012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الف- لام- را هي آيتون آهن روشن ۽ واضح ڪتاب جون.
— علامہ علي خان ابڙواِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
اسان هن قرآن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان چڱيءَ طرح سمجهو.
— علامہ علي خان ابڙونَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
(اي پيغمبر!) هن قرآن کي وحي طور موڪلڻ سان توکي اسان بهترين طريقي سان (گذريل) واقعا ۽ حالتون ٻڌايون ٿا ۽ يقيناً قرآن جي نازل ٿيڻ کان اڳي تون انهن ماڻهن منجهان هئين جيڪي (انهن احوالن کان) بي خبر هئا.
— علامہ علي خان ابڙواِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
۽ (ٻڌو ته) ڇا ٿيو جو حضرت يوسف پنهنجي پيءُ کي اچي چيو ته، اي منهنجا بابا! مون (خواب ۾) ڏٺو (ته) يارهن تارا آهن ۽ سج ۽ چنڊ به آهن ۽ ڏٺم ته اهي سڀ مون کي سجدو ڪري رهيا آهن.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
(پيءُ) چيو ته اي منهنجا پٽ! پنهنجي هن خواب جو حال ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ. متان هو تنهنجي خلاف ڪنهن منصوبي جون تجويزون ٺاهڻ لڳن. ياد رک ته شيطان انسان جو کليو ۽ چٽو دشمن آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
۽ (اي منهنجا پٽ! جهڙيءَ طرح تو ڏٺو آهي ته يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ تنهنجي اڳيان جهڪيا آهن) تهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار توکي بزرگيءَ (۽ پيغمبريءَ) لاءِ چونڊيو آهي ۽ هيءَ ڳالهه سيکارڻ وارو آهي ته ڳالهين (۽ واقعن) جو نتيجو ۽ مطلب ڪهڙيءَ طرح ٺهرائجي ۽ معلوم ڪجي (يعني الله تعاليٰ توکي عقل ۽ حڪمت ڏيڻ وارو آهي) پڻ جهڙيءَ طرح هو (يعني الله تعاليٰ) هن کان اڳي تنهنجي وڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي پنهنجي نعمت پوري ڪري چڪو آهي. تهڙيءَ طرح توتي ۽ يعقوب جي گهراڻي تي به نعمت پوري ڪندو. بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙولَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
جيڪي ماڻهو (سچيون حقيقتون) پڇندڙ هجن (۽ سمجهه رکندڙ هجن) تن جي لاءِ حضرت يوسف ۽ سندس ڀائرن جي معاملي ۾ (نصيحت ۽ عبرت جون) وڏيون نشانيون آهن.
— علامہ علي خان ابڙواِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
هيئن ٿيو جو (يوسف جا ويڳا ڀائر پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته اسان جي پيءُ کي يوسف ۽ سندس ڀاءٌ (بن يامين) اسان سڀني کان گهڻو وڌيڪ پيارا آهن. حالانڪ اسان هڪ پوري جماعت آهيون. (يعني اسان جو تعداد وڏو آهي.) يقيناً اسان جو پيءُ صريح غلطيءَ تي آهي.
— علامہ علي خان ابڙوۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
پوءِ (چڱي ڳالهه هيءَ آهي ته) يوسف کي ماري ڇڏيون يا ڪنهن جاءِ ۾ (ڪاڏي به) اڇلائي ڇڏيون. ته پوءِ اسان جي پيءُ جو توجهه (ڌيان ۽ پيار) رڳو اسان جي طرف رهي ۽ هن (يوسف) جي نڪري وڃڻ بعد اسان جا سڀ ڪم سنوارجي وڃن (يا اسان ان گناهه بعد صالح ٿيون ۽ اڳتي اهڙا ڪم نه ڪيون).
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
هنن مان هڪڙي چوندڙ چيو ته، يوسف کي قتل نه ڪيو. جيڪڏهن اوهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي ته ڪنهن اونهي کوهه جي تري ۾ کيس ڦٽو ڪيو. (واٽ ويندڙ قافلن مان) ڪوئي قافلو (ان وٽان لنگهندو ۽) کيس ڪڍي وٺندو.
— علامہ علي خان ابڙوقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
(اها صلاح ڪري سڀ گڏجي پيءُ وٽ ويا ۽) چيائون ته اي اسان جا بابا! ڇو توهان يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نٿا ڪيو؟ (۽ ڪاڏي به اسان سان گڏجي هلڻ نٿا ڏيو) حالانڪه اسان ته دل و جان سان سندس خير خواهه آهيون.
