020 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 135 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
طٰهٰ 1ۚ
طاها (يعني اي شخص)
— علامہ علي خان ابڙومَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْاٰنَ لِتَشْقٰٓي 2ۙ
اسان توتي قرآن هن لاءِ نازل نه ڪيو آهي ته تون ڏکن ۽ تڪيلفن ۾ پوين.
— علامہ علي خان ابڙواِلَّا تَذْكِرَةً لِّمَنْ يَّخْشٰى 3ۙ
هي ته انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهي ته جيڪا دل (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) ڊڄندڙ هجي تنهن جي لاءِ نصيحت ٿئي. (جيڪي ڊڄڻ وارا ناهن سي ان کي ٻڌندا به ڪين.)
— علامہ علي خان ابڙوتَنْزِيْلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْاَرْضَ وَالسَّمٰوٰتِ الْعُلٰى 4ۭ
اهو قرآن انهيءَ هستيءَ جو نازل ڪيل آهي، جنهن زمين پيدا ڪئي ۽ بلنديءَ وارو آسمان پيدا ڪيو.
— علامہ علي خان ابڙواَلرَّحْمَنُ عَلَي الْعَرْشِ اسْتَوٰى 5
اهو رحمان جو (جهانداري جي) تخت تي محڪم آهي.
— علامہ علي خان ابڙولَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَـحْتَ الثَّرٰى 6
جيڪي جيڪي آسمان ۾ ۽ زمين ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي مٽيءَ جي هيٺان آهي (يعني زمين جي هيٺان آهي) سو سڀ سندس ئي آهي ۽ سندس ئي لاءِ آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَاِنْ تَجْــهَرْ بِالْقَوْلِ فَاِنَّهٗ يَعْلَمُ السِّرَّ وَاَخْفٰي 7
۽ جيڪڏهن تون (خدا کي) وڏي آواز سان ٿو سڏين (ته خدا جو ٻڌڻ وڏي آواز جو محتاج ناهي) ڇو ته هو لڪل ڳجهن جو به ڄاڻندڙ آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ لڪل ڳجهه به ڄاڻي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙواَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ لَهُ الْاَسْمَاۗءُ الْحُسْنٰى 8
اهوئي الله آهي، کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. انهيءَ ئي لاءِ سهڻا ۽ چڱا نالا (يعني صفتون) آهن.
— علامہ علي خان ابڙووَهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى 9ۘ
۽ (اي پيغمبر!) حضرت موسيٰ جي ڳالهه تو ٻڌي آهي؟
— علامہ علي خان ابڙواِذْ رَاٰ نَارًا فَقَالَ لِاَهْلِهِ امْكُـثُوْٓا اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا لَّعَلِّيْٓ اٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِقَبَسٍ اَوْ اَجِدُ عَلَي النَّارِ هُدًى 10
جڏهن هن (پري کان) باهه ڏٺي تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن کي (جيڪي ساڻس سفر ۾ گڏ هئا) چيائين ته بيهو مون کي باهه ٿي ڏسڻ ۾ اچي. مان (اوڏانهين) وڃان ٿو. ممڪن آهي ته توهان جي (سيءَ لاهڻ) لاءِ ٽانڊو کڻي اچان. يا ڪم از ڪم باهه وٽ (ويٺل) ڪو واٽ ڏيکارڻ وارو ملي وڃي.
— علامہ علي خان ابڙوفَلَمَّآ اَتٰىهَا نُوْدِيَ يٰمُوْسٰى ۭ11
پوءِ جڏهن هو اتي پهتو تڏهن آواز آيو ته، اي موسي!
— علامہ علي خان ابڙواِنِّىْٓ اَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ ۚ اِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۭ12
مان تنهنجو پروردگار آهيان، سو (ادب کان) پنهنجي جتي لاهي ڇڏ. تون طويٰ جي پاڪ ماٿري ۾ اچي بيٺو آهين.
— علامہ علي خان ابڙووَاَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوْحٰى 13
۽ ڏس مون توکي (رسول بنائڻ لاءِ) چونڊيو آهي. سو جيڪو وحي موڪلجي ٿو سو ڪن لائي ٻڌ.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّنِيْٓ اَنَا اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاعْبُدْنِيْ ۙ وَاَ قِمِ الصَّلٰوةَ لِذِكْرِيْ 14
بيشڪ مان ئي الله آهيان، مون کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. تنهن ڪري فقط منهنجي ٻانهپ ڪر ۽ منهنجي يادگيري (رکڻ) لاءِ نماز قائم ڪر.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ اَكَادُ اُخْفِيْهَا لِتُجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا تَسْعٰي 15
بيشڪ (مقرر) وقت اچڻ وارو آهي. آءٌ ان (جي وقت) کي لڪائڻ گهران ٿو، انهيءَ لاءِ ته (ماڻهن جي ايمان ۽ عمل جي آزمائش ٿئي ۽) جنهن شخص جي جهڙي ڪوشش هجي تهڙو بدلو کيس ملي.
— علامہ علي خان ابڙوفَلَا يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لَّا يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوٰىهُ فَتَرْدٰى 16
پوءِ (ڏسجانءِ ته ائين نه ٿئي جو) اهي ماڻهو جيڪي ان وقت جي اچڻ متعلق يقين رکندڙ نه هجن ۽ پنهنجي خواهشن جا غلام هجن، سي توکي به (اڳتي وڌڻ کان) روڪي وجهن ۽ نتيجو هيءُ نڪري جو تون تباهه ٿي وڃين.
— علامہ علي خان ابڙووَمَا تِلْكَ بِيَمِيْنِكَ يٰمُوْسٰى ١7
۽ (غيبي آواز پڇيو ته) اي موسيٰ! تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ هِىَ عَصَايَ ۚ اَتَـوَكَّؤُا عَلَيْهَا وَاَهُشُّ بِهَا عَلٰي غَنَمِيْ وَلِيَ فِيْهَا مَاٰرِبُ اُخْرٰى 18
حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته، هيءَ منهنجي لٺ آهي. گهمڻ ۾ ان تي ٽيڪ ڏيندو آهيان، انهيءَ ئي سان پنهنجي ٻڪرين جي لاءِ وڻن جا پن ڇاڻيندو آهيان، ۽ منهنجي لاءِ ان ۾ ٻيا به طرحين طرحين جا فائدا آهن.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ اَلْقِهَا يٰمُوْسٰى 19
حڪم ٿيو ته، اي موسيٰ! ان کي (زمين تي) رک.
— علامہ علي خان ابڙوفَاَلْقٰىهَا فَاِذَا هِىَ حَيَّةٌ تَسْعٰي 20
حضرت موسيٰ ان کي (زمين تي) ڦٽو ڪيو ته ڇا ڏسي ته، هڪ نانگ آهي جو ڊوڙي ٿو پيو.
— علامہ علي خان ابڙو