017 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
سُـبْحٰنَ الَّذِيْٓ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَيْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِيْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِيَهٗ مِنْ اٰيٰتِنَا ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 1
پاڪائي آهي انهيءَ (الله) جي لاءِ جنهن پنهنجي ٻانهي (حضرت محمدﷺ) کي راتو واه مسجد الحرام (يعني ڪعبت الله) کان مسجد الاقصيٰ (يعني بيت المقدس واري مسجد جا فلسطين جي شهر يروشلم ۾ آهي) تائين، جنهن مسجد جي جي پسگردائي کي اسان برڪت ڏني آهي، سير ڪرايو ۽ هن لاءِ (سير ڪرايو) ته اسان کيس پنهنجون نشانيون ڏيکاري ڇڏيون. بيشڪ اهوئي (الله) آهي جي ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَاٰتَيْنَا مُوْسَي الْكِتٰبَ وَجَعَلْنٰهُ هُدًى لِّبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اَلَّا تَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِيْ وَكِيْلًا 2ۭ
۽ (اهڙيءَ طرح) اسان موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ڏنو ۽ ان ڪتاب کي بني اسرائيلن جي لاءِ هدايت جو ذريعو بنايو (۽ حڪم ڏنو) ته مون کان سواءِ ڪنهن به ٻئي کي پنهنجو ڪارساز نه بنائجو.
— علامہ علي خان ابڙوذُرِّيَّــةَ مَنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوْحٍ ۭ اِنَّهٗ كَانَ عَبْدًا شَكُوْرًا 3
توهان (بني اسرائيل) انهن ماڻهن جو نسل آهيو جن کي اسان (طوفان جي تباهيءَ کان بچايو هو ۽) حضرت نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪرايو هو ۽ هو (حضرت نوح خدا جو) هڪ شڪرگذار ٻانهو هو.
— علامہ علي خان ابڙووَقَضَيْنَآ اِلٰى بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ فِي الْكِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِي الْاَرْضِ مَرَّتَيْنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا كَبِيْرًا 4
۽ اسان ڪتاب (تورات) ۾ بني اسرائيلن کي هن فيصلي جي خبر ڏئي ڇڏي هئي ته توهان ضرور ملڪ ۾ ٻه ڀيرا خرابيون پکيڙيندؤ ۽ تمام وڏي آڪڙ ۽ سرڪشي ڪندؤ.
— علامہ علي خان ابڙوفَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ اُوْلٰىهُمَا بَعَثْنَا عَلَيْكُمْ عِبَادًا لَّنَآ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ فَجَاسُوْا خِلٰلَ الدِّيَارِ ۭ وَكَانَ وَعْدًا مَّفْعُوْلًا 5
پوءِ جڏهن انهن ٻن وقتن مان پهريون وقت اچي ويو، تڏهن (اي بني اسرائيلؤ) اسان توهان جي مٿان اهڙا بندا (حملي ڪرڻ لاءِ) موڪليا جيڪي ڏاڍا خوفناڪ هئا. پوءِ اهي اوهان جي آبادين (رڳو ڳوٺن ۽ شهرن) جي اندر پکڙجي ويا ۽ الله جو واعدو ته انهيءَ ئي لاءِ هو ته پوريءَ طرح تعميل هيٺ اچي ۽ پورو ٿي وڃي.
— علامہ علي خان ابڙوثُـمَّ رَدَدْنَا لَكُمُ الْكَرَّةَ عَلَيْهِمْ وَاَمْدَدْنٰكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَجَعَلْنٰكُمْ اَكْثَرَ نَفِيْرًا 6
پوءِ (ڏسو) اسان زماني جي گردش توهان (بني اسرائيلن) جي دشمنن جي خلاف ۽ توهان جي موافق ڪري ڇڏي ۽ مال، دولت ۽ اولاد جي گهڻائي سان اوهان جي مدد ڪئي سين ۽ اوهان کي (وري) وڏي تعداد ۽ جمعيت وارا ڪري ڇڏيوسين.
