً قُلُوْبُهُمْ ۭ وَاَسَرُّوا النَّجْوَي ڰ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ هَلْ ھٰذَآ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ ۚ اَفَتَاْتُوْنَ السِّحْرَ وَاَنْتُمْ تُبْصِرُوْنَ 3
سندن دليون بلڪل غافل آهن، ۽ (ڏسو ته) ظلم ڪندڙ مخفي طرح ڪن سن ۾ هڪٻئي کي چئي رهيا آهن ته، هي ماڻهو (حضرتﷺ) سواءِ هن جي ٻيو ڇاهي ته اسان جهڙو هڪڙو ماڻهو آهي. پوءِ ڇا توهان ڏسي وائسي اهڙي هنڌ ٿا وڃو جتي جادوءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪينهي.
— علامہ علي خان ابڙوقٰلَ رَبِّيْ يَعْلَمُ الْقَوْلَ فِي السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۡ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 4
(پيغمبرﷺ) فرمايو ته، آسمان ۽ زمين ۾ جيڪا به ڳالهه چئي وڃي ٿي (لڪل توڙي ظاهر) سا سڀ منهنجي پروردگار کي معلوم آهي. هو (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙوبَلْ قَالُـوْٓا اَضْغَاثُ اَحْلَامٍۢ بَلِ افْتَرٰىهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ ښ فَلْيَاْتِنَا بِاٰيَةٍ كَـمَآ اُرْسِلَ الْاَوَّلُوْنَ 5
(اهي قريش نه رڳو ائين ٿا چون پر) هيئن به ٿا چون ته اهي رڳو خواب ۽ خيال جون ڳالهيون آهن، بلڪه هٿرادو (پنهنجي دل مان) ٺاهه ٺاهيا اٿس. نه نه بلڪه هو شاعر آهي. جيڪڏهن ائين ناهي ته ڀلا (اسان تي بربادي اچڻ جي) ڪا نشاني ته آڻي ڏيکاري جهڙيءَ طرح اڳوڻن وقتن جي پيغمبرن ڏي موڪليون ويون هيون.
— علامہ علي خان ابڙومَآ اٰمَنَتْ قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا ۚ اَفَهُمْ يُؤْمِنُوْنَ 6
پر (حقيقت هي آهي ته) انهن کان اڳي جن جن بستين کي اسان برباد ڪيو تن ۾ ته ڪنهن به (برباديءَ جي اچڻ جون نشانيون ڏسي) ايمان ڪونه آندو هو. پوءِ هي ماڻهو وري ايمان آڻيندا ڇا؟ (نه نه! سچائيءَ تي غور نه ڪرڻ وارن لاءِ هميشه اهو قانون رهيو آهي ۽ رهندو).
— علامہ علي خان ابڙووَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ اِلَّا رِجَالًا نُّوْحِيْٓ اِلَيْهِمْ فَسْــَٔـلُوْٓا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 7
۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳي ڪي پيغمبر نه موڪليا، پر اهڙيءَ طرح جو هو به (تو وانگر) ماڻهو هئا. انهن تي اسان جو وحي نازل ٿيندو هو. پوءِ (اي منڪرؤ!) جيڪڏهن توهان کي اها ڳالهه معلوم ناهي ته انهن ماڻهن کان پڇي معلوم ڪيو جيڪي اهل ڪتاب آهن.
— علامہ علي خان ابڙووَمَا جَعَلْنٰهُمْ جَسَدًا لَّا يَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَمَا كَانُوْا خٰلِدِيْنَ 8
۽ اسان انهن پيغمبرن کي ڪڏهن به اهڙي جسم جو نه بنايو هو جو ماني نه کائيندا هجن، نڪي هو هميشه زنده رهڻ وارا هئا.
— علامہ علي خان ابڙوثُـمَّ صَدَقْنٰهُمُ الْوَعْدَ فَاَنْجَيْنٰهُمْ وَمَنْ نَّشَاۗءُ وَاَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِيْنَ 9
اسان انهن سان (پنهنجي) واعدي کي سچو ڪيو. پوءِ انهن (پيغمبرن) کي ۽ (انهن سان گڏ) جنهن کي به چاهيو نجات ڏني (يعني ظالمن کان بچايو) ۽ حد کان ٻاهر ويندڙ (منڪرن) کي تباهه ڪري ڇڏيو.
— علامہ علي خان ابڙولَقَدْ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكُمْ كِتٰبًا فِيْهِ ذِكْرُكُمْ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ ۧ10
اسان توهان جي لاءِ هڪڙو ڪتاب نازل ڪيو آهي، ان ۾ توهان جي لاءِ نصيحت آهي (ان کان وڌيڪ توهان کي ٻيو ڇا گهرجي. ان کان وڌيڪ ڪابه ٻي نشاني ٿي سگهي ٿي ڇا؟) ڇا توهان سمجهه ئي نٿا هلايو (ڇو نٿا عقل کان ڪم وٺو.)
