098 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
لَمْ يَكُنِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ مُنْفَكِّيْنَ حَتّٰى تَاْتِيَهُمُ الْبَيِّنَةُ 1ۙ
اهلِ ڪتاب (يهودي ۽ نصاريٰ) ۽ مشرڪ (بُت پرست) پنهنجي مذهب کي ڇڏيندڙ نه هئا ايستائين جو انهن وٽ واضح دليل نه اچي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديرَسُوْلٌ مِّنَ اللّٰهِ يَتْلُوْا صُحُفًا مُّطَهَّرَةً 2ۙ
(يعنى) اهو رسول الله (ﷺ) جيڪو (انهن تي) پاڪ صحيفا پڙهي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفِيْهَا كُتُبٌ قَيِّمَةٌ 3ۭ
انهن ۾ انصاف واري لکت آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَا تَفَرَّقَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَتْهُمُ الْبَيِّنَةُ 4ۭ
۽ نه فرقه بندي ڪئي اهلِ ڪتاب مگر ان کان پوءِ جو انهن وٽ واضح دليل پهتا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَآ اُمِرُوْٓا اِلَّا لِيَعْبُدُوا اللّٰهَ مُخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ ڏ حُنَفَاۗءَ وَيُقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوا الزَّكٰوةَ وَذٰلِكَ دِيْنُ الْقَيِّمَةِ 5ۭ
۽ انهن کي نه حڪم ڪيو ويو مگر اهو ته اهي خالص عقيدي سان الله تعالى جي عبادت ڪن، (ٻين دينن کي ڇڏي) فقط دينِ اسلام ڏانهن مائل هجن ۽ نماز پڙهن ۽ زڪوات ڏين ۽ اهو دين سڌو دين آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ فِيْ نَارِ جَهَنَّمَ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ شَرُّ الْبَرِيَّةِ 6ۭ
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهلِ ڪتاب مان ۽ مشرڪن مان، اهي سڀ هميشه جهنم جي باه ۾ هوندا، اهي ئي سموري مخلوق کان وڌيڪ خراب آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ 7ۭ
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا، اهي ئي سموري مخلوق کان وڌيڪ بهتر آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديجَزَاۗؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَشِيَ رَبَّهٗ 8ۧ
انهن جي جزا انهن جي رب وٽ آهي اهي باغن ۾ رهندا جن جي هيٺان نهرون وهنديون اهي هميشه انهيءَ ۾ رهندا، الله تعالى انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا، اها جزا ان ماڻهو جي آهي جيڪو پنهنجي رب کان ڊڄي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي