019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
ڪاف- ها- يا- عين- صاد
— علامہ علي خان ابڙوذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
(اي پيغمبر!) تنهجي پروردگار پنهنجي بندي زڪريا تي جا مهرباني ڪئي هئي، تنهن جو بيان هي آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
(ڇا ٿيو جو) حضرت زڪريا دل ئي دل ۾ پنهنجي پروردگار کي پڪاريو.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
۽ التجا ڪئي (يعني دعا گهري) ته (اي) منهنجا پروردگار! منهنجو جسم ڪمزور ٿي پيو آهي، ۽ منهنجي مٿي جا وار بلڪل اڇا ٿي پيا آهن، اي منهنجا پروردگار! ڪڏهن به منهنجي دعا تنهنجي درگاهه ۾ ناقبول نه ٿي آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
هاڻي مون کي پنهنجي برادريءَ کان انديشو آهي ته منهنجي مرڻ بعد (خبر ناهي ته ڇا ڇا ڪندا) منهنجي اهليه (يعني زال) سنڍ آهي (يعني اهڙي حالت اٿس جو ٻار ڪونه ٿي ڄڻي سگهي) پوءِ تون پنهنجي خاص فضل سان مون کي هڪڙو وارث عطا ڪر.
— علامہ علي خان ابڙويَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
اهڙو وارث ڏي، جيڪو منهنجو به وارث ٿئي ۽ حضرت يعقوب جي خاندان (جي برڪتن) جو به وارث ٿئي ۽ اي پروردگار! ان وارث کي (پنهنجي نظر ۾ توڙي تنهنجي بندن جي نظر ۾) سند پيل ڪجانءِ.
— علامہ علي خان ابڙويٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
(تنهن تي حڪم ٿيو ته) اي ذڪريا اسان توکي هڪڙي پٽ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ٿا ڏيون جنهن جو نالو يحيٰ هوندو. اسان هن کان اڳي ڪنهن لاءِ به اهو نالو نه رکيو آهي.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
حضرت ذڪريا (عجب ۾ پئجي) چيو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي پٽ ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته منهنجي اهليه بانجهه (يعني سنڍ) ٿي چڪي آهي، ۽ مان گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو ته، ائين ئي ٿيندو. تنهنجو پروردگار فرمائي ٿو ته، ائين ڪرڻ منهنجي لاءِ بلڪل آسان آهي. مون هن کان اڳي توکي پيدا ڪيو، حالانڪ تنهنجي هستيءَ جو ڪو نالو نشان به ڪونه هو.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
تنهن تي زڪريا عرض ڪيو ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجي لاءِ (هن ڳالهه متعلق) ڪا هڪ نشاني ٺهرائي ڇڏ. الله تعاليٰ فرمايو ته، تنهنجي لاءِ نشاني هيءَ آهي ته ٽي راتيون لاڱيتو نه ڳالهاءِ.
— علامہ علي خان ابڙوفَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ هو پنهنجي قربان گاهه مان نڪتو ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ آيو. (هن زبان نه کولي) اشارن سان چيائين ته، صبح شام خدا جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪندا رهو.
— علامہ علي خان ابڙويٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
(جڏهن اهو پٽ ڄائو ۽ ڇوڪر ٿيو تڏهن الله تعاليٰ کيس حڪم ڪيو ته) اي يحيٰ خدا جي ڪتاب کي مضبوطيءَ سان جهل (يعني ان جي حڪمن تي پورو پابند رهه). هو اڃا ننڍو ڇوڪرو ئي هو ته، اسان کيس علم عقل ۽ فضيلت ڏني.
— علامہ علي خان ابڙووَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
۽ پڻ اسان کيس دل جي نرمي ۽ نفس جي پاڪائي عطا ڪئي ۽ هو وڏو پرهيزگار هو.
— علامہ علي خان ابڙووَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ ماءُ پيءُ لاءِ مهربان خدمتگار هو ۽ سختي ڪندڙ نافرمان نه هو.
— علامہ علي خان ابڙووَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
مٿس سلامتي هجي جنهن ڏينهن ڄائو ۽ جنهن ڏينهن وفات ڪيائين ۽ جنهن ڏينهن وري اٿاريو ويندو.
— علامہ علي خان ابڙووَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
۽ (اي پيغمبر! ماڻهن کي) هن ڪتاب ۾ (ڏنل) مريم جو معاملو بيان ڪري ٻڌاءِ. (انهيءَ وقت جو معاملو) جڏهن هوءَ هڪ مڪان (يعني جاءِ) ۾ ويئي جا اوڀر طرف هئي ۽ پنهنجي گهر جي ماڻهن کان جدا ٿي ويئي.
— علامہ علي خان ابڙوفَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
پوءِ هن انهن ماڻهن جي طرف کان پردو ڪري ڇڏيو. پوءِ اسان ان ڏانهن پنهنجو فرشتو موڪليو. اهو (فرشتو) هڪ ڀلاري نيڪ ماڻهو جي صورت ۾ ظاهر ٿيو.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
مريم ان کي ڏسي (گهٻرائجي ويئي ۽) چيائين ته، جيڪڏهن تون نيڪ ماڻهو آهين ته رحمان خدا جي نالي تي توکان پناهه ٿي گهران. (يعني منهنجي ويجهو نه اچ، ۽ نه وري ڪو نقصان پهچاءِ).
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
فرشتي چيو ته، مان تنهنجي پروردگار جو موڪليل آهيان، ۽ هن لاءِ موڪليو ويو آهيان ته، توکي هڪ پاڪ فرزند (جي خوشخبري) ڏيان.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
مريم فرمايو ته، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جو مون کي پٽ ٿئي، جڏهن ته مون کي ڪنهن به مرد هٿ نه لاتو آهي، ۽ نه وري بدچال آهيان.
— علامہ علي خان ابڙو