— علامہ علي خان ابڙواَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
سڀاڻي کيس اسان سان گڏ (ٻيلي ۾) وڃڻ ڏيو ته کائي پيئي مزا ماڻي ۽ راند روند ڪري. اسان سندس حفاظت جو ذمو ٿا کڻون.
— علامہ علي خان ابڙوقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
(پيءُ) چيو ته هيءَ ڳالهه مون کي غم ۾ ٿي وجهي ته توهان کيس پاڻ سان وٺي وڃو ۽ مان ڊڄان ٿو ته متان هيئن ٿئي جو کيس بگهڙ ماري کائي ۽ اوهان هن کان غافل رهو.
— علامہ علي خان ابڙوقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
هنن چيو ته، ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو بگهڙ کيس کائي وڃي، ۽ اسان جي هڪ وڏي ٽولي موجود هجي. جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ اسان ته نڪما ۽ بيڪار ثابت ٿينداسين. (يا نقصان هيٺ اينداسين).
— علامہ علي خان ابڙوفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
پوءِ جڏهن اهي ماڻهو (پيءُ کان موڪل وٺي) يوسف کي پاڻ سان وٺي ويا ۽ سڀني هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته کيس کوهه جي تري ۾ وڌو وڃي (۽ ائين ڪري گذريا) تڏهن اسان (يعني الله تعاليٰ) يوسف کي وحي موڪليو ته (نااميد نه ٿيءُ) هڪڙو ڏينهن ضرور اچڻو آهي جڏهن تون سندن هي معاملو کين ٻڌائيندين، ۽ هو نٿا ڄاڻن (ته آخر ڇا ٿيڻو آهي).
— علامہ علي خان ابڙووَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
۽ هو پنهنجي پيءُ وٽ شام جو رئندا پٽيندا آيا.
— علامہ علي خان ابڙوقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
چيائون ته، اي اسان جا بابا! اسان هڪ ٻئي سان ڊوڙون پڄائڻ ۾ لڳي وياسين، ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين، پوءِ هيئن ٿيو جو هڪڙو بگهڙ اچي نڪتو ۽ يوسف کي (ماري) کائي ويو. (اسان ڄاڻون ٿا ته) توهان اسان جي ڳالهه تي يقين نه ڪندؤ اگرچه اسان ڪيترو به سچا هجون.
— علامہ علي خان ابڙووَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت (ڪنهن ٻڪريءَ جو) لڳائي کڻي آيا. پيءُ (اهو ڏسي) چيو ته، نه (مان اها ڳالهه مڃي نٿو سگهان) هيءَ ته هڪڙي (هٿراڌو ٺاهيل) ڳالهه آهي، جا اوهان جي نفس اوهان کي سهڻي ڪري سيکاري آهي. (۽ توهان سمجهو ٿا ته ڪارگر چالاڪي ڪري چڪا آهيو) خير مونکي ته هاڻي صبر ئي ڪرڻو آهي. اهڙو صبر جو وڻندڙ هجي ۽ توهان جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ٿا تنهن بابت الله کان ئي مدد گهرڻي آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
پوءِ ڇا ٿيو جو هڪڙو قافلو (ان کوهه وٽان) لنگهيو ۽ قافلي وارن پاڻيءَ جي لاءِ پنهنجو پخالي موڪليو. پوءِ جيئن ئي هن پنهنجو ڏول لٽڪايو (۽ پاڻيءَ سان ڀريل سمجهي مٿي ڇڪيائين) تئين ئي (ڇا ڏسي ته هڪڙو جوان ڇوڪر ان ڏول ۾ ويٺو آهي ۽ هن) پڪاري چيو ته، ڪهڙي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي! هي ته هڪ جوان ڇوڪر آهي! ۽ قافلي وارن هن کي واپار جو سرمايو سمجهي لڪائي ڇڏيو (ته متان ڪو ان جي دعويٰ ڪري کسي نه وٺي) ۽ هو جيڪي ڪري رهيا هئا سو الله جي علم کان لڪل ڪونه هو.
— علامہ علي خان ابڙووَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
۽ (پوءِ) هنن يوسف کي تمام ٿورڙن پئسن تي، جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا درهم هئا. (مصر جي بازار ۾) وڪڻي ڇڏيو، ۽ هو هن معاملي ۾ (وڏي قيمت وٺڻ لاءِ ايترو) خواهشمند به نه هئا. (ڇو ته کين مفت ۾ ملي ويو هو).
— علامہ علي خان ابڙو