1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

013 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 43 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن

ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

13:1

الۗمّۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ ۭ وَالَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 1‏۝

الف- لام- ميم- را. (اي پيغمبر!) هي ڪتاب (يعني قرآن مجيد) جون آيتون آهن ۽ جيڪي تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿيو آهي، سو حق جو امر آهي (نه ٻيو ڪجهه) پر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (ان تي) ايمان نٿا آڻين.

— علامہ علي خان ابڙو

13:2

اَللّٰهُ الَّذِيْ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَمَدٍ تَرَوْنَهَا ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ بِلِقَاۗءِ رَبِّكُمْ تُوْقِنُوْنَ 2‏۝

اهو الله ئي آهي، جنهن آسمان کي بلند ڪيو ۽ توهان ڏسو ٿا ته ڪوبه ٿنڀ انهن کي جهليون ڪونه بيٺو آهي. (خلقڻ بعد هو ننڊ پئجي ڪونه ويو پر) پنهنجي حڪومت (جي تخت) تي قائم رهيو (يعني مخلوقات ۾ حڪم احڪام جاري ڪندو رهيو ۽ انتظام ڪندو رهيو) ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيائين، (اهڙيءَ طرح) جو هرهڪ پنهنجي ٺهرايل مدت تائين (پنهنجي پنهنجي واٽ تي) هلي رهيو آهي. اهوئي (هن خلقت جي ڪارخاني جو) انتظام ڪري رهيو آهي ۽ (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون الڳ الڳ ڪري بيان ٿو ڪري ان لاءِ ته اوهان کي يقين ٿي وڃي ته (هڪ ڏينهن) پنهنجي پروردگار سان ملڻو آهي (۽ عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي.)

— علامہ علي خان ابڙو

13:3

وَهُوَ الَّذِيْ مَدَّ الْاَرْضَ وَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْهٰرًا ۭ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فِيْهَا زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ يُغْشِي الَّيْلَ النَّهَارَ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 3‏۝

۽ (ڏسو) اهوئي آهي جنهن زمين جو مٿاڇرو پکيڙي ڇڏيو آهي، ان ۾ جبل ٺاهيا اٿس، نديون ۽ نهرون وهائي ڇڏيون اٿس ۽ هر طرح جي ميون جا جوڙا ٻن ٻن قسمن جا ڄمايا اٿس. هن رات ڏينهن (جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ جو ۽ درجي بدرجي اچڻ) جو اهڙو قانون ٺاهي ڇڏيو آهي جو ڏينهن جي روشنيءَ کي رات جي اونداهي ڍڪي ڇڏيندي آهي. يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، جيڪي ماڻهو غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن.

— علامہ علي خان ابڙو

13:4

وَفِي الْاَرْضِ قِطَعٌ مُّتَجٰوِرٰتٌ وَّجَنّٰتٌ مِّنْ اَعْنَابٍ وَّزَرْعٌ وَّنَخِيْلٌ صِنْوَانٌ وَّغَيْرُ صِنْوَانٍ يُّسْقٰى بِـمَاۗءٍ وَّاحِدٍ ۣ وَنُفَضِّلُ بَعْضَهَا عَلٰي بَعْضٍ فِي الْاُكُلِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ 4‏۝

۽ ڏسو، زمين ۾ (طرحين طرحين) ٽڪرا آهن جي هڪٻئي سان مليل آهن. انهن ۾ انگورن جا باغ آهن، (ان جون) پوکون آهن. کارڪن جا وڻ آهن، جن مان ڪي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، ته ڪي وري ڳنڍيل ڪونه آهن. سڀني کي هڪ ئي پاڻي ملي ٿو. پر (تنهن هوندي به) اسان ڪجهه ميون کي ٻين ميون کان ذائقي ۾ بهتري ڏيون ٿا. يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن، جيڪي ماڻهو عقل کان ڪم ٿا وٺن.

