107 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 7 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
اَرَءَيْتَ الَّذِيْ يُكَذِّبُ بِالدِّيْنِ 1ۭ
(اي پيغمبر!) ڇا تو ان کي ڏٺو جو (زبان سان ته اطاعت جو اقرار ڪري ٿو، پر عملن جي) بدلي ملڻ واري ڏينهن کي ڪوڙو ڪري ٿو.
— علامہ علي خان ابڙوفَذٰلِكَ الَّذِيْ يَدُعُّ الْيَتِيْمَ 2ۙ
پوءِ هي (اطاعت جو ڪوڙو دعويدار ۽ بدلي جي ڏينهن جو منڪر) اهو آهي، جيڪو يتيم (جون ضرورتون پوريون ڪرڻ بجاءِ ان) کي لوڌي ٿو.
— علامہ علي خان ابڙووَلَا يَحُضُّ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ 3ۭ
۽ مسڪين کي (پاڻ به کاڌو نٿو کارائي ۽ ٻين کي به) کاڌي کارائڻ جي رغبت نه ٿو ڏي.
— علامہ علي خان ابڙوفَوَيْلٌ لِّلْمُصَلِّيْنَ 4ۙ
(انسانيت جي ڪمن ۾ کٽل اهو ماڻهو پاڻ کي ديندار ظاهر ڪرڻ لاءِ بنا اخلاص واري نمازن تي زور ٿو ڏئي) پوءِ ويل انهن نمازين لاءِ هجي.
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْنَ هُمْ عَنْ صَلَاتِهِمْ سَاهُوْنَ 5ۙ
جيڪي پنهنجيءَ نماز (جي روح ۽ مقصد) کان غافل آهن.
— علامہ علي خان ابڙوالَّذِيْنَ هُمْ يُرَاۗءُوْنَ 6ۙ
جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا. (نمازون هن لاءِ پڙهن ٿا ته، پاڻ کي ٺلهي دينداري جو دلبو ڏين ۽ ماڻهو انهن کي نيڪ نمازي چون).
— علامہ علي خان ابڙووَيَمْنَعُوْنَ الْمَاعُوْنَ 7ۧ
(ساڳي وقت هوڏانهن سندن حالت هيءَ آهي جو ضرورت جي عام ۽ معمولي) نه روڪڻ جهڙين شين (کي به ٻين کان) روڪين ٿا.
— علامہ علي خان ابڙو