002 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 286 آيتون ۽ 40 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
الۗمّۗ 1ۚ
الف لام ميم
— علامہ علي خان ابڙوذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ ڔ ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ 2ۙ
هيءُ (خدائي) ڪتاب آهي ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي. خدا کان ڊڄندڙن پرهيزگارن لاءِ (سعادت جي) راه کولي ڏيکاريندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِـمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۙ
جيڪي غيب (جي حقيقتن) تي ايمان رکن ٿا ۽ نماز تي محڪم رهن ٿا. ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي ان کي (نيڪي جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙووَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ۚ وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
۽ جيڪي توتي نازل ٿيل وحي تي ايمان آڻين ٿا ۽ پڻ انهن تي جي توکان اڳي (ٻين رسولن تي) نازل ٿيا ۽ ان سان گڏ آخرت جي زندگي جو به دل ۾ يقين رکن ٿا.
— علامہ علي خان ابڙواُولٰۗىِٕكَ عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ ۤ وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
يقيناً اهي ئي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي (ڏيکاريل) رستي تي (هلندڙ) آهن، ۽ اهي ئي (دنيا ۽ آخرت جي) ڪاميابي ۽ نعمتون ماڻيندا.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَھُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 6
پر اهي ماڻهو جي (ڄاڻي ٻجهي بغض يا خود غرضي سببان حقيقتن کان) انڪار ٿا ڪن ته پوءِ تون انهن کي (حق کان انڪار ڪرڻ جي برن نتيجن کان) ڊيڄارين ۽ خبردار ڪرين يا نه ڪرين، هو هرگز ڪين مڃيندا.
— علامہ علي خان ابڙوخَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَـمْعِهِمْ ۭ وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 7ۧ
انهن جي دلين ۽ ڪنن تي الله تعاليٰ مهر هڻي ڇڏي آهي (هو نه سمجهندا نه ٻڌندا) ۽ هنن جي اکين تي پردا چڙهي ويا آهن. انهن لاءِ سخت عذاب (تيار ڪيل) آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَبِالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَمَا ھُمْ بِـمُؤْمِنِيْنَ 8ۘ
ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي چون ٿا ته اسان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکون ٿا، مگر سچ پچ هو مومن ناهن.
— علامہ علي خان ابڙويُـخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ وَمَا يَـخْدَعُوْنَ اِلَّآ اَنْفُسَھُمْ وَمَا يَشْعُرُوْنَ 9ۭ
اهي الله کي ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏيڻ ٿا چاهين پر حقيقتاً هو پاڻ ئي ڌوڪي ۾ آهن، اگرچه (ناداني ۽ هٺ سببان ڏسن ۽ سمجهن نٿا.)
— علامہ علي خان ابڙوفِىْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَھُمُ اللّٰهُ مَرَضًا ۚ وَلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ ڏ بِـمَا كَانُوْا يَكْذِبُوْنَ 10
هنن جي دلين ۾ (ڪفر جو) مرض آهي، پوءِ خدا هنن جي مرض کي وڌائي ٿو ۽ هنن تي سخت عذاب ڪيو ويندو ڇو ته هو ڪوڙ ٿا ڳالهائين.
— علامہ علي خان ابڙووَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَ رْضِ ۙ قَالُوْٓا اِنَّـمَا نَـحْنُ مُصْلِحُوْنَ 11
جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ بگاڙو ۽ فسادن مچايو (بدعمليون نه ڪيو) تڏهن هو چون ٿا ته اسان ڪم سنوارڻ وارا آهيون.
— علامہ علي خان ابڙواَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَلٰكِنْ لَّا يَشْعُرُوْنَ 12
ياد رکو ته اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي خرابيون پکيڙين ٿا، اگرچه (ناداني سببان) ڏسن ۽ سمجهن نٿا.
— علامہ علي خان ابڙووَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ اٰمِنُوْا كَـمَآ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْٓا اَنُؤْمِنُ كَـمَآ اٰمَنَ السُّفَهَاۗءُ ۭ اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ السُّفَهَاۗءُ وَلٰكِنْ لَّا يَعْلَمُوْنَ 13
۽ جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته جيئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي تيئن توهان به ايمان آڻيو، تڏهن هو چون ٿا ته ڇا اسان به اهڙيءَ طرح ايمان آڻيون، جهڙيءَ طرح هنن بيوقوفن ايمان آندو آهي؟ ياد رکو ته هو پاڻ بيوقوف آهن مگر (ناداني ۽ هٺ سببان) اها ڳالهه نه ٿا ڄاڻن.