— علامہ علي خان ابڙو

13:5

وَاِنْ تَعْجَبْ فَعَجَبٌ قَوْلُهُمْ ءَاِذَا كُنَّا تُرٰبًا ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ الْاَغْلٰلُ فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ ۚ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 5‏۝

۽ (اي انسان!) جيڪڏهن تون ڪا عجيب ڳالهه ڏسڻ چاهين ٿو ته (سڀ کان وڌيڪ) عجيب ڳالهه انهن منڪرن جو هي قول آهي ته جڏهن اسان (مرڻ بعد ڳري سڙي) خاڪ ٿي وينداسين تڏهن اسان وري نئين خلقت ۾ آڻي اٿاريا وينداسين ڇا؟ توهان (سمجهه وارؤ) يقين ڪيو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار کان انڪار ڪيو ۽ اهي ئي آهن جن جي ڳچين ۾ ڳٽ پيل هوندا ۽ اهي ئي آهن جيڪي دوزخي هوندا ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا.

— علامہ علي خان ابڙو

13:6

وَيَسْتَعْجِلُوْنَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ وَقَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمُ الْمَثُلٰتُ ۭ وَاِنَّ رَبَّكَ لَذُوْ مَغْفِرَةٍ لِّلنَّاسِ عَلٰي ظُلْمِهِمْ ۚ وَاِنَّ رَبَّكَ لَشَدِيْدُ الْعِقَابِ 6‏۝

۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو توسان برائيءَ جي لاءِ تڪڙ مچائي ٿا ڏين (يعني ٽوڪ طور توکي چون ٿا ته جلدي اسان تي عذاب آڻ!) ان کان اڳي جو چڱائي جي طلب ڪن، حالانڪ انهن کان اڳي اهڙا مثال ۽ واقعا ٿي گذريا آهن (جن متعلق دنيا ۾) ڪهاڻيون ۽ پهاڪا ٺهي ويا آهن. (پر هي بيوقوف انهن مان عبرت نٿا وٺن) تنهنجي پروردگار ته بيشڪ (سندن) ظلم کي درگزر ڪرڻ وارو (۽ مهلت ڏيڻ وارو) آهي. پر هن ۾ به شڪ ڪونهي ته (جيڪڏهن هو حق تي نه ايندا ته) تنهنجو پروردگار سزا ڏيڻ ۾ به ڏاڍو سخت آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

13:7

وَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ مُنْذِرٌ وَّلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ 7‏۝ۧ

۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو آهي سي چون ٿا ته هن ماڻهوءَ (يعني پيغمبرﷺ) تي پنهنجي پروردگار جي طرف کان ڪا نشاني ڇو نه نازل ٿي آهي. حالانڪ تون ته فقط (انڪار ۽ بدعملين جي نتيجن کان) خبردار ڪرڻ وارو هڪڙو رهنما (واٽ ڏيکاريندڙ) آهين ۽ هر قوم جي لاءِ هڪڙو رهنما پئي آيو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

13:8

اَللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تَحْمِلُ كُلُّ اُنْثٰى وَمَا تَغِيْضُ الْاَرْحَامُ وَمَا تَزْدَادُ ۭ وَكُلُّ شَيْءٍ عِنْدَهٗ بِمِقْدَارٍ 8‏۝

الله (تعاليٰ جو علم اهڙو ته وسيع ۽ عالمگير آهي جو هو) اهو به ڄاڻي ٿو ته ماديءَ جي پيٽ ۾ ڇا آهي (يعني ڪهڙي قسم جو ٻچو پيٽ ۾ آهي) ۽ پيٽ ڇو ٿا گهٽجن ۽ وڏا ٿين، هن وٽ هر شيء جو هڪ اندازو ٺهرايل ٿئي ٿو.

— علامہ علي خان ابڙو

13:9

عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْكَبِيْرُ الْمُتَعَالِ 9‏۝

هو غيب ۽ شهادت (يعني لڪل ۽ ظاهر؛ غير محسوس ۽ محسوس) ٻنهي جو ڄاڻندڙ آهي ۽ سڀني کان وڏو ۽ بلند مرتبي وارو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

13:10

سَوَاۗءٌ مِّنْكُمْ مَّنْ اَسَرَّ الْقَوْلَ وَمَنْ جَهَرَ بِهٖ وَمَنْ هُوَ مُسْتَخْفٍۢ بِالَّيْلِ وَسَارِبٌۢ بِالنَّهَارِ ۝10

توهان مان ڪوبه دل ۾ ڪا ڳالهه چوي، يا زور سان پڪاري چوي، رات جي اونداهيءَ ۾ لڪل هجي يا ڏينهن جي روشنيءَ ۾ گهمندڙ هجي هن (الله) جي لاءِ هڪ جهڙي ڳالهه آهي (يعني سندس علم کان ڪابه ڳالهه لڪل ناهي).

