1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

014 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن

ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

14:1

الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَيْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَي النُّوْرِ ڏ بِاِذْنِ رَبِّھِمْ اِلٰي صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 1‏۝ۙ

الف- لام- را- هيءُ هڪ ڪتاب آهي جو اسان تو تي نازل ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي سندن پروردگار جي حڪم جي تعميل ۾ اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي، (۽ انهيءَ راهه تي آڻي) جا غالب ۽ ساراهيل خدا جي راهه آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

14:2

اللّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَافِي السَّمٰوٰتِ وَمَافِي الْاَرْضِ ۭ وَوَيْلٌ لِّلْكٰفِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيْدِ 2‏۝ۙ

اهو خدا جيڪو مالڪ آهي، انهيءَ سڀ ڪجهه جو جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (۽ سڀ سندس حڪمن جي اڳيان جهڪيل آهن) ۽ سخت عذاب جي خرابي آهي انهن منڪرن جي لاءِ.

— علامہ علي خان ابڙو

14:3

ۨالَّذِيْنَ يَسْتَحِبُّوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا عَلَي الْاٰخِرَةِ وَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَ يَبْغُوْنَھَا عِوَجًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ فِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 3‏۝

جن آخرت کي ڇڏي دنيا جي زندگي پسند ڪئي، جيڪي ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان راهه ۾ ڏنگائي ڦڏائي پيدا ڪن، اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي وڏي اونهي گمراهيءَ ۾ وڃي پيا آهن.

— علامہ علي خان ابڙو

14:4

وَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهٖ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۭ فَيُضِلُّ اللّٰهُ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 4‏۝

۽ اسان ڪوبه پيغمبر دنيا ۾ نه موڪليو، پر هن طرح جو هو پنهنجي قوم ئي جي زبان ۾ حق جو پيغام پهچائڻ وارو هو، انهيءَ لاءِ ته (سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهه جو) مطلب چٽو ڪري ڏيکاري. پوءِ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو ته (سندس سرڪشيءَ پارؤن) گمراه ڪري ٿو ۽ جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ (سندن اطاعت پارؤن ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ڇڏي ٿو. هو غالب ۽ حڪمت وارو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

14:5

وَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوْسٰى بِاٰيٰتِنَآاَنْ اَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ وَذَكِّرْهُمْ ڏ بِاَيّٰىمِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 5‏۝

۽ (ڏسو هي حقيقت آهي ته) اسان پنهنجي نشانين سان موسيٰ کي موڪليو هو ته پنهنجي قوم کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ۽ پڻ الله جي (فيصلو ڪندڙ) واقعات جو بيان ٻڌائي واعظ ۽ نصيحت ڪري. ڇو ته بيشڪ هر انسان لاءِ جيڪو صبر ۽ شڪر ڪندڙ هجي، انهيءَ بيان ۾ (عبرت ۽ نصيحت جون) وڏيون نشانيون آهن.

— علامہ علي خان ابڙو

14:6

وَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ اَنْجٰىكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ يَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْۗءَ الْعَذَابِ وَيُذَبِّحُوْنَ اَبْنَاۗءَكُمْ وَيَسْتَحْيُوْنَ نِسَاۗءَكُمْ ۭ وَفِيْ ذٰلِكُمْ بَلَاۗءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِيْمٌ 6‏۝ۧ

۽ پوءِ (هيئن ٿيو جو) حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي (واعظ ۽ نصيحت ڪندي) چيو ته، الله تعاليٰ جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن سي نه وساريو. هن اوهان کي فرعون جي خاندان (جي غلاميءَ) کان ڇوٽڪارو ڏنو (۽ اهو سندس ڪيڏو نه وڏو احسان آهي) هو اوهان کي ڪهڙن نه خراب عذابن ۾ وجهندا هئا. توهان جي (نون ڄاول) پٽن کي قتل ڪري ڇڏيندا هئا (ته جيئن توهان جو تعداد نه وڌي ۽) توهان جي ڇوڪرين کي زنده ڇڏيندا هئا (ته ٻانهيون ٿي رهن). ڏسو ته انهيءَ صورت حال ۾ توهان جي پروردگار جي طرف کان اوهان جي لاءِ ڪهڙي نه سخت آزمائش هئي.