— علامہ علي خان ابڙووَكَمْ قَصَمْنَا مِنْ قَرْيَةٍ كَانَتْ ظَالِمَةً وَّاَنْشَاْنَا بَعْدَهَا قَوْمًا اٰخَرِيْنَ 11
۽ ڪيتريون ئي بستيون جيڪي ظلم ۽ شرارت ۾ غرق هيون اسان پائمال ڪري ڇڏيون، ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن کي اٿاري کڙو ڪيوسين.
— علامہ علي خان ابڙوفَلَمَّآ اَحَسُّوْا بَاْسَنَآ اِذَا هُمْ مِّنْهَا يَرْكُضُوْنَ ۭ12
جڏهن اسان جو عذاب هنن محسوس ڪيو تڏهن ڏسو ته اوچتوئي اوچتو ڳوٺن مان ڀڄي رهيا آهن، (جيئن جنگ جي وقت فاتح لشڪر جي خوف کان ماڻهو ڀڄندا آهن ته متان ڦرين ۽ مارين).
— علامہ علي خان ابڙولَا تَرْكُضُوْا وَارْجِعُوْٓا اِلٰى مَآ اُتْرِفْتُمْ فِيْهِ وَمَسٰكِنِكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْــَٔـلُوْنَ 13
نه ڀڄو (هاڻي ڪاڏي ڀڄندؤ؟) پنهنجي انهيءَ ئي عيش عشرت ڏي موٽو (جنهن ۾ غرق ۽ غافل ٿي ويا هئو) ۽ انهن گهرن ڏي موٽو (جن جي مضبوطيءَ تي توهان کي غرور هو) شايد توهان کان ڪجهه پڇيو وڃي.
— علامہ علي خان ابڙوقَالُوْا يٰوَيْلَنَآ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 14
هنن (بستين جي ماڻهن) دانهون ڪري چيو ته، افسوس آهي اسان جي حال تي! بيشڪ اسان ظالم هئاسين.
— علامہ علي خان ابڙوفَـمَا زَالَتْ تِّلْكَ دَعْوٰىهُمْ حَتّٰى جَعَلْنٰهُمْ حَصِيْدًا خٰمِدِيْنَ 15
(ڏسو) هو ائين ئي دانهون ڪندا رهيا، تان جو اسان هنن کي (برباد ڪري) لابارو ڪيل پوک وانگر ۽ وساڻيل اڱرن وانگر ڪري ڇڏيو.
— علامہ علي خان ابڙووَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لٰعِبِيْنَ 16
(ڏسو) اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي کيل تماشي طور ڪونه بنايو آهي، (ڪنهن مصلحت ۽ مقصد لاءِ بنايو آهي.)
— علامہ علي خان ابڙولَـوْ اَرَدْنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ لَهْوًا لَّاتَّخَذْنٰهُ مِنْ لَّدُنَّآ ڰ اِنْ كُنَّا فٰعِلِيْنَ 17
جيڪڏهن اسان کي کيل تماشو ڪرڻ جو ارادو هجي ها ته (ڪير اسان کي روڪي سگهي ها؟) اسان پاڻ پنهنجي طرفان اهڙوئي (کيل تماشي وارو) ڪارخانو بنايون ها، پر اسان ائين ڪرڻ پسند نه ڪيو.
— علامہ علي خان ابڙوبَلْ نَقْذِفُ بِالْـحَقِّ عَلَي الْبَاطِلِ فَيَدْمَغُهٗ فَاِذَا هُوَ زَاهِقٌ ۭ وَلَـكُمُ الْوَيْلُ مِـمَّا تَصِفُوْنَ 18
بلڪ (حقيقت هيءَ آهي ته) اسان باطل تي حق جي ضرب (چوٽ) لڳايون ٿا ته اهو حق باطل جو مغزئي ڀڃي ٿو ڇڏي، ۽ هڪدم ان کي فنا ڪري ٿو ڇڏي، افسوس آهي اوهان تي! توهان ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون بيان ٿا ڪيو!
— علامہ علي خان ابڙووَ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَ مَنْ عِنْدَهٗ لَا يَسْـتَكْبِرُوْنَ عَنْ عِبَادَتِهٖ وَ لَا يَسْتَحْسِرُوْنَ ۚ19
جيڪو به آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو به زمين تي آهي سڀ انهيءَ ئي (خدا) لاءِ آهن، ۽ جيڪي (فرشتا) سندس حضور ۾ آهن سي ڪڏهن به هٺ وڏائي ۾ پئجي سندس ٻانهپ کان منهن نٿا موڙين، نڪي (بندگي ڪرڻ ۾) ٿڪجي ٿا پون.
— علامہ علي خان ابڙويُسَبِّحُوْنَ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ لَايَفْتُرُوْنَ 20
هو رات ڏينهن سندس شان ۽ پاڪائي ڳائيندا رهن ٿا ۽ ڪڏهن به بس نٿا ڪن.
— علامہ علي خان ابڙو