— علامہ علي خان ابڙواِنْ اَحْسَنْتُمْ اَحْسَنْتُمْ لِاَنْفُسِكُمْ ۣ وَاِنْ اَسَاْتُمْ فَلَهَا ۭ فَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ الْاٰخِرَةِ لِيَسُوْۗءٗا وُجُوْهَكُمْ وَلِيَدْخُلُوا الْمَسْجِدَ كَـمَا دَخَلُوْهُ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّلِــيُتَبِّرُوْا مَا عَلَوْا تَتْبِيْرًا 7
جيڪڏهن توهان نيڪيءَ جا ڪم ڪيا ته پنهنجي لاءِ ئي ڪيا ۽ جيڪڏهن برائيون ڪيون ته به پنهنجي لاءِ ڪيون. پوءِ جڏهن ٻئي واعدي جو وقت آيو (تڏهن اسان پنهنجي ٻين بندن رومين کي اوهان جي مٿان حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو) انهيءَ لاءِ ته توهان جي چهرن تي ذلت ۽ خواري ڦيرائي ڇڏين، ۽ اهڙيءَ ئي طرح ديول ۾ داخل ٿي وڃن، جهڙيءَ طرح پهرئين ڀيري (بابل وارا) حملو ڪندڙ داخل ٿيا هئا ۽ جيڪي به ڏسن ۽ هٿ ڪن تنهن کي ٽوڙي ڀڃي ناس ڪري ڇڏين.
— علامہ علي خان ابڙوعَسٰي رَبُّكُمْ اَنْ يَّرْحَمَكُمْ ۚ وَاِنْ عُدْتُّمْ عُدْنَا ۘ وَجَعَلْنَا جَهَنَّمَ لِلْكٰفِرِيْنَ حَصِيْرًا 8
عجب ناهي ته (اي بني اسرائيلو) توهان جو پروردگار توهان تي رحم ڪري (جيڪڏهن هاڻي به باز اچو) پر جيڪڏهن توهان وري سرڪشي ۽ فساد ڏانهن موٽندؤ ته (الله تعاليٰ فرمائي ٿو) ته اسان جي طرفان به اوهان جي عملن جو (سخت) بدلو موٽي ايندو. ۽ (ياد رکو ته) اسان حق جي منڪرن لاءِ جهنم جو قيد خانو تيار رکيو آهي.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّ هٰذَا الْقُرْاٰنَ يَهْدِيْ لِلَّتِيْ ھِيَ اَقْوَمُ وَيُبَشِّرُ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا كَبِيْرًا 9ۙ
بيشڪ هيءُ قرآن اها واٽ ڏيکاري ٿو جا سڀني کان وڌيڪ سڌي آهي ۽ ايمان وارن کي جيڪي صالح عمل ڪن ٿا خوشخبري ٿو ڏئي ته کين تمام وڏو اجر ملندو.