— علامہ علي خان ابڙو

14:7

وَاِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىِٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِيْدَنَّكُمْ وَلَىِٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِيْ لَشَدِيْدٌ 7‏۝

(۽ اوهان اهو وقت وساري ڇڏيو آهي ڇا) جڏهن اوهان جي پروردگار (پنهنجي هن قانون جو) اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن توهان شڪر ڪندؤ ته مان اوهان کي اڃا به زياده نعمتون بخشيندس ۽ جيڪڏهن ناشڪري ڪندؤ ته پوءِ ياد رکو ته منهنجو عذاب به ڏاڍو سخت عذاب آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

14:8

وَقَالَ مُوْسٰٓى اِنْ تَكْفُرُوْٓا اَنْتُمْ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ حَمِيْدٌ 8‏۝

۽ حضرت موسيٰ فرمايو ته جيڪڏهن اوهان ۽ اهي سڀ جيڪي زمين ۾ رهن ٿا بي شڪري ڪن ته (الله کي ان جي ڪهڙي پرواهه آهي؟) الله جي ذات ته بي نياز ۽ ساراهيل آهي، (ليڪن محرومي ۽ تباهي خود اوهان جي لاءِ هوندي).

— علامہ علي خان ابڙو

14:9

اَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوْحٍ وَّعَادٍ وَّثَـمُوْدَ ټ وَالَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ړ لَا يَعْلَمُهُمْ اِلَّا اللّٰهُ ۭ جَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَرَدُّوْٓا اَيْدِيَهُمْ فِيْٓ اَفْوَاهِهِمْ وَقَالُوْٓا اِنَّا كَفَرْنَا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ وَاِنَّا لَفِيْ شَكٍّ مِّـمَّا تَدْعُوْنَنَآ اِلَيْهِ مُرِيْبٍ 9‏۝

پوءِ ڇا توهان تائين انهن ماڻهن جي خبر ڪانه پهتي آهي، جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن؟ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم ۽ اهي قومون جي انهن کان پوءِ آيون ۽ جن جو حال الله ئي کي معلوم آهي. انهن سڀني قومن ڏي انهن جا رسول روشن دليلن سان آيا هئا. پر انهن سندن ڳالهيون موٽائي ڇڏيون (۽ ٻڌڻ کان ئي انڪار ڪيائون) انهن چيو ته جيڪا ڳالهه توهان کڻي آيا آهيو تنهن کان اسان کي انڪار آهي ۽ جنهن ڳالهه ڏانهن توهان سڏيو ٿا تنهن تي اسان کي يقين ڪونهي. اسان شڪ ۽ شبهي ۾ پئجي ويا آهيون.

— علامہ علي خان ابڙو

14:10

قَالَتْ رُسُلُهُمْ اَفِي اللّٰهِ شَكٌّ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَدْعُوْكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ قَالُوْٓا اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۭ تُرِيْدُوْنَ اَنْ تَصُدُّوْنَا عَـمَّا كَانَ يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَا فَاْتُوْنَا بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ ؀10

انهن جي رسولن چيو ته، ڇا توهان کي الله جي باري ۾ شڪ آهي؟ اهو الله جو آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي؟ جو توهان کي سڏي رهيو اهي ته توهان جا گناهه بخشي ڇڏي ۽ هڪ مقرر وقت تائين (زندگي ۽ ڪامرانيءَ جون) مهلتون ڏئي. تنهن تي انهن قومن چيو ته، اوهان سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهيو ته، اسان وانگر انسان آهيو. اوهان چاهيو ٿا ته جن معبودن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، تن جي پوڄا ڪرڻ کان اسان کي روڪي ڇڏيو. چڱو (جيڪڏهن ائين آهي ته) ڪو چٽو دليل پيش ڪيو.

— علامہ علي خان ابڙو

14:11

قَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ اِنْ نَّحْنُ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَمُنُّ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ ۭ وَمَا كَانَ لَنَآ اَنْ نَّاْتِيَكُمْ بِسُلْطٰنٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ ؀11

انهن جي رسولن جواب ۾ چيو ته، هائو اسان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيون ته توهان وانگر انسان آهيون، پر الله جنهن ٻانهي کي چاهي ٿو تنهن کي پنهنجي فضل ۽ احسان لاءِ (يعني وحي پهچائڻ لاءِ) چونڊي ٿو ۽ هيءَ ڳالهه اسان جي اختيار ۾ ناهي ته توهان کي ڪا سند کڻي اچي ڏيکاريون، سواءِ هن جي جو الله جو حڪم ٿئي ۽ الله ئي آهي جنهن تي ايمان رکندڙن جو ڀروسو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

14:12

وَمَا لَنَآ اَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَي اللّٰهِ وَقَدْ هَدٰىنَا سُبُلَنَا ۭ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلٰي مَآ اٰذَيْتُمُوْنَا ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُوْنَ ۝ۧ12

۽ اسان کي ڪهڙو سبب آهي جو اسان الله تعاليٰ تي ڀروسو نه رکون؟ حالانڪه انهيءَ ئي (زندگي جي) راهن ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. اسان انهن ايذائن ۽ تڪليفن تي صبر ڪنداسين جي توهان ڏيئي رهيا آهيو، فقط الله ئي آهي جنهن تي ڀروسو ڪندڙن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.

