103 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 3 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
ائين چيو اللہ
مُترجم: علامہ علي خان ابڙو
103:1
وَالْعَصْرِ 1ۙ
زماني جو (هر) دور شاهد آهي،
— علامہ علي خان ابڙو
103:2
اِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِيْ خُسْرٍ 2ۙ
ته بيشڪ انسان (فرد جي حيثيت ۾ توڙي جماعت جي حيثيت ۾ پهنجي مقصدن ماڻڻ ۾) وڏي نقصان ۾ رهيو آهي.
— علامہ علي خان ابڙو
103:3
اِلَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَتَوَاصَوْا بِالْـحَقِّ ڏ وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ 3ۧ
پر انهن ماڻهن کان سواءِ جن (خدا جي عطا ڪيل حياتيءَ جي طريقي کي مڃي) ايمان آندو ۽ (پوءِ ان طريقي مطابق) چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق (جي واٽ اختيار ڪرڻ) جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي (ان واٽ تي) ثابت قدم رهڻ جي نصيحت ڪئي.
— علامہ علي خان ابڙو