— علامہ علي خان ابڙووَّاَنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ اَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۧ10
۽ (قرآن هن ڳالهه جو به اعلان ڪري ٿو ته) جيڪي ماڻهو آخرت بابت يقين نٿا رکن تن جي لاءِ اسان وڏو دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَيَدْعُ الْاِنْسَانُ بِالشَّرِّ دُعَاۗءَهٗ بِالْخَيْرِ ۭ وَكَانَ الْاِنْسَانُ عَجُوْلًا 11
۽ (ڏسو) جهڙيءَ طرح انسان پنهنجي لاءِ چڱائيءَ جي دعا گهري ٿو اهڙي ئي طرح برائي (يعني نقصان واري ڳالهه) به گهري ٿو (ڇو ته هن کي خبر ناهي ته اها برائي آهي، ان مان نقصان يا ايذاءُ رسندو) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته انسان تڪڙو آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَجَعَلْنَا الَّيْلَ وَالنَّهَارَ اٰيَـتَيْنِ فَمَــحَوْنَآ اٰيَةَ الَّيْلِ وَجَعَلْنَآ اٰيَةَ النَّهَارِ مُبْصِرَةً لِّتَبْتَغُوْا فَضْلًا مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ وَكُلَّ شَيْءٍ فَصَّلْنٰهُ تَفْصِيْلًا 12
۽ (ڏسو) اسان رات ۽ ڏينهن کي (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جون) ٻه نشانيون بنايو آهي. سو رات واري نشاني اسان ڪجهه قدر اونداهي ڪئي آهي. (انهيءَ لاءِ تي آرام جو وقت بنجي پوي) ۽ ڏينهن جي نشاني روشن ڪئي اٿئون انهيءَ لاءِ ته (ان جي روشنيءَ ۾) پنهنجي پروردگار جي فضل جي تلاش ڪيو (يعني گذران جو سامان هٿ ڪيو). پڻ (رات ڏينهن جي اختلاف سان) سالن جو شمار ڪيو ۽ (سالن جي شمار سان هر طرح جو) حساب به معلوم ڪري وٺو. اسان (قرآن ۾) هر شيء جو بيان کولي کولي، (جدا جدا ڪري) چٽو ڪري ڇڏيو آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَكُلَّ اِنْسَانٍ اَلْزَمْنٰهُ طٰۗىِٕرَهٗ فِيْ عُنُقِهٖ ۭ وَنُخْرِجُ لَهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ كِتٰبًا يَّلْقٰىهُ مَنْشُوْرًا 13
۽ اسان هر انسان جي شامت سندس ئي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏي آهي. (ڪٿان ٻاهران ڪونه ٿي اچي مٿس ڪِري يعني سندس ئي عملن جي نتيجو آهي) قيامت جي ڏينهن اسان هن جي لاءِ (سندس اعمال نامي جو) هڪ ڪتاب ڪڍي سندس اڳيان رکنداسين، هو ان کي پنهنجي اڳيان کليل ڏسندو.
— علامہ علي خان ابڙواِقْرَاْ كِتٰبَكَ ۭ كَفٰى بِنَفْسِكَ الْيَوْمَ عَلَيْكَ حَسِيْبًا ۭ14
(پوءِ اسان کيس چونداسين ته) پنهنجو اعمال نامون پڙهي وٺ. اڄوڪي ڏينهن خود تنهنجو وجود ئي تنهنجي حساب لاءِ (يعني توکي تنهنجو حساب ڏيکارڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ) بلڪل ڪافي آهي.
— علامہ علي خان ابڙومَنِ اهْتَدٰى فَاِنَّـمَا يَهْــتَدِيْ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ ضَلَّ فَاِنَّـمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَمَا كُنَّا مُعَذِّبِيْنَ حَتّٰى نَبْعَثَ رَسُوْلًا 15
جنهن سڌي واٽ ورتي تنهن پنهنجي ئي (فائدي) لاءِ ورتي، ۽ جيڪو سڌي واٽ ڇڏي گمراهه ٿيو سو ئي پنهنجي گمراهيءَ جو نتيجو ڀوڳيندو. ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نٿو کڻي. (هر ڪنهن کي پنهنجي ئي عملن جو بار کڻڻو آهي.) ۽ اسان ڪڏهن به هيئن نٿا ڪيون جو (ڪنهن قوم کي) عذاب ڏيون، پر ان وقت (عذاب ڏيون ٿا) جڏهن پهريائين ان ۾ هڪ رسول پيدا ڪيون ٿا (۽ پوءِ به اهي ماڻهو سرڪشي ۽ فساد ڪرڻ کان نٿا هٽن ۽ مڙن).