— علامہ علي خان ابڙووَاِذَا لَقُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْٓا اٰمَنَّا ښ وَاِذَا خَلَوْا اِلٰى شَيٰطِيْنِهِمْ ۙ قَالُوْٓا اِنَّا مَعَكُمْ ۙ اِنَّـمَا نَـحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ 14
جڏهن هي ماڻهو انهن ماڻهن سان ملن ٿا جن (حق جي دعوت تي) ايمان آندو آهي تڏهن چون ٿا ته اسان به ايمان آندوآهي، پر جڏهن پنهنجي شيطانن سان اڪيلا ويهن ٿا، تڏهن چون ٿا ته اسان توهان سان شامل آهيون ۽ اسان (هنن وٽ پاڻ کي مومن سڏائي ساڻن) مسخري ٿا ڪريون.
— علامہ علي خان ابڙواَللّٰهُ يَسْتَهْزِئُ بِـهِمْ وَيَـمُدُّھُمْ فِىْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَھُوْنَ 15
(حقيقتاً) خود هنن سان مسخري ٿي رهي آهي جو الله تعاليٰ کين ڊگهو رسو ڏنو آهي جنهن ڪري پنهنجي سرڪشيءَ ۾ انڌا ٿي هيڏي هوڏي ڀٽڪي رهيا آهن.
— علامہ علي خان ابڙواُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى ۠ فَـمَا رَبِـحَتْ تِّـجَارَتُھُمْ وَمَا كَانُوْا مُهْتَدِيْنَ 16
يقين ڪريو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن هدايت وڪڻي گمراهي خريد ڪئي آهي. پر نڪي هنن جو سودو فائديمند نڪتو آهي نه ڪي هدايت تي قائم رهيا آهن.
— علامہ علي خان ابڙومَثَلُھُمْ كَـمَثَلِ الَّذِى اسْـتَوْقَدَ نَارًا ۚ فَلَمَّآ اَضَاۗءَتْ مَا حَوْلَهٗ ذَھَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَتَرَكَھُمْ فِىْ ظُلُمٰتٍ لَّا يُبْصِرُوْنَ 17
انهن ماڻهن جو مثال اهڙو آهي جهڙو هڪڙي ماڻهو (رات جي اونداهيءَ ۾ واٽ ڀلجي) باهه ٻاري، پر جڏهن (باهه جي شعلن سان) آسپاس روشني ٿي ويئي تڏهن الله تعاليٰ اها باهه وسائي ڇڏي ۽ روشني هلي ويئي ۽ هنن کي اهڙي اوندهه ۾ ڦٽو ڪيائين جو ڪجهه به ڏسي نه سگهيا.
— علامہ علي خان ابڙوۻ بُكْمٌ عُـمْىٌ فَھُمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ۙ18
ٻوڙا گونگا ۽ انڌا ٿي پيا، تنهن ڪري هو (منافقي ۽ ڪفر جي اونده مان) موٽي نٿا سگهن.
— علامہ علي خان ابڙواَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاۗءِ فِيْهِ ظُلُمٰتٌ وَّرَعْدٌ وَّبَرْقٌ ۚ يَـجْعَلُوْنَ اَصَابِعَھُمْ فِىْٓ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ ۭ وَاللّٰهُ مُـحِيْطٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ 19
يا وري انهن ماڻهن جو مثال آسمان ۾ برسات سان ڀريل ڪڪر وانگر آهي جنهن سان گڏ اونداهيءَ جا تهه، گجگوڙ ۽ کوڻ جا تجلا هوندا آهن. اهي منافق (ان وقت برسات جي رحمت کان خوش ٿيڻ جي بدلي) ڪڪرن جي گجگوڙ کان موت جو ڊپ سمجهي دهلجي وڃن ٿا ۽ ڪنن ۾ آڱريون وجهن ٿا پر الله تعاليٰ ته (هر حال ۾) ڪافرن کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي.
— علامہ علي خان ابڙويَكَادُ الْبَرْقُ يَـخْطَفُ اَبْصَارَھُمْ ۭ كُلَّمَآ اَضَاۗءَ لَھُمْ مَّشَوْا فِيْهِ ڎ وَاِذَآ اَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُوْا ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَذَھَبَ بِسَمْعِهِمْ وَاَبْصَارِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَىْءٍ قَدِيْرٌ ۧ20
بجليءَ جي چمڪ ذري گهٽ هنن جي بينائي (يعني ڏسڻ جي طاقت) ڪڍي وٺي ٿي. جڏهن جڏهن اها چمڪ هنن کي روشني ڏئي ٿي تڏهن هو اڳتي هلن ٿا ۽ جڏهن وري اوندهه ٿي وڃي ٿي تڏهن بيهي ٿا رهن جيڪڏهن خدا چاهي ها ته سندن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي طاقت کسي وٺي ها. بيشڪ الله تعاليٰ کي هر شيءِ تي قدرت آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.
— علامہ علي خان ابڙو