— علامہ علي خان ابڙو

13:11

لَهٗ مُعَقِّبٰتٌ مِّنْۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهٖ يَحْفَظُوْنَهٗ مِنْ اَمْرِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰى يُغَيِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِهِمْ ۭ وَاِذَآ اَرَادَ اللّٰهُ بِقَوْمٍ سُوْۗءًا فَلَا مَرَدَّ لَهٗ ۚ وَمَا لَهُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّالٍ ۝11

انسان جي اڳيان ۽ پٺيان هڪ ٻئي پوئتان ايندڙ (قوتون) آهن جي الله جي حڪم سان سندس حفاظت ڪن ٿيون. الله تعاليٰ ڪڏهن به انهيءَ حالت کي نٿو بدلائي جنهن حالت ۾ ڪا قوم آهي جيستائين ڪه اها قوم پاڻ پنهنجي صلاحيت کي بدلائي ڇڏي. ۽ جڏهن الله تعاليٰ چاهي ٿو ته ڪنهن قوم کي (سندس صلاحيت کي ڦيرائڻ جي عيوض ۾) مصيبت پهچي ته (مصيبت پهچي وڃي ٿي) اها ڪنهن جي به ٽارڻ سان ٽري نٿي سگهي ۽ الله کان سواءِ ڪوبه ڪونهي جو هن جو ڪارساز ۽ بچائيندڙ ٿئي.

— علامہ علي خان ابڙو

13:12

هُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمُ الْبَرْقَ خَوْفًا وَّطَمَعًا وَّيُنْشِئُ السَّحَابَ الثِّقَالَ ۝ۚ12

اهو (الله ئي) آهي جو اوهان کي کنوڻ جي تجلي (چمڪو) ڏيکاري ٿو، اها کنوڻ يا بجلي دلين ۾ هراس به پيدا ڪري ٿي ۽ اميد به پيدا ڪري ٿي. اهو ئي آهي جو ڪڪرن کي (پاڻيءَ سان) ڀرپور ڪري ٿو ڇڏي.

— علامہ علي خان ابڙو

13:13

وَيُسَبِّحُ الرَّعْدُ بِحَمْدِهٖ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ مِنْ خِيْفَتِهٖ ۚ وَيُرْسِلُ الصَّوَاعِقَ فَيُصِيْبُ بِهَا مَنْ يَّشَاۗءُ وَهُمْ يُجَادِلُوْنَ فِي اللّٰهِ ۚ وَهُوَ شَدِيْدُ الْمِحَالِ ۝ۭ13

۽ ڪڪرن جي گجگوڙ سندس حمد ۽ ساراهه ڪري ٿي. ۽ فرشتا به ان جي دهشت کان (خدا جي) حمد ۽ ساراهه ڪن ٿا. هو بجليون ڪيرائي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي ان هيٺ آڻي موت جي مصيبت ۾ وجهي ٿو. (تنهن هوندي به) اهي (منڪر الله جي قدرت ۽ حڪمت جي انهن سڀني نشانين کان اکيون بند ڪيون ويٺا آهن جو) سندس (هستي ۽ هڪ هئڻ جي) باري ۾ بحث ۽ جهڳڙا ڪري رهيا آهن، حالانڪ هو (پنهنجي قدرت ۽ طاقت ۾) ڏاڍو سخت ۽ غالب آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

13:14

لَهٗ دَعْوَةُ الْحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَسْتَجِيْبُوْنَ لَهُمْ بِشَيْءٍ اِلَّا كَبَاسِطِ كَفَّيْهِ اِلَى الْمَاۗءِ لِيَبْلُغَ فَاهُ وَمَا هُوَ بِبَالِغِهٖ ۭ وَمَا دُعَاۗءُ الْكٰفِرِيْنَ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ ؀14

