011 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 123 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اُحْكِمَتْ اٰيٰتُهٗ ثُـمَّ فُصِّلَتْ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ خَبِيْرٍ 1ۙ
الف- لام- را. هي ڪتاب آهي جنهن جون آيتون (پنهنجي مطلبن ۽ دليلن ۾) مضبوط ڪيون ويون آهن. وري کولي کولي چٽيون ڪيون ويون آهن. هي (ڪتاب) ان جي طرف کان آهي جو وڏي حڪمت وارو ۽ سڀني ڳالهين جي خبر رکندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙواَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ اِنَّنِيْ لَكُمْ مِّنْهُ نَذِيْرٌ وَّبَشِيْرٌ 2ۙ
(ان قرآن جو اعلان ڇا آهي؟) اهو ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو. يقين رکو ته مان (رسول) سندس طرفان اوهان ڏانهن خبردار ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري پهچائڻ وارو آهيان.
— علامہ علي خان ابڙووَّاَنِ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ثُـمَّ تُوْبُوْٓا اِلَيْهِ يُمَتِّعْكُمْ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى وَّيُؤْتِ كُلَّ ذِيْ فَضْلٍ فَضْلَهٗ ۭ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنِّىْٓ اَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ كَبِيْرٍ 3
۽ هي (اعلان آهي) ته، پنهنجي پروردگار کان معافي گهرو ۽ ڏانهس موٽو. (ائين ڪندؤ ته) هو توهان کي هڪ مقرر وقت تائين زندگيءَ جي فائدن سان بلڪل چڱيءَ طرح نوازيندو ۽ (پنهنجي قانون مطابق) هرهڪ زياده (عمل) ڪرڻ واري کي سندس وڌيڪ ڪوشش جو اجر به ڏيندو. پر جيڪڏهن (خدا پرستي ۽ نيڪ عمليءَ کان) منهن موڙيندؤ ته مونکي ڊپ آهي ته توهان تي عذاب جو وڏو ڏينهن نه اچي وڃي.
— علامہ علي خان ابڙواِلَى اللّٰهِ مَرْجِعُكُمْ ۚ وَھُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 4
اوهان سڀني کي (آخر) الله ڏي ئي موٽڻو آهي ۽ سندس قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي.
— علامہ علي خان ابڙواَلَآ اِنَّھُمْ يَثْنُوْنَ صُدُوْرَھُمْ لِيَسْتَخْفُوْا مِنْهُ ۭ اَلَا حِيْنَ يَسْتَغْشُوْنَ ثِيَابَھُمْ ۙ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّوْنَ وَمَا يُعْلِنُوْنَ ۚ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 5
(اي پيغمبر!) تون ٻڌي ڇڏ ته، هي ماڻهو پنهنجي سينن کي ڍڪي ويڙهي ٿا ڇڏين، انهيءَ لاءِ ته الله کان لڪن (يعني پنهنجي دلين جون ڳالهيون لڪائين ٿا) پر ياد رکن ته (انسان جي ڪابه ڳالهه خدا کان لڪل ناهي) اهي ماڻهو جڏهن پنهنجا سڀ ڪپڙا پنهنجي مٿان وجهي ڇڏن (تڏهن به لڪي نٿا سگهن). جيڪي هو لڪي لڪي ڪن ۽ جيڪي ظاهرظهور ڪن ٿا سو سڀ الله کي معلوم آهي. هو ته سينن (يعني دلين) جا ڳجهه به ڄاڻندڙ آهي.
— علامہ علي خان ابڙووَمَا مِنْ دَاۗبَّةٍ فِي الْاَرْضِ اِلَّا عَلَي اللّٰهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَــقَرَّهَا وَمُسْـتَوْدَعَهَا ۭ كُلٌّ فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ 6
۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ساهدار ڪونهي جنهن جي روزيءَ جو انتظام الله تي نه هجي ۽ هو نه ڄاڻندو هجي ته سندس رهڻ جي جاءِ ڪٿي آهي، جنهن کي آخر سندس وجود سونپيو ويندو (يعني ڪٿي مرندو وغيره) اهو سڀ ڪجهه ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي. (يعني الله تعاليٰ کي چڱيءَ طرح معلوم آهي.)