— علامہ علي خان ابڙو

14:13

وَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُمْ مِّنْ اَرْضِنَآ اَوْ لَتَعُوْدُنَّ فِيْ مِلَّتِنَا ۭ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ الظّٰلِمِيْنَ ۝ۙ13

۽ منڪرن پنهنجي رسولن کي چيو ته، اسان توهان کي ضرور پنهنجي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏينداسين، يا ته توهان اسان جي مذهب تي موٽي اچو. (تنهن تي) اسان رسولن ڏي وحي موڪليو ته هاڻي ضرور اسان هنن ظالمن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين.

— علامہ علي خان ابڙو

14:14

وَلَنُسْكِنَنَّكُمُ الْاَرْضَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِيْ وَخَافَ وَعِيْدِ ؀14

۽ انهن ماڻهن کان پوءِ توهان کي اسان هن سرزمين ۾ (سندن جاءِ تي) رهائينداسين. اهو آهي نتيجو انهيءَ ماڻهو جي لاءِ جيڪو اسان جي (حڪومت ۽ عدالت جي) جاءِ کان ڊپ ۾ رهيو ۽ پڻ (بدعملن جي بدلي ۾ سزا جو جيڪو اعلان ڪيل آهي تنهن) واعدي ۽ اعلان جي خوف ۾ رهيو (۽ خدا جي حڪمن جي پيروي ڪندو رهيو).

— علامہ علي خان ابڙو

14:15

وَاسْتَفْتَحُوْا وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيْدٍ ۝ۙ15

(مطلب ته پيغمبرن) فتحمنديءَ جي دعا گهري، (۽ فتحياب ٿيا) ۽ هرهڪ سرڪش ضدي (جنهن حق جو مقابلي ڪيو هو) نامراد ۽ ناڪامياب رهيو.

— علامہ علي خان ابڙو

14:16

مِّنْ وَّرَاۗىِٕهٖ جَهَنَّمُ وَيُسْقٰى مِنْ مَّاۗءٍ صَدِيْدٍ ۝ۙ16

ان کان پوءِ دوزخ آهي (يعني دنيا جي نامراديءَ بعد آخرت جو عذاب پيش اچڻ وارو آهي). اتي رت ۽ پونءِ جو پاڻي کين پياريو ويندو.

— علامہ علي خان ابڙو

14:17

يَّتَجَرَّعُهٗ وَلَا يَكَادُ يُسِيْغُهٗ وَيَاْتِيْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّمَا هُوَ بِمَيِّتٍ ۭ وَمِنْ وَّرَاۗىِٕهٖ عَذَابٌ غَلِيْظٌ ؀17

هو هڪ هڪ ڪري وات ۾ وجهندو، پر نڙيءَ کان هيٺ نه لاهي سگهندو، هر طرف کان هن ڏي موت ايندو، پر هو مرندو ڪين ۽ هن جي پٺيان هڪ سخت عذاب لڳل آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

14:18

مَثَلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ اَعْمَالُهُمْ كَرَمَادِ ۨاشْـتَدَّتْ بِهِ الرِّيْحُ فِيْ يَوْمٍ عَاصِفٍ ۭ لَا يَقْدِرُوْنَ مِـمَّا كَسَبُوْا عَلٰي شَيْءٍ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ ؀18

جن ماڻهن پنهنجي پروردگار (جي فرمانبرداريءَ) کان انڪاري ڪيو تن جي عملن جي مثال اهڙو آهي جهڙو رک يا ڪِر جو ڍير. جنهن کي آنڌيءَ جي ڏينهن هوا اڏائي کڻي وڃي. جيڪي به هنن (پنهنجي عملن سان) ڪمايو آهي تنهن مان ڪجهه به هنن جي هٿ نه ايندو. اهائي گمراهيءَ جي حالت آهي جا وڏي اونهي گمراهي آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

14:19

اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ اِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۝ۙ19

ڇا توهان ڏسو نٿا ته الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين کي حق ۽ مصلحت سان بنايو آهي (نه اجايو ۽ بيسود؟) جيڪڏهن هو چاهي ته توهان سڀني کي کڻي وڃي (۽ تباهه ڪري ڇڏي) ۽ (اوهان جي جاءِ تي) ڪا نئين خلق آڻي ظاهر ڪري.

— علامہ علي خان ابڙو

14:20

وَّمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ ؀20

ائين ڪرڻ الله تعاليٰ جي لاءِ ڪجهه به ڏکيو يا مشڪل ڪم ناهي.

— علامہ علي خان ابڙو