— علامہ علي خان ابڙووَاِذَآ اَرَدْنَآ اَنْ نُّهْلِكَ قَرْيَةً اَمَرْنَا مُتْرَفِيْهَا فَفَسَقُوْا فِيْهَا فَحَقَّ عَلَيْهَا الْقَوْلُ فَدَمَّرْنٰهَا تَدْمِيْرًا 16
۽ جڏهن اسان ڪنهن بستيءَ کي تباهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيون ٿا تڏهن پهريائين ان جي آسودن ۽ شاهوڪار ماڻهن کي حڪم ٿا ڏيون. (يعني وحي جي رستي حق جا حڪم ٿا پهچايون.). پوءِ هو انهن جي تعميل ڪرڻ بدران نافرماني ڪن ٿا. پوءِ هو عذاب جا لائق ۽ حقدار ثابت ٿين ٿا ۽ اسان (سندن بدعملن جي عيوض ۾) هنن کي برباد ۽ تباهه ڪري ٿا ڇڏيون.
— علامہ علي خان ابڙووَكَمْ اَهْلَكْنَا مِنَ الْقُرُوْنِ مِنْۢ بَعْدِ نُوْحٍ ۭ وَكَفٰى بِرَبِّكَ بِذُنُوْبِ عِبَادِهٖ خَبِيْرًۢ ا بَصِيْرًا 17
۽ (ڏسو) حضرت نوح کان پوءِ قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن، جن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار پنهنجي بندن جي گناهن متعلق ڪافي خبر رکندڙ ۽ ڪافي ڏسندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙومَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعَاجِلَةَ عَجَّــلْنَا لَهٗ فِيْهَا مَا نَشَاۗءُ لِمَنْ نُّرِيْدُ ثُـمَّ جَعَلْنَا لَهٗ جَهَنَّمَ ۚ يَصْلٰىهَا مَذْمُوْمًا مَّدْحُوْرًا 18
جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪڙو فائدو (هن دنيا ۾) چاهي ٿو ته پوءِ جنهن کي اسان اهو فائدو ڏيڻ چاهيون ۽ جيترو ڏيڻ چاهيون هن دنيا ۾ ڏيئي ڇڏيون ٿا. پر پوءِ آخر هن جي لاءِ اسان جهنم بنائي رکيو آهي. ان ۾ هو داخل ٿيندو بڇڙن حالتن ۾ ۽ ڌڪاريل حالت ۾.
— علامہ علي خان ابڙووَمَنْ اَرَادَ الْاٰخِرَةَ وَسَعٰى لَهَا سَعْيَهَا وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَاُولٰۗىِٕكَ كَانَ سَعْيُهُمْ مَّشْكُوْرًا 19
پر جيڪڏهن ڪو آخرت جو طالب هوندو ۽ ان جي لاءِ جهڙي ڪوشش ڪرڻ گهرجي تهڙي ڪوشش ڪندو ۽ پڻ ايمان وارو به هوندو ته پوءِ (هن جي لاءِ دائمي ڪاميابيون هونديون ۽) اهڙن ماڻهن جي ڪوشش قبول پوندي.
— علامہ علي خان ابڙوكُلًّا نُّمِدُّ هٰٓؤُلَاۗءِ وَهٰٓؤُلَاۗءِ مِنْ عَطَاۗءِ رَبِّكَ ۭ وَمَا كَانَ عَطَاۗءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا 20
اسان هر ڪنهن کي (يعني مٿي ڄاڻايل ٻنهي قسمن جي ماڻهن کي) پنهنجي پروردگاريءَ جي بخشش سان (هن دنيا ۾) مدد ڪيون ٿا، انهن کي به (جي فقط دنيا جي پوئتان لڳي ٿا پون) ۽ انهن کي به (جيڪي آخرت جا طالب ٿين ٿا ۽ حق جي راهه تي ٿا هلن) ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جي بخشش عام آهي ۽ ڪنهن جي به لاءِ بند ناهي.
— علامہ علي خان ابڙو