هن (الله) کي پڪارڻ (يعني کانئس دعا ۽ مدد گهرڻ) سچو پڪارڻ آهي. جيڪي ماڻهو هن کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا تن جي پڪار اهي ٻيا ڪجهه به نٿا ٻڌن. انهن جو مثال اهڙو آهي جهڙو هڪ ماڻهو (سخت اُڃ ۾) ٻئي هٿ پاڻيءَ جي طرف وڌائي ڊگها ڪري ته بس (ائين ڪرڻ سان) پاڻي هن جي وات ۾ پهچي وڃي. حالانڪ اهو ان تائين پهچڻ وارو ئي ناهي ۽ (يقين ڪيو ته) حق جي منڪرن جي دعا يا پڪار سواءِ هن جي ڪجهه به نه آهي ته ڏنگن ڦڏن رستن تي رلڻ ڦرڻ آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

13:15

وَلِلّٰهِ يَسْجُدُ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْهًا وَّظِلٰلُهُمْ بِالْغُدُوِّ وَالْاٰصَالِ ۝15۞

۽ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو الله جي اڳيان سجدي ۾ ڪريل آهي (يعني الله جي حڪمن ۽ قانونن جي اڳيان جهڪڻ کان سواءِ ٻيو کيس چاروئي ڪونهي.) خوشيءَ سان يا مجبوريءَ سان (سجدي ۾ ڪريل آهي) ۽ (ڏسو) سندن پاڇا به صبح توڙي شام جو (ڪهڙيءَ طرح گهٽجن ٿا ۽ وڌن ٿا ۽ ڪڏهن هيڏي ڪڏهن هوڏي ٿي وڃن ٿا).

— علامہ علي خان ابڙو

13:16

قُلْ مَنْ رَّبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلِ اللّٰهُ ۭ قُلْ اَفَاتَّخَذْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ لَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ نَفْعًا وَّلَا ضَرًّا ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ڏ اَمْ هَلْ تَسْتَوِي الظُّلُمٰتُ وَالنُّوْرُ ڬ اَمْ جَعَلُوْا لِلّٰهِ شُرَكَاۗءَ خَلَقُوْا كَخَلْقِهٖ فَتَشَابَهَ الْخَلْقُ عَلَيْهِمْ ۭ قُلِ اللّٰهُ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ وَّهُوَ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ ؁16

(اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کان پڇ ته آسمانن ۽ زمين جو پروردگار ڪير آهي؟ تون (ئي) چئه ته الله ئي آهي(کانئس سواءِ ڪوبه ڪونهي)، (وري کين) چئه ته (جنهن صورت ۾ اهوئي پروردگار آهي تنهن صورت ۾) هي ڇا آهي جو توهان هن کان سواءِ ٻين کي پنهنجو ڪارساز بنائي رکيو آهي. جن کي خود پنهنجي جانين جو نفعو نقصان به پنهنجي اختيار ۾ ناهي، پڻ کين چئه ته انڌو ۽ ڏسندڙ ٻئي برابر آهن ڇا؟ يا (هيئن به ٿي سگهي ٿو) ڇا ته اونداهي ۽ روشنائي برابر ٿي وڃن يا (وري هيءَ ڳالهه آهي ڇا ته) سندن ٺهرايل شريڪن به اهڙيءَ ئي طرح مخلوقات پيدا ڪئي آهي جهڙي طرح خدا پيدا ڪئي آهي. جنهن ڪري پيدا ڪرڻ جي معاملي ۾ هنن کي شڪ شبهو پئجي ويو آهي (ته رڳو الله خالق ناهي پر ٻيا به ڪجهه خلقي ٿا سگهن). تون (کين) چئه ته الله ئي آهي جو هر شيء جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ هو (پنهنجي سڀني ڳالهين ۾) يگانو ۽ سڀني تي غالب آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