— علامہ علي خان ابڙووَهُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ وَّكَانَ عَرْشُهٗ عَلَي الْمَاۗءِ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَلَىِٕنْ قُلْتَ اِنَّكُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ مِنْۢ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُوْلَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 7
۽ اهوئي آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ايامن ۾ پيدا ڪيو ۽ سندس (حڪومت جي) تخت جي فرمانروائي پاڻيءَ تي هئي ۽ هن لاءِ پيدا ڪيائين ته توهان انسانن کي آزمائي ۽ هيءَ ڳالهه ظاهر ٿي پوي ته ڪير عمل ۾ بهتر آهي. ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي چئين ته توهان کي مرڻ بعد اٿاريو ويندو ته پوءِ جيڪي ماڻهو منڪر آهن سي ضرور چوندا ته هي ته (ڪوڙيون) جادوءَ جهڙيون ڳالهيون آهن.
— علامہ علي خان ابڙووَلَىِٕنْ اَخَّرْنَا عَنْهُمُ الْعَذَابَ اِلٰٓى اُمَّةٍ مَّعْدُوْدَةٍ لَّيَقُوْلُنَّ مَا يَحْبِسُهٗ ۭ اَلَا يَوْمَ يَاْتِيْهِمْ لَيْسَ مَصْرُوْفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 8ۧ
۽ جيڪڏهن اسان هنن تان هڪ مقرر وقت تائين عذاب کي ٽاري رکون ته هو ضرور چوندا ته ڪهڙي ڳالهه آهي جا ان عذاب کي روڪي رهي آهي. سو ٻڌي ڇڏيو ته جنهن ڏينهن مٿن عذاب ايندو تنهن ڏينهن پوءِ ڪنهن جي به ٽارڻ سان ٽري ڪونه سگهندو ۽ جنهن ڳالهه تي اهي مسخريون ڪري رهيا آهن سان ضرور مٿن اچي ڪڙڪندي.
— علامہ علي خان ابڙووَلَىِٕنْ اَذَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنَّا رَحْـمَةً ثُـمَّ نَزَعْنٰهَا مِنْهُ ۚ اِنَّهٗ لَيَـــُٔــوْسٌ كَفُوْرٌ 9
۽ جيڪڏهن اسان انسان کي پاڻ وٽان رحمت جو مزو چکايون ٿا (يعني ڪا نعمت بخشيون ٿا) ۽ وري اها هٽائي ڇڏيون ٿا ته هو هڪدم مايوس ۽ ناشڪر ٿي وڃي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙووَلَىِٕنْ اَذَقْنٰهُ نَعْمَاۗءَ بَعْدَ ضَرَّاۗءَ مَسَّتْهُ لَيَقُوْلَنَّ ذَهَبَ السَّـيِّاٰتُ عَنِّيْ ۭ اِنَّهٗ لَفَرِحٌ فَخُــوْرٌ 10
۽ جيڪڏهن کيس ڏک پهچي ٿو ۽ ان بعد کيس راحت جو مزو ٿا چکايون ٿا ته پوءِ (هڪدم غافل ٿي وڃي ٿو ۽) چوي ٿو ته هاڻي خرابيون مون کان ڀڄي ويون (هاڻي ڪهڙو غم آهي) حقيقت هيءَ آهي ته انسان (ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي) خوشيءَ ۾ ڀرجي وڃي ٿو ۽ ٻٽاڪون هڻڻ لڳي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙواِلَّا الَّذِيْنَ صَبَرُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 11
پر جيڪي ماڻهو صبر ڪن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا تن جو اهو حال ناهي، انهن لاءِ بخشش آهي ۽ تمام وڏو اجر به آهي.
