113 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ 1ۙ
(اي پيغمبر!) چئو ته، صبح جي (مالڪ ۽) پالڻهار جي پناهه ۾ اچان ٿو. (جيڪو سڄي مخلوق کي ان وقت پنهنجي پالڻهاريءَ جي ڀاڪر ۾ وٺي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙومِنْ شَرِّ مَا خَلَقَ 2ۙ
انهن جي بڇڙائيءَ کان (ان جي پناهه ۾ اچان ٿو) جن کي پيدا ڪيو اٿس.
— علامہ علي خان ابڙووَمِنْ شَرِّ غَاسِقٍ اِذَا وَقَبَ 3ۙ
۽ انڌيري رات جي بڇڙائيءَ کان جڏهن ڇانئجي وڃي ٿي. (جنهن ۾ حق جون مخالف قوتون ويهي سازشون تيار ڪن ٿيون.)
— علامہ علي خان ابڙووَمِنْ شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِي الْعُقَدِ 4ۙ
۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙ (مخالف قوتن) جي بڇڙائيءَ کان (جيڪي عقيدن ۽ ارادن کي غلط بياني ۽ پروپيگنڊا جي نفيس حيلن ذريعي بدلائڻ گهرن ٿيون.
— علامہ علي خان ابڙووَمِنْ شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ 5ۧ
۽ حسد ڪندڙ جي بڇڙائيءَ کان جڏهن حسد ڪري ٿو.
— علامہ علي خان ابڙو