13:17

اَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَسَالَتْ اَوْدِيَةٌۢ بِقَدَرِهَا فَاحْتَمَلَ السَّيْلُ زَبَدًا رَّابِيًا ۭ وَمِـمَّا يُوْقِدُوْنَ عَلَيْهِ فِي النَّارِ ابْتِغَاۗءَ حِلْيَةٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُهٗ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْـحَقَّ وَالْبَاطِلَ ڛ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَيَذْهَبُ جُفَاۗءً ۚ وَاَمَّا مَا يَنْفَعُ النَّاسَ فَيَمْكُثُ فِي الْاَرْضِ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْاَمْثَالَ ۝ۭ17

هن آسمان مان پاڻي وسايو ته نديون پنهنجي قدر (يعني ڪشادگي ۽ اونهائي وغيره) آهر وهي هليون ۽ (ڪن ڪچري مان جَهڳي بڻجي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي چڙهي ته) پاڻيءَ جو وهڪرو ان کي کڻي هليو ويو ۽ ڏسو ته اهڙيءَ ئي طرح جي جهڳي (ڪن ڪچري مان) انهيءَ وقت به چڙهي ٿي جڏهن ماڻهو زيور يا ڪا ٻي شيءِ ٺاهڻ لاءِ (ڌاتن کي) باه ۾ تپائن (يا پگهارن) ٿا. حق ۽ باطل جو مثال اهڙو ئي سمجهو جهڙو الله تعاليٰ بيان ڪري ٿو. پوءِ (ڪن ڪچري جي) جهڳي (جا ڪنهن به ڪم جي نه هئي) ائين ئي هلي ويئي ۽ جنهن شيء ۾ انسان جو نفعو هو سا زمين ۾ رهجي پيئي. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ (ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ) مثال ڏئي ٿو.

— علامہ علي خان ابڙو

13:18

لِلَّذِيْنَ اسْتَجَابُوْا لِرَبِّهِمُ الْحُسْنٰى ڼ وَالَّذِيْنَ لَمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَهٗ لَوْ اَنَّ لَهُمْ مَّا فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا وَّمِثْلَهٗ مَعَهٗ لَافْتَدَوْا بِهٖ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْـحِسَابِ ڏ وَمَاْوٰىهُمْ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ ۝ۧ18

جن ماڻهن پنهنجي پروردگار جو حڪم قبول ڪيو تن جي لاءِ سراسر چڱائي آهي ۽ جن قبول نه ڪيو (تن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويندا. اهي نامرادي ۽ بدحاليءَ کان بچي ڪونه سگهندا) جيڪڏهن سڄي زمين جي سڀ دولت سندن قبضي ۾ اچي وڃي ۽ ان کي وري ٻيڻو ڪيو وڃي ته اهي ماڻهو ضرور ان کي فدئي طور ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ته من نامرادي ۽ عذاب کان کين پناه ملي، پر هرگز نه ملندي) اهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ حساب جي سختيءَ ٿيندي ۽ سندن ٽڪاڻو جهنم هوندو ۽ (اهو جهنم) ڪهڙو نه خراب ٽڪاڻو آهي.

— علامہ علي خان ابڙو

13:19

اَفَـمَنْ يَّعْلَمُ اَنَّـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ كَمَنْ هُوَ اَعْمٰى ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ ۝ۙ19

(اي پيغمبر!) ائين ٿي سگهي ٿو ڇا؟ ته (هيٺ ڄاڻايل) ٻئي ماڻهو برابر هجن. اهو جيڪو چڱيءَ طرح ڄاڻي (۽ سمجهي) ٿو ته جيڪا ڳالهه تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿي آهي سا حق آهي ۽ اهو جيڪو (هن حقيقت جي ڏسڻ کان) انڌو آهي. جيڪي دانشمند آهن (۽ عقل کان ڪم وٺن ٿا).

— علامہ علي خان ابڙو

13:20

الَّذِيْنَ يُوْفُوْنَ بِعَهْدِ اللّٰهِ وَلَا يَنْقُضُوْنَ الْمِيْثَاقَ ۝ۙ20

اهي (نصيحت وٺندڙ) اهي ماڻهو آهن جيڪي الله سان پنهنجي (ٻانهپ جو) عهد پورو ڪن ٿا ۽ پنهنجو قول ۽ قرار نٿا ڀڃن.

— علامہ علي خان ابڙو