— علامہ علي خان ابڙوفَلَعَلَّكَ تَارِكٌۢ بَعْضَ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ وَضَاۗىِٕقٌۢ بِهٖ صَدْرُكَ اَنْ يَّقُوْلُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ جَاۗءَ مَعَهٗ مَلَكٌ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ نَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ وَّكِيْلٌ ۭ12
پوءِ (اي پيغمبر!) تون هيئن ڪندين ڇا ته جيڪو وحي تو ڏي موڪليو ويو آهي، تنهن مان ڪجهه ڳالهيون ڇڏي ڏيندين ۽ ان سبب پنهنجي دل کي ڏک پهچائيندين؟ هن ڪري جو اهي ماڻهو چون ٿا ته هن ماڻهوءَ (حضرت جن) تي ڪو خزانو (آسمان مان) ڇو نه ٿو لهي اچي يا هن سان گڏ هڪڙو فرشتو ڇو نه ٿو کڙو رهي. (نه، انهن ڳالهين جي ڪري توکي غمگين ٿيڻ نه گهرجي) تنهنجي پوزيشن (منصب) هن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ته تون (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪرڻ وارو آهين. (توتي اها ذميواري ڪانهي ته ماڻهو تنهنجيون ڳالهيون مڃين) ۽ هر شيء تي الله ئي نگهبان آهي.
— علامہ علي خان ابڙواَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ فَاْتُوْا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِهٖ مُفْتَرَيٰتٍ وَّادْعُوْا مَنِ اسْتَطَعْتُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 13
پوءِ اهي ماڻهو هيئن ٿا چون ڇا ته، هن ماڻهوءَ (يعني حضرت جن) قرآن پنهنجي دل مان ٺاهيو آهي. (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، جيڪڏهن توهان پنهنجي انهيءَ ڳالهه ۾ سچا آهيو ته اهڙيون ڏهه سورتون ٺاهي پيش ڪريو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي به توهان پڪاري سگهو ٿا تنهن کي (ان ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ) پڪاري وٺو.
— علامہ علي خان ابڙوفَاِنْ لَّمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَكُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّـمَآ اُنْزِلَ بِعِلْمِ اللّٰهِ وَاَنْ لَّآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَهَلْ اَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ 14
پوءِ جيڪڏهن (توهان جا ٺهرايل معبود) توهان جي پڪار جو جواب نه ڏين (۽ توهان اهڙيون سورتون نه ٺاهي سگهو) ته توهان سمجهي ڇڏيو ته قرآن الله ئي جي علم سان نازل ٿيو آهي. ۽ هيءَ ڳالهه به حق آهي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، هاڻي ٻڌايو ته، توهان اها ڳالهه قبول ڪيو ٿا ۽ الله جي فرمانبرداري ڪيو ٿا يا نه؟
— علامہ علي خان ابڙومَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا وَزِيْنَتَهَا نُوَفِّ اِلَيْهِمْ اَعْـمَالَهُمْ فِيْهَا وَهُمْ فِيْهَا لَا يُبْخَسُوْنَ 15
جيڪو (فقط) دنيا جي زندگي ۽ ان جي زينت چاهي ٿو تنهن لاءِ (اسان جو قانون هي آهي ته) سندس ڪوشش ۽ عمل جا نتيجا هتي (هن دنيا ۾) پورا پورا ڏئي ڇڏيون ٿا ۽ هن لاءِ هن دنيا ۾ ڪجهه به گهٽتائي ڪانه ٿي ڪئي وڃي.
— علامہ علي خان ابڙواُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَيْسَ لَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ اِلَّا النَّارُ ڮ وَحَبِطَ مَا صَنَعُوْا فِيْهَا وَبٰطِلٌ مَّا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 16
پر (ياد رکو ته) هي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت (جي زندگيءَ) ۾ (دوزخ جي) باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو. (ڇو ته هو حقيقتن کان منڪر ٿي گناه جا ڪم به ڪندا هئا). جيڪي به هنن دنيا ۾ ٺاهيو سو سڀ ضايع ٿي ويندو ۽ جيڪي عمل هو ڪندا رهيا آهن سي نابود ٿي ويندا.
— علامہ علي خان ابڙواَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ وَيَتْلُوْهُ شَاهِدٌ مِّنْهُ وَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِهٖ مِنَ الْاَحْزَابِ فَالنَّارُ مَوْعِدُهٗ ۚ فَلَا تَكُ فِيْ مِرْيَةٍ مِّنْهُ ۤ اِنَّهُ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّكَ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 17
وري ڏسو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي پروردگار جي طرف کان هڪڙو روشن دليل رکندڙ هجي (يعني وجدان ۽ عقل جو فيصلو) ۽ ان سان گڏ هڪڙو شاهد به هن جي طرف کان اچي ويو هجي (يعني الله جو وحي) ۽ ان کان اڳي حضرت موسيٰ جو ڪتاب جو رهنمائي ڪندڙ ۽ سراسر رحمت هو سو به اچي چڪو هجي (۽ تصديق ڪندڙ هجي ته پوءِ به اهڙا ماڻهو انڪار ڪري ٿا سگهن ڇا؟ نه) هي ماڻهو مٿس ايمان آڻين ٿا ۽ (ملڪ جي مختلف) ٽولين مان جيڪي به ان جا منڪر ٿيا تن بابت يقين رکو ته انهن لاءِ (دوزخ جي) باه ئي (ٺڪاڻو) آهي، جنهن جي کين واعدو ڪيو ويو آهي. پوءِ (اي پيغمبر!) تون ان باري ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ نه آڻ. (يعني قرآن جي دعوت جي ڪاميابي بابت ڪنهن به طرح جو شڪ نه ڪجانءِ) اهو تنهنجي پروردگار جي طرف کان حق ئي حق آهي، پر (افسوس! هيئن ٿو ٿئي جو) اڪثر ماڻهو (سچائيءَ تي) ايمان نٿا آڻين.
— علامہ علي خان ابڙووَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُعْرَضُوْنَ عَلٰي رَبِّهِمْ وَيَقُوْلُ الْاَشْهَادُ هٰٓؤُلَاۗءِ الَّذِيْنَ كَذَبُوْا عَلٰي رَبِّهِمْ ۚ اَلَا لَعْنَةُ اللّٰهِ عَلَي الظّٰلِمِيْنَ ۙ18
۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو ڪوڙ ڳالهائي خدا تي بهتان لڳائي، جيڪي ائين ڪري رهيا آهن، سي پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ ان وقت شاهد شاهدي ڏيندا ته هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار تي ڪوڙ هنيو هو. سو ٻڌي ڇڏيو ته انهن ظالمن تي الله جي لعنت آهي.
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْنَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَيَبْغُوْنَهَا عِوَجًا ۭ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 19
جيڪي الله جي راه کان سندس بندن کي روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان ۾ ور وڪڙ ۽ ڏنگائي پيدا ڪن ۽ جي آخرت جا به منڪر آهن.
— علامہ علي خان ابڙواُولٰۗىِٕكَ لَمْ يَكُوْنُوْا مُعْجِزِيْنَ فِي الْاَرْضِ وَمَا كَانَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ ۘ يُضٰعَفُ لَهُمُ الْعَذَابُ ۭ مَا كَانُوْا يَسْتَطِيْعُوْنَ السَّمْعَ وَمَا كَانُوْا يُبْصِرُوْنَ 20
اهي ماڻهو نڪي زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا آهن (يعني الله جي ڪمن کي روڪي ڪين سگهندا) نڪي الله کان سواءِ انهن جو ڪوئي ڪارساز آهي. انهن کي ٻيڻو عذاب ٿيندو. (ڇو ته سندن سرڪشي ۽ ضديت اهڙي ته هئي جو) نڪي حق جي ڳالهه ٻڌي سگهندا هئا، نڪي (حقيقت جي روشني) ڏسي سگهندا هئا.
— علامہ علي خان ابڙو